خيرپور (رپورٽر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ روٽري ڪلب سچل سرمست خيرپور ۽ اسٽوڊنٽس سوسائٽيز سينٽر پاران پنجون يوٿ لٽريچر فيسٽول منعقد ڪيو ويو. فيسٽول جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڪئي. فيسٽيول جي موقعي تي مختلف موضوعن تي چار ڊائلاگ منعقد ڪيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته وقت جي ضرورت آهي ته نوجوان پنهنجي وڏن جي بهترين طريقن تي عمل ڪن. خاص ڪري نوجوان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي واٽ تي هلن جيڪو محبت، امن ۽ هم آهنگيءَ جو شاعر آهي. شاهه لطيف جو پيغام نوجوانن جي بهتريءَ لاءِ جدوجهد آھي. هن چيو ته اسان نوجوانن کي تيار ڪرڻ لاءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ هڪ قابل عمل پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي. پنجين يوٿ لٽريچر فيسٽيول جو انعقاد ان جو روشن مثال آهي. پھريون ڊائلاگ مستقبل جي تشڪيل، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، تعليم ۽ ڪيريئر جي موضوع تي منعقد ڪيو ويو. پينلسٽ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر آغا ناديا ۽ پارس خاصخيلي هئا.