لطيف جي نگري ۾ ثقافت جا رنگ، فنڪارن پاران انتهاپسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ ريلي

0
19
لطيف جي نگري ۾ ثقافت جا رنگ، فنڪارن پاران انتهاپسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ ريلي
لطيف جي نگري ۾ ثقافت جا رنگ، فنڪارن پاران انتهاپسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ ريلي

ڀٽ شاهه (رپورٽ: رجب بوزدار) ڀٽ شاھ جا فنڪار ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي ملهائڻ لاءِ پنهنجا ساز کڻي جاڳرتا ريلي جي صورت ۾ ٽوپي ۽ اجرڪن سان ثقافتي رنگن سان رنڱجي ويا، انتها پسندي کان آجي سنڌ جو سلوگن ڀٽ شاھ جي فنڪارن کي تمام گهڻو پسند اچي ويو ڀٽ شاھ جي نگري تعلق رکندڙ فنڪارن پاران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي فنڪارن روشن علي ميرالي، رمضان فقير، ملوڪ مگسي، طالب شاهاڻي،اڪبر مگسي، ديدار علي ميرالي ، حاجي سمون، صادق سولنگي، وڪيل مڱڻهار ۽ ٻين پاران انتها پسندي کان آجي سنڌ جا ڪلام ڳائي ريلي ڪڍي وئي راڳين ٽوپي ۽ اجرڪ پائي هٿن ۾ يڪتارا، چپڙيون، پينا فليڪس ۽ ٻيا ساز کڻي علي قاضي جي اعلان جي حمايت ڪئي آهي انتها پسندي کان آجي سنڌ جي عنوان سان ڳايل ڪلام کي ڀٽ شاھ واسين پاران ڀرپور موٽ ڏني پئي وڃي فنڪارن روشن فقير ميرالي ، طالب شاهاڻي، رمضان فقير، ملوڪ مگسي ۽ ٻين ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته انتها پسندي کان آجي سنڌ بهترين نعرو آهي ۽ وقت جي ضرورت آهي علي قاضي  جس لهي جنهن سنڌي قوم کي ايڪتا جو ڏهاڙو ڏنو ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن عيد جيان پنهنجو ثقافت ملهائينداسين ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏ آهيون انتها پسندي کان سنڌ کي آجي ڪرائڻ لاءِ علي قاضي جو ساٿ ڏينداسين مچ ڪچهري، ريلي ۽ ايڪتا پروگرام منعقد ڪري پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪري رهيا آهيون.

 پريالو واسين پاران ايڪتا عيد پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ملهائڻ جو اعلان

پريالوءِ (رپورٽ عمران علي اوڍو) ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي طرفان ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جي اعلان بعد پريالوءِ جي سنڌي ادبي سنگت پاران سجاد ميراڻي  ۽ پريالوءِ جي جسقم اڳواڻ پاران ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار سان ايڪتا ڏھاڙو گڏجي ملھائڻ جو وچن ڪيو آهي ناليواري شاعر استاد ڪندن لال ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته  سنڌ صوفين جي ڌرتي آھن سنڌ امن ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي آهي جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي آڊيٽر سجاد ميراڻي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي گروپ پاران  انتها پسندي کان آجي سنڌ  جو بھتر سلوگن ڏنو ويو آھي. ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي کي جس ھجي جنھن  وقتائتو فيصلو ڪري سنڌي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون آھن ،قوم پرست اڳواڻ آصف ديشي ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته  ھر سال جيان ھن سال به ڊسمبر جي پھرين تاريخ تي  ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي ٽيم سان ايڪتا ڏهاڙي تي گڏ هونداسين جڏهن ته استاد علي گل سولنگي ، ڳالهائيندي چيو ته هن ڏھاڙي کي عيد جيان خوشيءَ سان ملھائيداسين هنن وڌيڪ چيو  ته اھو ڪريڊٽ علي قاضي ڏي وڃي ٿو جنھن 16 سال اڳ سنڌين کي ايڪتا ڏهاڙو ملھائڻ جو سڏ ڏنو ھو ۽ ھاڻي اھو ايڪتا ڏهاڙو پوري دنيا ۾ رھندڙ سنڌي ماڻهون سڄو سال ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جي انتظار ۾  هوندا آهن.

