لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز) هڪ ڀارتي عورت برطانيا ۾ بنا پگهار جي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪندي آن لائن بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي. LinkedIn تي، سويتا ڪوٿندن، جيڪا ليسيسٽر يونيورسٽي مان ميڪنيڪل انجنيئرنگ ۾ ايم ايس سي رکي ٿي، 2021 ۾ برطانيه منتقل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي سفر بابت ڳالهايو. شاگرديانيءَ چيو ته هوءَ هڪ ويزا تي برطانيه جي نوڪري جي ڳولا ۾ هئي پر اڃا تائين نوڪري ناهي ملي. هاڻي هن ملڪ ۾ رهڻ جي وڏي خواهش آهي،جنهن کي نظر ۾ رکندي، مفت ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪريان ٿي. ايترو ئي نه پر عورت اهو به چيو ته جيڪڏهن کيس نوڪري ڏيندڙ سندس ڪم کان ناخوش هوندو ته کيس بنا نوٽيس يا معاوضي جي برطرف ڪري سگهي ٿو. عورت اهو به چيو آهي ته هوءَ اوور ٽائيم ۽ هفتيوار موڪلن کانسواءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن هو برطانيه ۾ رهي سگهي. عورت جو چوڻ هو ته ”نوڪري جي تلاش“ مون کي اهو احساس ڏياريو آهي ته منهنجي ڊگري يا منهنجي صلاحيتن جو ڪو قدر ناهي. مون 300 کان وڌيڪ نوڪرين لاءِ اپلاءَ ڪيو آھي پر مون کي ڪو به مثبت جواب ناهي مليو.