لعلورائنڪ (رپورٽ: پرويز خاصخيلي) لالو رائنڪ ويجهو دوستن هٿان ڪچهري لاءِ گهرائي نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي، ايس ايڇ او سامهون نوجوان کي چور قرار ڏئي سخت تشدد، خبر موجب گذريل رات دير سان ڳوٺ قائم خان مغيري جي رهواسي 17 ورهين جي علي اسفر مغيري پنهنجي دوستن ڳوٺ مراد علي مغيري واسي 35 ورهين جي محمد ادريس مغيري ۽ لعلورائنڪ واسي نوجوان ذوالفقار بليدي کي فون ڪري ڪچهري ڪرڻ ۽ شراب کڻي اچڻ جو چيو، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب ٻئي ڄڻا ڳوٺ قائم خان ڀرسان عيدل لاڙي وٽ ٻني ۾ پهتا ته جوابدار علي اسفر مغيري ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري محمد ادريس مغيري کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ذوالفقار علي بليدي کي پڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر گولي ٽنگ ۾ لڳڻ سبب هو سخت زخمي ٿي پيو، فائرنگ جي آواز تي ڳوٺاڻا پهچي ويا، جن جوابدار کان پسٽل کسڻ ۽ زخمي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جوابدار علي اسفر ۽ سندس ڀاءُ علي اختر زخمي ذوالفقار بليدي کي پنهنجي مال جي واڙي تي کڻي آيا جتي کيس مارڪٽ ڪري لعلورائنڪ پوليس کي اطلاع ڏنو ته 2 چور مينهن چوري ڪري رهيا هئا، جن مان هڪ چور کي ماريو آهي ۽ ٻئي چور کي پڪڙي ورتو آهي. اطلاع تي ايس ايڇ او پهتو ته جوابدار سندس سامهون زخمي کي سخت تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا پر ايس ايڇ او خاموش تماشو ڏسندو رهيو، ان موقعي تي زخمي ذوالفقار علي بليدي پوليس کي ٻڌايو ته اسان کي علي اسفر فون ڪري چيو ته اچو ڪچهري ڪيون ۽ شراب به کڻي اچو ته پيئون، جڏهن اسين عيدل ڀرسان ٻني ۾ پهتاسين ته جوابدارن ادريس مغيري کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ مون کي زخمي ڪري چور هجڻ جو ڊرامو رچايو. بعد ۾ پوليس زخمي ذوالفقار علي بليدي کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو جتي سندس علاج هلندڙ آهي.