ڳڙهي خيرو ( ن پ ا )ڳڙهي خيرو ۾ جوابدار صالح جمالي گرڊ اسٽيشن پھچي لائن سپرنٽينڊنٽ نوريز بروھي کي پسٽل جو بٽ ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس پھچي جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. اھڙي عمل خلاف واپڊا عملي احتجاج طور شھر سميت سڄي تعلقي جي بجلي بند ڪري ڇڏي . ٻئي پاسي واپڊا ملازم جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ ٿاڻي اندر ويٺل رھيا پر ايس ايڇ او ٿاڻي تي نه آيو، جنھن بعد جوابدار صالح محمد جمالي جو پٽ جان محمد جمالي ڪلام پاڪ کڻي ٿاڻي تي پھتو ۽ ايل ايس کي ڪيس داخل نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي جنھن تي ايل ايس پاران ڪلام پاڪ تي جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ کان ھٿ کڻي ويو . ٿاڻي اندر پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي ايل ايس نوريز بروھي چيو ته جوابدار صالح جمالي گرڊ اسٽيشن تي حملو ڪري مونکي زخمي ڪيو جوابدار جو پٽ ڪلام پاڪ کڻي آيو جنھن تي مٿس ڪيس داخل نه ڪرايو باقي حملي جو راڄوڻي فيصلو ڪيو ويندو، مسئلو حل ٿيڻ بعد 12 ڪلاڪن کان بند پيل بجلي بحال ڪئي وئي.