بدين (رپورٽر) درگاهه لنواري شريف جي اٺين سجاده نشين پير حاجي فيض محمد قريشي نقشبندي جو 30 هون ساليانو عرس مبارڪ درگاهه لنواري شريف تي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، عرس مبارڪ جي مک تقريب موجوده سجاده نشين پير محمد صادق قريشي طرفان درگاهه لنواري شريف تي ٿي گذري، جنهن ۾ جماعت لنواري شريف جي مريدن ۽ عقيدتمندن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته پير نورالله قريشي ۽ پير محمد صالح قريشي پڻ هن اجتماع ۾ شرڪت ڪئي، تقريب جو آغاز نماز ظهر سان ڪيو ويو، جنهن بعد قرآن خواني، تسبيح ۽ حمد و ثناءَ بعد دعا گھري وئي، جنهن ۾ پاڪ فوج، ملڪ ۽ قوم جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون، عرس مبارڪ جي موقعي تي آيل مريدن ۽ عقيدتمندن لاءِ لنگر سڄو ڏينهن جاري رهيو، عرس شريف جا انتظامات سنڀالڻ ۾ نشات تنظيم جماعت لنواري شريف، ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لنواري شريف ۽ نشات گرلز ونگ جماعت لنواري شريف جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن خدمتون سرانجام ڏنيون، ٻئي طرف درگاهه شريف قاضي احمد قريشي ۽ اسلام قلب ڪراچي ۾ پڻ عرس شريف نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، جڏهن ته حيدرآباد، سانگهڙ، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، دادو، گنداخا بلوچستان سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڻ عرس مبارڪ جون تقريبون ٿي گذريون.