ٺل (ن پ ا) ڊگري ڪاليج ٺل جي بي اي ۽ بي اي سي جي 6 سو کان وڌيڪ شاگردن کي امتحاني سپلون نه ملي سگهيون.شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميا جي نااهلي جي ڪري ٺل جي شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي.  شاگردنسعيد احمد، عرفان علي، نورالله چيو ته اسان جي امتحان ۾ باقي 6 ڏينهن بچيا آهن، امتحاني سلپون نه ملي سگهيون آهن. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڊگري ڪاليج ٺل جي پرنسپال منظور احمد سرڪي ٻڌايو ته يونيورسٽي  خيرپور جي انتظاميا جي بي ڌياني جي ڪري 6 سو کان وڌيڪ شاگردن جون سلپون نه ملي سگهيون آهن، اسان ڪافي ڀيرا يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميا کي ليٽر اماڻيا آهن پر رڳو دلاسا ملي رهيا آهن، هن ٻڌايو ته امتحان ۾ 6 ڏينهن بچيا آهن يونيورسٽي انتظاميا سومر ڏهاڙي سلپون موڪلڻ جو چيو آهي جنهن بعد امتحاني سپلن ۾ ڪابه غلطي درستگي لاء هڪ ڏينهن بچندو جنهن ڪري شاگردن کي امتحان ڏيڻ ۾ مشڪلات پيش اچي سگهي ٿي.