لوڪ ساھت جا رنگ ۽ سانوڻي رت جا تھوار

0
30
شھر-مٺي-جو-علمي-ادبي-۽-تاريخي-پسمنظر-2

   هونئن ته هر موسم  جي پنهنجي اھميت ۽ پنهنجو رنگ آهي پر سانوڻي مند (سانوڻي رت) جو پنهنجو هڪ الڳ رنگ آهي.ھي اھا مند آهي جنهن ۾ فطرت جا سمورا رنگ نمايان نظر ايندا آهن .ھن مند ۾ڪيترائي تھوار پڻ ملھايا ويندا آهن.جن کي “سانوڻي جا تھوار ”پڻ سڏيو ويندو آهي.گذريل ڪجهه ڏينهن کان اھي تھوار شروع پڻ ٿي چڪا آهن.جيتوڻيڪ انھن تھوارن کي ھندو جاتي جا ماڻهو مذهبي فلسفي تحت ملھائيندا آهن پر در حقيقت ھي تھوار ثقافتي ۽ موسمي حوالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿا. ھي ڌرتي جا اھي تھوار آهن جنهن ۾ ثقافتي لوڪ ساھت ۽ لوڪ رنگن جي جھلڪ نمايان نظر ايندي آهي. سنڌ ۾ انهن تھوارن کي شاندار روايتن ثقافتي قدرن۽ لوڪ رنگن جي تسلسل ۾  ملھايو ويندو آهي.سانوڻي مند جو بنياد“چوماسي برساتن”سان سلھاڙيل ھوندو آهي سانوڻي مند(رت) جي چار مھينن جي “چوماسي برساتن” جي تاريخي ۽ جاگرافي طور تي پڻ وڏي اھميت رھي آهي.ھن مند ۾ “سانوڻي جا دلڪش منظر ”پڻ پسي سگهجن ٿا.سانوڻي مند جي فطرت ۽ جمالياتي حسن جو پنهنجو ھڪ الڳ رنگ آهي ۽ انھي رنگ کي مختلف شاعرن پنهنجي ٻولي ۾خوبصورتي سان ڳايو پڻ آهي.ھن رت ۾ ھمرچي، راسوڙي، ٽيج ڪجليي ۽ ورساڙي جھڙا لوڪ گيت ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. لطيف کان وٺي شيخ اياز تائين سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن سانوڻي مند جي منظرن ۽ لوڪ رنگن کي پنهنجي شاعري ۾ پڻ سمويو آهي. اياز ته پنهنجي شاعري ۾ انھن سانوڻي مند جي فطري رنگن کي نواڻ پڻ  ڏني.شيخ اياز جي شاعريءَ جو ھي ڪمال آهي جو اياز جي گيتن منجهھ سانوڻي مند جا سمورا ثقافتي منظر اکين ۾ اوتجي وڃن ٿا. شيخ اياز سانوڻي تھوارن ھمرچن ۽ راسوڙن کي پنهنجي زندگي ۾ ڪين وساري سگھيو ھو .سانوڻي مند جي تھوارن کي ياد ڪندي اياز ھي سٽون پڻ تخليق ڪيون ھيون ته

ڇم ڇم ڪري ڇيڳري راسوڙي جي رات

پايل آندي پارڪر گيت ڏنا گجرات

منهنجي من جي مات ڪنهن ڄاتو ڪھڙي ھئي .

سانوڻي مند ۾ ملھائجندڙ سمورا تهوار وسڪاري جي لوڪ رنگن کي اُڀاريندا آهن.هيل سانوڻي جا تهوار  شروع ٿي چڪا آهن.۽سانوڻ مهيني جي  انهن مکيه تهوارن ۾ رڪشا ٻنڌڻ، ٽيج، ٿڌڙي ۽ جنم اشٽميءَ جا تهوار اچي وڃن ٿا.

رڪشا ٻنڌڻ؛

ھي تھوار ڀيڻ ڀاءَ جي پويتر محبت (رشتي )جي علامت طور ليکيو وڃي ٿو. ھن تھوار جي موقعي تي ڀينرون پنهنجن ڀائرن کي “راکي” ٻڌنديون آهن ۽ ڀائرن جي وڏي عمر لاءِ دعا گھرنديون آهن.بدلي ۾ سندس ڀاءَ پنهنجي ڀيڻ جي حفاظت ۽ محبت جو وچن ڪندا آهن.

ٽيج؛

سانوڻي تھوارن ۾ ٽيج جي تھوار جوثقافتي ۽ لوڪ ساھت جي حوالي سان پنهنجي ھڪ الڳ اھميت رھي آهي انھي ڪري اھو تھوار سڀن کان نيارو ليکيو ويندو آهي .ھن تهوار تي ناريون “ ٽيج جو ورت” رکنديون آهن. ھن تھوار تي ناريون ھار سينگار ڪري سانوڻي جا گيت پڻ ڳائينديون آهن. ڪجهه گيت هن ريت پڻ آهن.

