سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي هڪ وڌيڪ پي ايچ ڊي ڊگري کي چئلينج ڪيو ويو، اسسٽنٽ پروفيسر نائلا پروين عباسي جي پي ايچ ڊي ڊگري کي چئيلنج ڪندي عدالت ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي وئي، عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي هيڪ چيئرمين، رجسٽرار ڪراچي يونيورسٽي، اسسٽنٽ پروفيسر نائلا پروين عباسي ۽ واسطيدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 28 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو، عدالت ۾ جاگرافيائي شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر نور حسين چانڊيو وڪيل آچر گبول معرفت آئيني درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اسسٽنٽ پروفيسر نائلا پروين عباسي جي پي ايچ ڊي جي ڊگري غير قانوني آهي، هيڪ جي پاليسين جي ابتڙ نائلا پروين ايم فل ڪرڻ بنا ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايچ ڊي جي ڊگري ورتي آهي، غير تصديق شدهه ريسرچ پيپر تي پي ايچ ڊي ڪئي آهي، هيڪ ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي جاري ٿيل لسٽ مان پي ايچ ڊي جي ٿيسز منظور ناهي ڪرائي وئي.