لاهور (م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف پيءُ ميان محمد نواز شريف سان گڏجي لغڙ جي ڏور سبب فوت ٿي ويل نوجوان جي گھر پهچي وئي. مريم نواز مرحوم نوجوان آصف جي امڙ کي ڳيراٺي پائي تسلي ڏني. هن چيو ته هوءَ پاڻ به هڪ ماءُ آهي، ۽ ماءُ جو ڏک سمجهي ٿي. آصف اشفاق جي موت سڄي معاشري جي لاءِ فڪر جوڳو لمحو آهي. لغڙ بازي تفريح نه، خوني راند بڻجي چڪي آهي. والدين ذميواري کي سمجهندي پنهنجي ذميواري پوري ڪن. ان موقعي تي ميان محمد نواز شريف چيو ته واقعي جي خوفناڪ وڊيو ڏسي نٿي سگھجي، سڀئي گڏجي هن ڏوهه کي روڪين.  مريم نواز چيو ته ڌاتي ڏور ٺاهڻ، وڪڻڻ ۽ خريد ڪرڻ تي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. بعد ۾ مريم نواز ۽ نواز شريف سيوريج جي صفائي دوران فوت ٿيندڙ واسا ورڪر جي وارثن سان به ملاقات ڪئي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. مريم نواز ٻنهي جاين تي فوتين جي وارثن لاءِ 5_5 لک رپين جا امدادي چيڪ به ڏنا.