 مورو جي صحافين پاران ايڪتا پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ملهائڻ جو اعلان

مورو ( ن پ ا ) موري پريس ڪلب جي صحافين  پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم  نيوز جي نعري انتها پسندي کان آجي سنڌ جي  عنوان کي موث ڏيندي ايڪتا ڏينهن ڀرپور ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان موقعي تي مورو پريس ڪلب صحافين نواب علي، اصغر ڪورائي، محمد سومر سولنگي، فقير بشير لغاريءَ، اختر لغاري، جاني جماڻي ۽ راجا ماڇي جو چيو ھو  ته علي ھميشھ سنڌ جي اشوز تي آواز بلند ڪيو آھي ۽ صحافت جي ميدان ۾ ھر مظلوم طبقي جو ساٿ ڏنو آھي اسان سندس ايڪتا ڏينھن جي ڏنل سڏ جي آجيان ڪريون ٿا ۽ عنوان پڻ امن رواداريءَ سان هلڻ جو اعلان آھي. اسان پڻ چاھيون ٿا ته اسان کي ڌرتي تي امن ھجي ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ڀائيچارو ھجي.

قاضِي احمد  جي اسڪول ۾ايڪتا تقريب، ٽيبلوز پيش

قاضي احمد ( ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ نھنجي اخبارپاران پھرين ڊسمبر تي انتھا پسندي کان آجي سنڌ جي ايڪتا ڏھاڙي ملھائڻ واري اعلان بعد قاضي احمد جي شاه ڀٽائي پبلڪ اسڪول ۾ ثقافتي جاڳرتا  سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پروگرام ٿي گذريو، جنهن جي شروعات پاره چنار واقعي ۾ فوت ٿيلن جي ايثال ثواب لاء دعا سان ڪيو ويو پروگرام اسڪول جي شاگردن بهترين ثقافتي ٽيبلو، شعر و شاعري، سنڌي گيت ۽ علمي حوالي سان تعليم کي اجاگر ڪيو وڏي انگ ۾ اسڪولي شاگرد توڙي شاگردياڻيون ثقافتي ويس وڳا پائي پروگرام ۾ شريڪ ٿيون، ان دوران ثقافتي گيتن تي ٻارڙن رقص ڪيو .تقريب ۾  ايم پي اي غلام قادر چانڊيو پڻ شرڪت ڪئي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ پنھنجي ثقافتي سڃاڻپ رکي ٿي تعليمي ادارن ۾ ثقافتي سرگرميون اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاء ذھني اوسر پيدا ڪن ٿيون،  شاه ڀٽائي پبلڪ اسڪول جي انتظاميا جس لهڻي جنهن تمام ٿوري وقت اندر سٺا نتيجا ڏنا آهن، ان موقعي تي شهرين حاجي خان محمد لاکو ، يوسي ڏيڙان جي وائيس چيئرمين  رفيق احمد کوسو ، علي گوهر راهو سميت ٻين شرڪت ڪئي سڀني مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا آخر ۾ مهمان خاص ايم پي اي غلام قادر چانڊيو پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ انعام پڻ ورھيا

ملير : جسقم ۽ جساف پاران ايڪتاريلي: گلن جي ورکا: جهمريون

ملير (رپورٽ: ناز شر) جسقم ۽ جساف پارانايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان گلشن حديد کان پريس ڪلب تائين ريلي نڪتي، جنهن جي قيادت جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، سندس ڀائر ڪوثين قريشي، جي ايم قريشي ۽ شهيد مقصود  قريشي جي پٽ راڻو  قريشي ڪئي، ريلي مٿان رستي گلن جي ورکا ڪئي وئي،  ريلي ۾ شامل جساف ۽ جسقم جي ڪارڪنن قومي گيتن تي جهمريون هنيون، ريلي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ صدين جي تهذيب رکندڙ صوبو آهي، جنهن جي وک وک جي مالڪي ڪنداسين هن چيو ته اسان اڄ سجاڳي ريلي ڪڍي آهي، پهرين ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو عيد جيان ڀرپور نموني سان ملهايو ويندو، سنڌي ڀائر ۽ ڀينرون هاڻي کان ئي ايڪتا ڏهاڙي جون تياريون شروع ڪن،