سخي – ڇو ته هو انتهائي سخي ۽ فياض هئا.

لعل – ڇو ته هو ڳاڙهو لباس پائيندا هئا.

شهباز – ڇو ته هو روحاني بلنديءَ تي هئا، جيئن باز پکي بلند اڏام ڪندو آهي.

قلندر – ڇو ته هو دنياوي لالچ کان آزاد هئا ۽ الله پاڪ سان عشق ڪندا ھئا . سخي لعل شهباز قلندر جي مزار سيوهڻ شريف (ڄامشورو، سنڌ، پاڪستان) ۾ واقع آهي، جيڪو صوفين ۽ عقيدتمندن لاءِ وڏي زيارت گاهه آهي. هر سال 18 شعبان تي سندن عرس وڏي عقيدت سان ملهايو ويندو آهي، جتي هزارين زائرين اچي ڌمال هڻن ٿا ۽ عقيدت جو اظهار ڪن ٿا. سندس نالي سان “دمادم مست قلندر”  نعرو  تمام گهڻو مشهور آهي، جيڪو برصغير ۾ صوفياڻي وجداني موسيقيءَ جو هڪ اهم حصو بڻجي ويو آهي. سخي شهباز قلندر جي ڏنل انسانيت جي پيغام کي گھڻي کان گھڻو اڳتي وڌائڻ گھرجي جنھن امن جو پيغام به ڏنو .(شفيق وساڻ جو ميسيج)