لوئردير(م ڊ) لوئردير جي علائقي سوري پائو ۾ دهشتگردن صبح سوير ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ڏنو، شدت پسندن جي فائرنگ ۾ 2 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا، سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز به ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي، دير تائين فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي، بعد ۾ حملي آور ڀڄي ويا