ڄامشورو/خيرپور(رپورٽر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ٽيم شھيد الله بخش سومرو يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٿيل آل پاڪستان انٽرورسٽي زون ڪي ٽيبل ٽينس مين چيمپيئن شپ 2024 جي راند جو فائنل سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کان کٽي ورتو ۽ فائنل جو ڪپ پنھنجي نانءِ ڪري ڇڏيو جڏھن ته فائنل رائونڊ کٽڻ تي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري شھيد الله بخش يونيورسٽي آف آرٽ ڊيزائن اينڊ ھريٽيج ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو ٽيم مينيجر محمد مراد پيرزادہ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي جي فاتح ٽيم جي رانديگرن مڪل ديو ۽ اسامہ بن شاھين کي ڪپ ڏنو. سنڌ يونيورسٽيءَ آل پاڪستان انٽرورسٽي ٽيبل ٽينس چيمپئن شپ ۾ رنر اپ ٽرافي ماڻي ورتي.