سکر (بيورو رپورٽ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وي سي پاران عهدي جي چارج وٺي ڪم شروع، آفيسرن، ملازمن ۽ استادن جو احتجاج، نعريبازي، امتحانن جي بائيڪاٽ جو اعلان، خبر موجب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو يونيورسٽي پهچي پنهنجي عهدي جي چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، وي سي جو چوڻ هو ته يونيورسٽي جي پروفيسرن، آفيسرن ۽ ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ سندس پهرين ترجيح آهي، اسان سڀني چئلينجز کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، هن اعتراف ڪيو ته يونيورسٽي انتظاميا ۽ ملازمن وچ ۾ عدم اطمينان سبب ملازمن جا مسئلا حل ٿيڻ ۾ دير ٿي آهي، ملازم اداري لاءِ ڪرنگھي جي هڏي جيان آهن، هن چيو ته هڪ تعليمي اداري جي حيثيت سان اهو اسان جو فرض آهي ته سماج جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، هوڏانهن وي سي پاران جوائننگ وٺڻ تي آفيسرن، ملازمن ۽ استادن جي جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي سلوٽا اڳواڻن پروفيسر اختيار گهمرو، حسام الدين شيخ، آفيسر ايسوسئيشن جي منير شاهه، ايمپلائيز ايسوسئيشن جي يونس ڦلپوٽو جو چوڻ هو ته عدالت فقط موڪل وارو آرڊر چئن ڏينهن لاءِ ڪينسل ڪيو آهي، وي سي يونيورسٽي پهچي پر امن ماحول خراب ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊ ڊاڪٽر خليل ابو پوٽو کي موڪل تي روانو ڪيو  هو، جيستائين لاڳاپيل سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊ جو مقرري وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو، تيستائين وائيس چانسلر جي مقرري غيرقانوني تصور ڪئي ويندي، ٻئي پاسي سالوٽا طرفان اڄ ڇنڇر ڏينهن کان امتحانن جي مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سالوٽا ايگزيڪيوٽو ڪائونسل يونيورسٽي جي سمورن فيڪلٽي ميمبرن ۽ خاص ڪري فيڪلٽين جي ڊينز ۽ مختلف شعبن جي چيئرپرسن، ڊائريڪٽرز کي گذارش ڪئي آھي ته اھي سڀئي ان احتجاج جو ڀرپور ساٿ ڏين.