ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ پاران مختلف ملڪن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اٽلي ۾ اوور سيز پاڪستاني ڪميونٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، لنڊن ۾ 10 ڊائوننگ اسٽريٽ ٻاهران احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، سوئيڊن ۾ به عمران جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اسپين ۽ ٻين ملڪن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.