لعلورائنڪ(ن پ ا) لعلورائنڪ ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي ڏينهن ڏٺي جو ڦُرون ڌاڙا معمول بڻيل آهن. لعلورائنڪ- وارھ روڊ تي قائم پيٽرول پمپ جي منشي اسدالله بروهي کان ڏوهارين هٿيارن جي زور تي راڄ واھ لاڙي کان 8 لک روڪ رقم موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اهڙو اطلاع لعلورائنڪ ٿاڻي تي ڪيو ويو پر پولـــــــيس روايتي سستي برقرار رکندي ڏوهارين خلاف ڪو به تحرڪ نه ورتو، سماجي اڳواڻ بشير احمد بلوچ، مفتي عبدالحليم ڇٽو ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته لعلورائنڪ پولـــــــيس بلڪل ناڪام ٿي چڪي آهي، ڏوهاري سرعام وارڌاتون ڪن پيا پوليس جو ڪردار نظر نٿو اچي، هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آندو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو رخ ڪيو ويندو.