لوڪل باڊي اليڪشن ڇا پئي ٻڌائي؟

0
50
لوڪل باڊي اليڪشن ڇا پئي ٻڌائي؟

 سنڌ ۾ لوڪل باڊي اليڪشن جو ٻيو مرحلو ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ 15 جنوري 2023ع تي ٿي گذريو. سنڌ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم پوري پوري ڪوشش ڪئي ته مقرر تاريخ تي اليڪشن نه ٿئي اسان سڀني کي اها ڄاڻ آهي ته اليڪشن نه ڪرائڻ جا يا روڪائڻ جا ٻنهي وٽ ڪهڙا سبب ۽ ڪارڻ هئا. سنڌ حڪومت پنهنجي اتحادي ڊارلنگ ايم ڪيو ايم کي ڪنهن به صورت ۾ ناراض نه ڪرڻ پئي چاهيو تنهن ڪري گھڻي ٽال مٽول کان ڪم ورتو ويو پر اليڪشن ڪميشن ، اليڪشن ڪرائڻ جو پنهنجو اصولي فيصلو برقرار رکندي پوئتي نه هٽي. ايم ڪيو ايم جي واويلا اها هئي ته پنجاھه کان ستر يونين ڪائونسلون ڊي لمٽيشن ۾ گھٽايون ويون آهن تنهن ڪري انهن جي بحالي کان سواءِ مينڊٽ هنن جي حق ۾ نٿو اچي سگھي انهيءَ ڪري هنن اليڪشن جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو. جنهن کان پوءِ ڪراچي جو نتيجو جيڪو گھڻو ڀاڱي جماعت اسلامي جي حق ۾ نظر  ٿي  آيو انهيءَ ۾ ڪافي حيرتناڪ حد تائين تبديلي نظر آئي جو 235 يوسيز تي ٿيل مڪاني چونڊن جا نتيجا ( 10 يوسيز تي اليڪشن نه ڪرائي وئي جو انهن ۾ اميدوارن مان ڪنهن نه ڪنهن جي  فوتگي ٿي وئي هئي) پر اليڪشن ڪميشن طرفان اعلان  مطابق نتيجا هي آيا ته 93 سيٽون پ پ پ، جماعت اسلامي 86 ، پي ٽي آئي 40 ، ن ليگ 7 ، جي يو آئي 3 ، پي ايل پي 2 ، آزاد 3 ، ايم ڪيو ايم حقيقي 1 سيٽ کٽي. انهيءَ ۾ اڃان گھٽ وڌائي جا امڪان رد نٿا ڪري سگھجن ڇو ته ري ڪائونٽنگ پراسيس گھٽ وڌائي ڪري سگھي ٿو. حيدرآباد  جي چونڊ ۾ پ پ پ 160 يونين ڪاميٽز مان 94 تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي اتي به پي ٽي آئي 41 سيٽون کڻي سگھي 15 آزاد اميدوار کٽي آيا ۽ جماعت اسلامي کي 1 سيٽ ملي آهي 7 يونين ڪائونسلن جا نتيجا اڃان نه اچي سگھيا آهن

(ممڪن آهي ته هن مضمون پڙهڻ جي دوران اهي نتيجا به اچي وڃن ) پوري سنڌ ۾ هن ٻئي مرحلي جي پوري ٿيڻ کان پوءِ هاڻي لوڪل باڊيز چونڊيل نمائندن جي حوالي ٿيندي بحال ٿي ويندي. ڪير ڪهڙي ۽ ڪيتري خدمت ٿو ڪري انهيءَ کي سمجھڻ ۽ اندازو لڳائڻ ڪنهن به صورت ۾ ڏکيو ناهي ڇو ته تمام پارٽين جو رڪارڊ اسان جي اڳيان موجود آهي. ڪهڙي پارٽي ۾ ڪيترو ڊسپلين آهي ڪهڙي پارٽي عوام جي خدمت ۾ پنهنجو نظرياتي ۽ اخلاقي اصول رکي ٿي ڪهڙي پارٽي ۾ ڪمائڻ ۽ عهدن کي پنهنجي طاقت لاءِ استعمال ڪرڻ جو تصور ۽ گھمنڊ موجود آهي انهيءَ کي سمجھڻ ڪنهن به صورت ۾ ڏکيو ناهي، ڇو ته ڪنهن به اليڪشن کان پوءِ حڪومت يا اپوزيشن ۾ ايندڙ پارٽيون ، فرد پنهنجو ڪردار نظريي ۽ سياسي اخلاقياتي جي بنياد تي نڀائيندا آهن. هن لوڪل باڊي اليڪشن ۾ هي سوال اڪثر سوچيندڙ ذهنن کي ڌوڏي رهيو آهي ته ان پارٽي کي عوامي مينڊيٽ يعني عوام جو ووٽ ڇو ٿو ملي جنهن جي ڪارڪردگي پوئين چوڏهن سالن کان بهتر ناهي رهي. خاص ڪري هن پارٽي جي اندر