خيرپور (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ چيو آھي ته يونيورسٽي جي روشن مستقبل لاءِ هڪجهڙائي ۽ گڏيل ڪوششون ضروري آھن،  گڏجي ڪم ڪرڻ سان ئي چئلنجن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اهڙو اظهار هن شھيد بينظير ڀٽو چيئر ھال ۾ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران ملازمن جي 50 هائوس بلڊنگ لون ۽ 50 سائيڪلن جي ڪڻن ڪڍڻ واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو، پنهنجي دور جي حوالي سان ڳالهائيندي وي سي چيو ته جڏهن هن يونيورسٽي ۾ ذميواري سنڀالي، تڏهن مالي مسئلن بابت آگاهي ڏني وئي، هن انڪشاف ڪيو ته حالتون ڏکيون ضرور هيون پر انتظاميا انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ اهم قدم کنيا آهن ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ پختو ارادو رکي ٿي، هن چيو، اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ هڪٻئي جي مدد ڪرڻي پوندي ته جيئن موجودهه حالتن جو مقابلو ڪري سگهون، اسان ڏينهن جا 16 ڪلاڪ محنت ڪري رهيا آهيون، نتيجا ضرور ملندا.