ڄامشورو(رپورٽر) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پري انٽري ٽيسٽ ۾ بدترين بدانتظامي نظر آئي. ان سلسلي ۾ جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته لمس ڄامشورو ۾ پري انٽري ٽيست لاءِ پھچندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين کان سیڪیورٽي انچارج خالد ۽ ٻئي سيڪيورٽي عملي موبائيلِ فون، پرس ۽ گھڙيون وغیرہ جمع ڪري کين ٽوڪن جاري ڪيا منجھند جو 2 وڳي انٽري ٽيسٽ ختم ٿي ۽ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنھنجو جمع ڪرايل قيمتي سامان واپس وٺڻ لاءِ ڪائونٽر تي پھتا پر اتي ڪائونٽر نالي ڪابه شيءِ موجود نه ھئي۔ شاگردن ۽ شاگردياڻين اھڙي عمل خلاف احتجاج شروع ڪيو. پڌرائي موجب احتجاج تي لمس جي فیڪلٽي انچارج پریسا پهچي سامان واپس ڪرائڻ جو يقين ڏياري واپس ھلي وئي. شاگردياڻين کي لمس جي حدن مان ٻاھر ڪڍيو ويو، عزادار رابطا ڪاميٽي حیدرآباد جي اڳواڻن بدانتظامي، سیڪيورٽي عملي جي غلط روئي ۽ شاگردياڻين جو سامان ڦٻائڻ ۽ شاگردياڻين کي لمس جي حدن مان ٻاھر ڪڍڻ واري عمل جي شدید لفظن ۾ مذمت ڪندي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.