ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۾ 11هين گريڊ جي يوسي سيڪريٽرين جا جعلي آفر آرڊر جاري ٿيڻ جو اسڪينڊل ظاهر، لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري جي مبينا صحيح ۽ سرڪاري اسٽيمپ سان جي جاري ٿيل آفر آرڊرز کي اختيارين جعلي قرار ڏئي ڇڏيو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ پڙهيل لکيل بيروزگار نوجوانن سان سرڪاري نوڪرين لاءِ مذاق جاري آهي، سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۾ 11هين گريڊ جي يوسي سيڪريٽرين جي 960 خالي جاين تي ڀرتين وارو عمل عدالتي اسٽي سبب رُڪجي وڃڻ باوجود يوسي سيڪريٽرين جا جعلي آفر آرڊر جاري ٿيڻ جو وڏو اسڪينڊل ظاهر ٿيو آهي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب يوسي سيڪريٽرين جي انٽرويو واري مرحلي ۾ ئي اميدوارن جا آفر آرڊر تيار ڪيا ويا هئا، جيڪي ليڪ ٿي منظر عام تي اچي ويا آهن. ”پنهنجي اخبار“ کي هٿ آيل هڪ يوسي سيڪريٽري جو آفر آرڊر 15 آگسٽ تي جاري ٿيل ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته آفر آرڊر تي بار ڪوڊ، سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جو اسٽيمپ توڙي سيڪريٽري جي صحيح به موجود آهي، ٻئي طرف لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين پاران جاري ٿيل آرڊر ڪوڙو قرار ڏنو ويو آهي، ان ڏس ۾ اختيارين جو چوڻ آهي ته اهڙا آفر آرڊر جعلي آهن، هوڏانهن لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين پاران جعلي قرار ڏنل آفر آرڊرن بابت ڪنهن به قِسم جي انڪوائري ڪاميٽي پڻ جوڙي ناهي وئي، جنهن ڪري يوسي سيڪريٽري طور لکت واري امتحان ۽ انٽرويوز ۾ ويهندڙ اميدوار سخت پريشان آهن.