لعلورائنڪ(ن پ ا) لعلورائنڪ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ شهري فريد تنيو جي گهر ۾ ڌاڙي خلاف نوجوان اتحاد طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري وارهه- لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو، اڳواڻن عارف نواز تنيو، رياض تنيو، قاضي اڪرم تنيو ۽ ٻين چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، شهري غيرمحفوظ بڻجي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي.