لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻي طرفان “لطيف ڪانفرنس” ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ مھمان خاص سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري لطيف شناس پروفيسر ڊاڪٽر احسان دانش، اعزازي مھمان بيگم نصرت ڀٽو گرلس ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ثمينه ابڙو، شاهه جو عاشق فقير ۽ ناليواري ليکڪ ايوب گاد، اسان جو ڀٽائي تنظيم جو سرواڻ محمد دائود ميمڻ، سنڌ جي ناليواري راڳي عاشق نظاماڻي سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ عبدالرحيم چانڊيو، عامر ميڻو، ماهه نور ابڙو، سويره ٻوڪ، قاسم شاھاڻي، بابر جاگيراڻي، عزيزالله، فراز جمالي، محمد ابوبڪر، نعيم تنيو ۽ ٻين لطيف سرڪار جي شخصيت، فن ۽ فڪر کي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ مضمونن، مقالن ۽ نڪور شاعري جي ذريعي پيش ڪري لطيف سرڪار کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي چيو ته لطيف جي شاعري سنڌو ماٿري تهذيب جو تسلسل آهي جنهن ۾ عورت هميشه اڳواڻيءَ ڪئي آهي، لطيف سنڌ جي هر ماڳ، مڪان، ريتن رسمن، تهذيب، ثقافت، پيار، محبت، امن، شانتي، خوشي ۽ خوشحالي جي عوامي ترجماني ڪئي آهي.  پرو وائيس چانسلر ۽ ٻين آيل مهمانن کي سنڌي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ۽ ڪانفرنس جي پڄاڻي تي حصو وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مڃتا سرٽفڪيٽ ورھا ويا.