لنڊن (م ڊ) لنڊن ۾ بچاءَ واري وفاقي وزير جو هٿياربند پاران پيڇو ڪيو ويو، کيس گاريون ڏنيون، چاقو سان حملي جي ڌمڪي پڻ ڏني، اهڙي وڊيو منظرعام تي اچي وئي. خواجه آصف لنڊن ۾ الزبيٿ لائن ساٿي سان گڏ سفر ڪري رهيو هو، نامعلوم شخص پهرين کيس گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ پوءِ ڌمڪين وارا جملا چيا، خواجه آصف جي ويجهن ذريعن لنڊن ۾ پيش آيل واقعي جي تصديق ڪندي خانگي ٽي سان ڳالهائيندي چيو ته ڌمڪيون ۽ گاريون ڏيڻ واري وڊيو حقيقي آهي. ڪجهه ذريعن جي وري اها دعويٰ آهي ته اها وڊيو ڪجهه ڏينهن اڳ جي آهي.