ڄامشورو(رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس ۽ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد جي ٽيمن، شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ منعقد ٿيل انٽر يونيورسٽيز ٽيبل ٽينس ٽورنامينٽ “زون ڪي” کٽي ورتي. ڊبلز جي فائنل ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي مُڪل ديو ۽ اسامه، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي عبدالرافع ۽ شفيع الله کي سخت مقابلي بعد 8-11، 9-11، 11-6، 14-12 ۽ 11-6 جي مارجن تان شڪست ڏني. سنگلز جي فائنل ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد جي شاهزيب، آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي محسن کي هڪ طرفي مقابلي بعد 11-7، 11-7 ۽ 11-4 جي مارجن تان شڪست ڏني. ٻنهي يونيورسٽين جي کٽندڙ ٽيمن کي خاص مهمان ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري پاران ٽرافيون ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. اختتامي تقريب دوران سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، اسپورٽس انچارج حنا ماروي خلجي، ڊائريڪٽر اسپورٽس مهراڻ يونيورسٽي، عبدالفتاح ڪنڌر، منور ڀٽو، ذوالفقار سهتو ۽ ٻين فاتح ٽيمن کي اهڙي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. ٽورنامينٽ، سيبس يونيورسٽي پاران هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي 14 يونيورسٽين جي رانديگر حصو ورتو. مقابلي ۾ حصو وٺندڙ يونيورسٽين ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس، اسرا يونيورسٽي حيدرآباد، آءِ بي آي سکر، صوفي ازم يونيورسٽي ڀٽ شاهه، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽنري اينڊ اينيمل سائنسز سڪرنڊ، شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور، يونيورسٽي آف ماڊرن سائنسز ٽنڊو محمد خان، ۽ شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڊزائن ڄامشورو جا رانديگر شامل هئا.