لنڊن (اسپورٽس نيوز) لنڊن ميراٿن جو عورتن جو لقب اولمپڪ چانديءَ جو تمغو کٽيندڙ ايٿوپيا جي ٽائگسٽ آصفه رڪارڊ وقت ۾ کٽيو، جڏهن ته مردن جي مقابلي ۾ سيبسٽين سيويج فاتح رهيو. لنڊن ميراٿن ۾ پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن مان 40 کان وڌيڪ پاڪستاني رنرن پڻ حصو ورتو. دنيا جي ڇهن وڏين ميراٿن مان هڪ، لنڊن ميراٿن ۾ 56,000 کان وڌيڪ رنرن حصو ورتو. عورتن جي ايونٽ ۾ اولمپڪ ميراٿن ۾ سلور ميڊل کٽيندڙ ايٿوپيا جي ٽئگسٽ آصفه ٽائيٽل کٽي ورتو. هن عورتن جي مقابلي ۾ ريس جو فاصلو هڪ نئين رڪارڊ وقت ۾ مڪمل ڪيو. آصفه 2 ڪلاڪ، 15 منٽ ۽ 50 سيڪنڊن ۾ آخري لڪير پار ڪئي. مردن جي ايونٽ جو ٽائيٽل ڪينيا جي سيبسٽين سيويج کٽيو، جيڪو پهريون ڀيرو لنڊن ميراٿن ۾ حصو وٺي رهيو هو، هن فاصلو 2 ڪلاڪ، 2 منٽ ۽ 27 سيڪنڊن ۾ طئي ڪيو. انهن ريس جي آخري 10 ڪلوميٽرن ۾ رفتار ڏيکاري ۽ کٽي ويا، ٻين رانديگرن کي پوئتي ڇڏي ڏنو. پاڪستاني رنرن به لنڊن ميراٿن ۾ جوش سان حصو ورتو. 10 پاڪستاني رنسن 42.195 ڪلوميٽر جو فاصلو 4 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪيو. اسلام آباد جو فرقان مسعود هن ڊوڙ ۾ پاڪستان جو تيز ترين ڊوڙندڙ هو. فرقان مسعود اهو فاصلو 3 ڪلاڪ، 10 منٽ ۽ 7 سيڪنڊن ۾ پورو ڪيو، سلمان الياس پنهنجي ريس 3 ڪلاڪ، 18 منٽن ۾ ۽ فصيح صالح پنهنجي ريس 3 ڪلاڪ، 21 منٽن ۾ مڪمل ڪئي. پاڪستان جي حامد بٽ پنهنجو ٻيو سڪس اسٽار ميڊل کٽيو، ۽ هو پهريون پاڪستاني رنر بڻجي ويو جنهن سڪس اسٽار ميراٿن ٻه ڀيرا مڪمل ڪئي. پاڪستاني-نارويجيائي ايمي مير پاڪستاني عورتن ۾ سڀ کان اڳيان رهي ٿي، ايمي مير اهو فاصلو 3 ڪلاڪ 52 منٽن ۾ پورو ڪيو.