رهندڙ بااثر فرد چونڊيل نمائيندا جيڪي اقربا پروري هڪ ٻئي کي نوازڻ حڪومتي وسيلن جو بي دريغ استعمال ڪرڻ ته پنهنجي جاءِ تي آهي ئي پر سنڌ ۾ وڌ کان وڌ عوام کي امن ۽ امان جي سوال بد کان بدتر طريقي سان پريشان ڪيو آهي. حڪومت جي رٽ مٺ جيترن ڏوهارين کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ به نظر نٿي اچي، اڻ سڌي طرح سان نه پر سڌي طرح سان ڏوهارين ۽ بااثرن جي انارڪي نظر پئي اچي. انهيءَ جو نتيجو آهي جو پوري مارڪيٽ ۾ واپارين ۽ دوڪاندارن جي من موجي عروج تي آهي ڪٿي به قيمتن جو ڪنٽرول نظر نٿو اچي ۽ نه وري ڪوالٽي جو ڪنٽرول آهي. عوام سنڌ حڪومت جي ڪنهن به اداري کان خاص ڪري شماريات جي ادارن کان معلوم ڪندئو ته صرف ڌڪي بازي وارا انگ اکر ٻڌايا ويندا ڪنهن به ضلعي جي اندر ضلعي انتظاميا کي ڪا خبر ئي ناهي ته واپارين جي گدامن ۾ ڪهڙو سامان ۽ ڪيتري مقدار ۾ جمع ڪيل آهي. انتظاميا صرف ۽ صرف پنهنجي خانا پوري ڪرڻ جي لاءِ ٺڙڪ ٺڳي تي انگ اکر ٻڌائيندي جنهن ڪري قيمتن ۾ ڪو به ٺهراءُ نظر نٿو اچي. پاڻ اهو ورجاءُ ڪريون ئي ڪو نه پيا ته اٽي جي ملن کي سبسڊي جي نالي تي جيڪي ڪروڙين روپيا ڏنا ٿا وڃن انهن جي نه آڊٽ ٿي ٿئي نه ڪا ڄاڻ ئي آهي. خود ضلعي انتظاميا ڪنهن به مل واري کان يعني جنهن کي سبسڊي ڏنل آهي پڇا ڪرڻ جي همت نٿي ڪري ته عوام کي سستو اٽو هنن ڏنو ته ڪيترو ڏنو؟ بس سڀ ڪجھه هلي پيو. علاج ۽ تعليم جو حشر بد کان بدتر آهي اهڙي صورتحال ۾ وري جڏهن هي پهلو ڏسون ٿا برساتي ٻوڏ جي تباهين کان پوءِ پنجاھه سيڪڙِو کان وڌيڪ علائقن ۾ اڃان به پاڻي بيٺل آهي پر ڪارڪردگي سڄي ساري ڪرپشن ، ٻهاريون وڃي پئي، نه متاثرن جي بحالي ٿيندي نظر پئي اچي نه سروي جا انگ اکر ظاهر پيا ڪيا وڃن. ٽن سالن جي انتظار ۾ ڪهڙو ماڻهو پنهنجن ٻچن کي هن ڪاري سيءُ سياري ۾ ول تي ويهاريندو پوءِ به وڏي اڪثريت سان پ پ پ جو کٽي اچڻ هن لوڪل باڊي اليڪشن ۾ اسان کي جھنجھوڙيندي سوال ڪري ٿو ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو بري ڪارڪردگي جي باجود اهائي سياسي پارٽي باربار اليڪشن کٽي ٿي اچي. هڪ رايو هي ڏنو ٿو وڃي ته زرداري ڊاڪٽرين سنڌ جي رولنگ ڪلاس يعني ڀوتارن ۽ بااثرن کي پوري ونڊ ورڇ سان پارٽي ۾ ايڊجسٽ ڪيو آهي 80 کان 90 سيڪڙو بااثر زرداري ڌارا ۾ يعني پ پ پ جي اندر سمائجي چڪا آهن. هي دليل ڪيترو به مضبوط هجي پر ٻئي پهلو کان هڪ وڏو خال ۽ ڪي ئي سوال پيدا ٿو ڪري ڇا سنڌ جو عوام بااثرن ڀوتارن جي غلامي ۾ جڪڙيل آهي ڀلا جڏهن 88 جي اليڪشن  ٿي انهيءَ وقت 70 سيڪڙو کان وڌيڪ اهي ئي نام نهاد بااثر ان وقت جي پ پ پ مخالف ڌڙي ۾ شامل هئا، عوام انهن جون ضمانتون به ضبط ڪرائي ڇڏيون. ورجاءُ نٿا ڪريون ڇو ته اها پوري تاريخ آڱرين تي ياد آهي انهيءَ کان پوءِ مسلسل عوام جي اندر لاھن چاڙهن اچڻ جي باوجود پ پ پ پنهنجو ووٽ برقرار رکندي ٿي اچي. اصل سوال معاشي بحرانن کان وڌيڪ سماج جي اندر سياسي بنيادن تي وجود رکندو آهي.

