نئون ڪوٽ: ميرپورخاص- پٿورو ميٽر گيج لوپ لائين تي هلندڙ ٽرين اٽڪل 30 سال اڳ بند ٿيڻ بعد ڪوٽ غلام محمد، ڪاڇيلو، ڊگهڙي، صوفي آباد، ٽنڊو جان محمد، جهڏو، روشن آباد، نئون ڪوٽ، فضل ڀنڀرو، نفيس ننگر ، ٽالهي اسٽيشن، نبي سر روڊ، ڪنري، سامارو ۽ پٿورو ريلوي اسٽيشنون ويران ٿي ويون. ڄاڻايل ٽريڪ تي ٽرين بند ٿيڻ سبب علائقي جا هزارين رهواسين ريل جي سستي سفري سهولت کان محروم ٿي ويا.