لنڊن (م ڊ) پاڪستان هاءِ ڪميشن تي حملي جي الزام ۾ هڪ ڄڻي کي گرفتارڪيو ويو آهي. ڪالهه لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي سامهون ڀارتي شهرين وري مظاهرو ڪيو ۽ تشدد ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي. هنن اڻ وڻندڙ حرڪتون به ڪيون. هاءِ ڪميشن جي عمارت تي ڳاڙهو رنگ به اڇلايو ويو. جنهن تي هاءِ ڪميشن جي عملي ڊپلوميٽڪ پوليس کي اطلاع ڪيو. پوليس پهچي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته ٻين جوابدارن جي ڳولا جاري آهي. ٻئي طرف پاڪستاني شهرين ڀارتي هاءِ ڪميشن جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڀارت جي پاڪستان خلاف قدمن خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج انڊيا هائوس جي ٻاهران ڪيو ويو.