لوڪل باڊي اليڪشن اسان کي اهوئي ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۾ پ پ پ مخالف سياست عوام سان ڪيترو تعلق رکي ٿي ان جي وسعت ۽ ڦهلاءُ ڪيترو آهي جيستائين عوامي مسئلن ۽ عوام دوستي جو سوال آهي ته انهيءَ جي لاءِ اسان کي ٺيڪ طرح سان ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته هڪ مضبوط ۽ طاقتور سياسي تاريخ رکندڙ ڪنهن پارٽي کي شڪست صرف تنقيد نٿي ڏئي سگھي پر عوام جو مسلسل سياسي عمل ۽ سياسي جدوجهد هڪ ٻي سياسي ڌارا کي جوڙي سگھي ٿي، يعني جيستائين ڪا عوام ۾ سياسي تحريڪ عوام جي طاقت سان آرگنائيز نه ٿيندي تيستائين راءِ سياست جي چيپٽر کي مٽائي نٿي سگھي. سنڌ ۾ جيڪا به بيڊ گورننس بري حڪمراني موجود آهي ته انهيءَ کي صرف تنقيد جي هٿيار سان ڪنهن حڪمران سياسي گرفت رکندڙ پارٽي جو صفايو يا انهيءَ کي ڪمزور ڪرڻ ناممڪن آهي. سنڌ جا قوم پرست ترقي پسند يا ٻيا ڌڙا هن وقت تائين عوام ۾ سياسي پورهيو ڪري پنهنجي مڃتا ناهن ڪرائي سگهيا اهوئي سبب آهي جو صرف ۽ صرف نعري، پروگرامن يا دعوائن سان سياسي طاقت عوام ۾ حاصل ناهن ڪري سگھيا. اسان کي به ٺيڪ طرح سان ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته هن برساتي ٻوڏ ۾ جماعت اسلامي جي الخدمت وڌ کان وڌ تعميري ۽ تمام گھڻي ماڻهن جي سهائتا ڪئي پر ڪراچي کان سواءِ ٻين شهرن ۾ هن کي سياسي موٽ ناهي ملي سگھي. ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جيڪا ڪاميابي يا حاصلات ڪئي آهي انهيءَ جو وڏو سبب پراڻي سياسي تاريخ آهي ڇو ته هنن ڀائي لوڪن کان پهريان ڪراچي جي سياست ۾ جماعت اسلامي جي گرفت هئي جنهن کي نسلي ۽ تعصبي بنيادن تي ڪمزور ڪيو ويو هاڻي به جماعت اسلامي جا ڪجھه فرد انهيءَ ٽول کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر انهيءَ کان وڌيڪ سياسي تاريخ ۽ ڪارڪردگي سياسي نفسيات جو حصو رهندو آيو آهي جيڪا موٽ وقت بوقت جماعت اسلامي کي ملي ٿي. معاشي بحران سياست ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪندا آهن پر معاشي بحران جيستائين سياسي تحريڪون ناهن بڻبا ان وقت تائين ڪا به تبديلي نٿي اچي سگھي ۽ نه قابض قوتن کي شڪست ڏئي ٿي سگھجي. عوام ۾ ڪيتري به بيچيني ۽ بيزاري پيدا ٿئي اها بهتري جي اميدن جي پويان ڊوڙندي زندگي گذاريندي رهندي آهي انهيءَ لاءِ لازمي آهي ته عوام دوست سياست کي وڌ کان وڌ عوام ۾ سياسي تحريڪ پيداڪرڻ گھرجي. ۽ اسان کي هي به ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته سياسي تحريڪون ڪي راڪٽ سائنس ناهن هونديون پر بهادري ، ايمانداري مستقل مزاجي ۽ اڻ ٿڪ محنت تحريڪن جي ڌارائن کي مضبوط ڪنديون آهن. ڪتاب منشور ۽ نظريا سواءِ پورهئي جي عوام ۾ بي اثر رهندا. لوڪل باڊي اليڪشن جيڪا باآساني سان پر وڏي محنت سان کٽي ٿي سگھجي ۽ اهو بنياد آهي سياست جو جيستائين عوام دوست ڌريون عوام ۾ پورهيون نه ڪنديون ان وقت تائين تبديلي نه اچي سگھندي. اهڙي تبديلي جي اميد جيڪا محنت کان سواءِ رکي وڃي اها صرف ۽ صرف يوٽوپين هوندي آهي جيڪا هڪ ٻن جاين تي ته نظر اچي سگھي ٿي پر وڏي انقلابي لهر کي پيدا نٿي ڪري سگھي.