سرامڻ ستراهن ڏينهن، آوي نويلي ٽيج،

تون برسي پرديس ڀريا، مين اوپر بيج،

انهي تهوار تي ناريون پيئرن جي گھر هونديون آهن ۽ پنهنجي محبوب يا وَرَ کي ساريندي ايئن چونديون آهن ته:

مور تو جھينگور ٻولي، مور ٻولي بن ۾،

ٽيج رو تون نه آيو ڍولا، ڌوڙ تانهنجي  ڌن ۾.

انھي تھوار جي موقعي تي چڻن جي دال جي اٽي مان مٺو ماڃيٺو(جنهن کي مقامي ٻولي ۾ ستونءَ چئبو آهي )ٺاھيو ويندو آھي ۽ انھي ستونءَ کي اڪ جي پڙي تي رکي ٽيج جي تھوار جو  سنئوڻ ساٺ ڪيو ويندو آهي.ٽيج جي تھوار جي موقعي تي وڻن ۾ لوڏون ٻڌجن ٿيون سرامڻ جا گيت گونجن ٿا ۽ خوشين جا رنگ نکرن ٿا

ٿڌڙي؛

ٽيج جي چوٿين ڏينهن ٿڌڙي جو تهوار ملهايو ويندو آهي. انهي تهوار ملهائڻ جو پنهنجو الڳ لوڪ رنگ آهي، ٿڌڙي جي تهوار جي موقعي تي مٺا لولا ۽ ٿڌو پچايو ويندو آهي بعد ۾ پوڄا پاٽ ڪرڻ کان پوءِ ناريون  ڀلي وسڪاري خوشحالي ۽ سرسبزي جي سنئوڻ خاطر انهي رات واري پچايل کاڌي (ٿڌي ماني ۽ مٺن لولن) کي ترائين ۾ (پاڻي )تاريو ويندو آهي.سنڌ جي ٻھراڙين خاص طور تي ٿر جي ڳوٺن ۾ اهي روايتون اڄ به پڻ موجود آهن. سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ٿڌڙي جي تهوار کي لوڪ رنگن ۾ ڏٺو آهي سندس هي شعر لوڪ رنگن جي اپٽارڪري ٿو:

ٿڌڙي جي رات، ٿر ۾ ڪيئي ڪولهڻيون،

تاڙيون وڳيون اوچتو چيري چپ چپاٽ،

آئي تنهنجي بات، راسوڙا رُڪجي ويا.

جنم اشٽمي؛

ٿڌڙي جي ٻئي ڏهاڙي جنم اشٽمي جو تهوار يعني “شري ڪرشن” جو جنم ڏڻ ملهايو ويندو آهي. ڪرشن جو جنم وٺڻ ۽ پاپ کي ناس ڪرڻ جو فلسفو هر ماڻهو ڄاڻي ٿو. ڪرشن پنهنجي مامي راجا ڪنس جي راڄڌاني مٿرا نگري جي جيل خاني جي اونداهي ڪوٺڙي ۾ جنم ورتو هو. راجا ڪنس ته مها پاپي هو، جنهن پنهنجي ڀيڻ ديوڪي کي قيد ڪيو هو ۽ انهي جا ست ٻار ماري ڇڏيا هئا، پر اٺون ٻار اهو ڪرشن هو جنهن راجا ڪنس جو انت آندو هو. جنم اشٽمي جي تهوار جي موقعي تي ڪولهين پاران لوڪ ناچ “راسوڙو” ڳايو ويندو آهي. شيخ اياز راسوڙي بابت لکي ٿو ته: “ڪولهين جو لوڪ ناچ راسوڙو اصل ۾ بندرا بن جي گوپين ۽ ڪرشن جي ناچ “راس ليلا” جو هڪ روپ آهي، جيڪو گجرات، راجستان، ڪاٺياواڙ، کان ٿيندو ٿر پهتو.” ڪرشن جي جنم ڏينهن تي ڪرشن جي مورتي ٺاهي (جنهن کي ڪانهوڙو چوندا آهن) انهي جي چوڌاري دهل جي لئي ۽ تال تي ڪولهي ناريون ۽ نوجوان نچندا آهن، انهي کي “راسوڙو” چئبو آهي. جنم اشٽمي سميت سانوڻي جا سمورا تهوار اسان جي لوڪ روايتن جي اپٽار پڻ ڪن ٿا.انھن تھوارن جي اھميت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ھي سمورا تھوار اسان جي لوڪ ساھت ۽ ثقافت جو عڪس ۽ اولڙو آهن.