ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا جي لنڪا ٽي 10 ليگ جي فرنچائز جي ڀارتي مالڪ کي ميچ فڪسنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب لنڪا ٽي 10 ليگ جي ٽيم گال مارولز جي مالڪ پريم ٺاڪر کي ميچ فڪسنگ جي الزامن هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي، کيس سري لنڪا اسپورٽس پوليس يونٽ ڪينڊي مان حراست ۾ ورتو. رپورٽن موجب پريم ٺاڪر کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪولمبو ميجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت پريم جو 16 ڊسمبر تائين رمانڊ منظور ڪيو آهي.

 

 

ڪرڪيٽ ويب سائٽ جو چوڻ آهي ته پرڏيهي رانديگر سان پريم ٺاڪر فڪسنگ لاءِ رابطو ڪيو هو. ٻئي طرف سري لنڪا ڪرڪيٽ ان معاملي تي اڃا تائين ڪو بيان جاري ناهي ڪيو، جڏهن ته ٽورنامنٽ ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته ايونٽ شيڊول موجب جاري رهندو. واضح رهي ته لنڪا ٽي 10 ليگ سري لنڪا جي شهر ڪينڊي ۾ جاري آهي.