لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلو رائنڪ ۾ صحافي کان ڦر، شهرين جو مظاهرو ڌرڻو، خبر موجب لعلو رائنڪ ۾ صحافي محرم چانڊيو کان اڻڄاتل ڦورو هٿيارن جي زور تي روڪ رقم، موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل ڦُر ڪري فرار ٿي ويا، اِهڙي واقعي بعد وڏي تعداد ۾ شهري ۽ صحافي لعلورائنڪ ٿاڻي تي پهچي ويا ۽ وارھ لاڙڪاڻو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ سيد خالد شاھ بخاري، خالد ٻگهيو، طفيل مغيري، سعيد راجپوت، عثمان چانڊيو، الاهي بخش چانڊيو، نياز وڪو، شمن تنيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صحافي کان ٿيل ڦر جو واقعو واضع ڪري ٿو ته هاڻي ڪير به محفوظ ناهي، ٻي طرف ڦر واقعي خلاف وارھ ۾ صحافين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن پريس ڪلب سامهون به احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين ڪامريڊ غلام مصطفيٰ کاهوڙي، اياز چانڊيو، اصغر ميراثي، نجيب چانڊيو، سڪندر تنيو، محمد خان تنيو، مجيب چانڊيو، حميد باغي، محسن ابڙو ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته محرم چانڊيو کان ڦُر ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏوهارين خلاف ايڪشن کنيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.