لنواري شريف لڳ نوجوان کي پسند ڪرڻ جو اظهار ڪندڙ ڌيءُ کي پيءُ قتل ڪري ڇڏيو

0
25
لنواري شريف لڳ نوجوان کي پسند ڪرڻ جو اظهار ڪندڙ ڌيءُ کي پيءُ قتل ڪري ڇڏيو
لنواري شريف لڳ نوجوان کي پسند ڪرڻ جو اظهار ڪندڙ ڌيءُ کي پيءُ قتل ڪري ڇڏيو

بدين (رپورٽر) لنواري شريف لڳ پسند جي شادي جي خواهش ظاهر ڪرڻ تي بي رحم پيءُ جوان نياڻي کي لٺيون هڻي گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو خبر موجب لنواري شريف جي ڳوٺ يعقوب جوڻيجو ۾ بيرحم پيءُ دودي ڀيل پسند جي شادي جي خواهش ظاهر ڪندڙ 17 ورهين جي جوان ڌيءَ اندران ڀيل کي لٺيون هڻي اڌ مئو ڪرڻ بعد کيس گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي اطلاع تي حد جي پوليس پهچي جوابدار دودي ڀيل کي گرفتار ڪرڻ بعد لاش تحويل ۾ وٺي انڊس اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ قانوني گهرجون پوريون ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ جوابدار دودي ڀيل پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اندران گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪرڻ پئي چاهيو، جنهن ڪري کيس قتل ڪيم، اسان جي خاندان ۾ اها روايت ناهي ته ڪا ڇوڪري بالغ ٿيڻ بعد پنهنجي مرضي هلائي پسند جو پرڻو ڪري، انڪري کيس لٺيون هڻي زخمي ڪرڻ بعد گهٽا ڏئي ماري ڇڏيم ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي بدين ماڊل ٿاڻي جي ايس ايچ او انور لغاري ٻڌايو ته جوابدار دودو ڀيل پنھنجي نياڻي اندران ڀيل کي ڪارنهن الزام هيٺ مٿي ۾ لٺيون ھڻي گھٽا ڏئي قتل ڪيو آھي ۽ پوليس جوابدار دودو ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو آھي، وچيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.