لمس ڪانووڪيشن، ميڊل کٽڻ ۾ شاگردياڻين ميدان ماري ورتو

0
24
لمس ڪانووڪيشن، ميڊل کٽڻ ۾ شاگردياڻين ميدان ماري ورتو
لمس ڪانووڪيشن، ميڊل کٽڻ ۾ شاگردياڻين ميدان ماري ورتو

ڄامشورو(رپورٽر) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ 20 هون ڪانووڪيشن 2025ع منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پوسٽ گريجوئيٽ، ڊگري ۽ ڊپلوما ڪورسن ايم بي بي ايس، بي ڊي ايس، نرسنگ، فزيوٿراپي، فارميسي، بايو ميڊيڪل انجنيئرنگ ۽ ٻين شعبن ۾ نمايان پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل، سلور ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، مختلف سالن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مجموعي 1321 اميدوارن گولڊ ميڊل، سلور ميڊل حاصل ڪيو، اڪثر گولڊ ميڊل شاگردياڻين حاصل ڪيا. گولڊ ۽ سلور ميڊل کٽڻ وارن ۾ اڪثريت شاگردياڻين جي هئي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ خطاب ڪندي  شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان نه رڳو صحت پر ٻين شعبن ۾ به وڃو ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجي قابليت تي ڪم ڪريو، اميد ته اوهان جنهن به شعبي ۾ ويندا ان ۾ ڊاڪٽري جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندا، ڇاڪاڻ ته هتي نه رڳو جسماني ۽ ذهني بيماريون آهن پر ٻيون به ڪيتريون ئي بيماريون آهن، جن جو علاج ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسان اڄ گولڊ ميڊل، سلور ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ وارن شاگردن کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، توهان خوش قسمت آهيو جو هن معزز اداري مان تعليم حاصل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي پنهنجي شعبي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جتان هر سال سوين شاگرد تعليم حاصل ڪري صحت سميت سماج جي بهتري ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، لاڳاپيل شعبن جو اڄوڪو ڏينهن اسان لاءِ خوشگوار مستقبل جو ڏينهن آهي ۽ اسان گولڊ مڊل، سلور مڊل حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. يونيورسٽي جي رجسٽرار حاجي محمد شيخ آجياڻو پيش ڪندي ڪانووڪيشن بابت ڄاڻ ڏني.ڪانووڪيشن ۾ بي بي بي ايس ۾ ندبا، ناديا، نجيب احمد، منهال، ميمونا حفيظا، سميره، بي ڊي ايس ۾ آمنا، ڪاشف، لائيبا، اقرا، ڪنيزا پوزيشن ماڻي گولڊ ۽ سلور مڊل حاصل ڪيا. ڪانووڪيشن ۾ لمس يونيورسٽي جي مختلف فيڪلٽيز جي ڊينز، مختلف شعبن جي چيئرمينن، فيڪلٽي ميمبرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا.