خيرپور (رپورٽر) شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران اولمپڪ ڏينهن جي سلسلي ۾ ھاڪي ۽ والي بال جا شاندار مقابلا ٿي گذريا. ھاڪي جا مقابلا بخت علي ڏھوٽ ھاڪي اسٽيڊيم خيرپور ۾ ٿي گذريا ميچ جي شروعات کان اڳ انٽرنيشنل  ھاڪي رانديگرن فياض مڱڻيجو ۽ سيد ميثم عباس اولمپڪ  ٽارچ ذريعي اولمپڪ مشل روشن ڪئي  جنھن بعد چيئرمين اسپورٽس اليون ۽ رجسٽرار اليون جو مقابلو ٿيو جيڪو سخت مقابلي کان پوءِ چيئرمين اسپورٽس اليون 2-3 تان کٽي ورتو، ان کان اڳ سيد قائم علي شاھه اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ والي بال جا مقابلا ٿيا، مقابلن جو مھمان خاص شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو نظير احمد مڱڻيجو هو جڏهن ته اعزازي مھمان چيئرمين اسپورٽس پروفيسر ڊاڪٽر عنايت الله ڀٽي، ڊائريڪٽر اسپورٽس محمد مراد پيرزاده، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس غلام مجتبي جتوئي، سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ھاڪي ايسوسيئيشن خيرپور عرفان علي ڏھوٽ ھئا.