لطيف جي اڱڻ ۾ آڪاش

0
64
لطيف جي اڱڻ ۾ آڪاش

 اها ڊسمبر 1991ع جي ڳالهه آهي، عوامي تحريڪ “ڪالاباغ ڊيم نامنظور ۽ بهاري نه کپن” جي نعري هيٺ سکر کان ڪراچي تائين پورن 30 ڏينهن جي لانگ شروع ڪئي هئي. آئون تنهن وقت اٺن نون سالن جو ٻار هئس. سعيد آباد ۽ هالا جي وچ ۾ لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي مختلف ڳوٺن مان هڪ گاڏي نڪتي، بابا ڪامريڊ هادي بخش ڪٿي مصروف هئڻ ڪري نه هلي سگهيو ۽ مون کي چيائين ته آئون ٻين ساٿين سان گڏ ضرور وڃان. گاڏيءَ ۾ سائين عالم، سائين ڦوٽو خان ۽ ٻيا ساٿي ۽ ڪجهه ڀينرون پڻ هيون. ٽين چئين وڳي ڌاري اسان لانگ مارچ ۾ شامل ٿياسين. آئون ٻار هئڻ ڪري قافلي جي قيادت ڪندڙ اڳواڻن سان گڏ گڏ هلي رهيو هئس. ڀٽ شاهه ۾ داخل ٿيڻ واري رستي تي گلن جي تمام گهڻي ورکا ڪئي وئي ۽ اڳواڻن کي گلن جا هار پارايا ويا ۽ مون کي به ڪنهن گلن جو هار اچي وڌو. ڏاڍو خوش به ٿيس ۽ عجب به لڳو ته مون کي گلن جو هار الائي ڇو پارايو ويو آهي. لطيف سائينءَ جي درگاهه تي پهچندي تقريبن رات ٿي وئي هئي، پر ٿڪاوٽ جو احساس نه هو، هر طرف کان شاندار نعرا لڳي رهيا هئا ۽ انقلابي گيت ڳاتا پئي ويا. مختلف اڳواڻن خطاب ڪيو. آخري مقرر کي تقرير لاءِ سڏيو ويو. منهنجي ذهن تي اڄ به اها تقرير چٽي طرح نقش ٿيل آهي ۽ چڱي طرح ياد آهي ته هن جي تقرير جي سحر ۾ سڄو پنڊال ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويو هو ۽ هر طرف نه رڳو مڪمل خاموشي هئي، پر اکين ۾ هلڪا ڳوڙها، دل ڀريل ۽ هڪ خوشگوار فخر محسوس ٿي رهيو هو. مقرر وڌي مٺي لاڙي لهجي ۾ لطيف جا شعر پڙهي لطيف کي ئي مخاطب ٿي رهيو هو ۽ پنهنجي نهايت درد ڀرئي ۽ ڏکاري انداز ۾ چئي رهيو هو ته، “لطيف سائين! هي سنڌ جون نياڻيون توهان وٽ پنهنجي درياءُ تي لڳندڙ ڌاڙي جو فرياد کڻي آيون آهن. هي پنهنجي ڌرتي ۽ عوام سان ٿيندڙ تاريخي ظلمن ۽ قهرن جون ڪهاڻيون ۽ داستان توهان سان ونڊڻ آيا آهن”. مون کي هر هڪ جي اک آلي نظر آئي ۽ آئون ٻار ٻارن جيان سڏڪا ڀرئي روئي رهيو هئس. اهو مقرر هو ڊاڪٽر آڪاش انصاري صاحب.

ان ڏينهن کان وٺي هن جو نالو منهنجي ذهن ۾ نه پر منهنجي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويو هو ۽ پوءِ گهڻن سالن کان جڏهن به ڊاڪٽر آڪاش کي ڏسندو هئس يا هن سان ملندو هئس ته مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته اسان ڀٽ تي لطيف سائينءَ جي اڱڻ اڳيان بيٺا آهيون. آئون اهو ئي ٻار آهيان، سڏڪا ڀري روئي رهيو آهيان، ڊاڪٽر آڪاش پنهنجي مخصوص لاڙي انداز ۾ اسٽيج تي بيٺو لطيف کي سنڌي عوام جي صدين جا سور سندس ئي شاعري ۾ پيو ٻڌائي. سچ ته گذريل ڏينهن منهنجي اها ئي ڪيفيت هئي ۽ تقريبن رات جو ساڍي ڏهين وڳي هڪ ايمبولينس آئي. هر طرف سوڳوار ماحول هو، سوين هزارين ماڻهو هئا. اسان سڀ حيراني، ڏک، درد، پيڙا ۽ تڪليف مان هڪٻئي ڏي نهاري رهيا هئاسين ۽ خاموشي گهڻا سوال پڇي رهي هئي! ڪيفيت اها ئي ساڳئي هئي، پر زماني ۽ دنيا جا رنگ روپ ڏسڻ، سکڻ ۽ سمجهڻ کانپوءِ به اندر منجهه اهي ئي سڏڪا هئا، اهو ئي ٻار هئس، ٿڪ به محسوس نه پئي ٿيو، دل ڏکاري هئي، پر اتي نه لطيف جو اڱڻ هو ۽ نه ئي اهو ڊاڪٽر آڪاش هو. بدين هو ۽ الله واري چوڪ تي هڪ ايمبولينس هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر آڪاش ابدي ننڊ ۾ آرامي هو.

جنازي نماز کانپوءِ دوستن چيو ته هلون آخري ديدار ڪريون، مون خاموشي مان هيڏانهن هوڏانهن نهاري ڊاڪٽر آڪاش کي سڏڪن ۾ سڏڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پاڻ سان اندر ئي اندر ۾ مخاطب ٿي چيم ته مون کي باقي زندگي ته ان ڊاڪٽر آڪاش سان گذارڻي آهي، جيڪو لطيف جي اڱڻ اڳيان بيٺو آهي ۽ پنهنجي منفرد ۽ مخصوص انداز ۾ چئي پيو،

“جنهن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو هتي،

جنهن نه مارن جي سَڱ کي سڃاتو هتي،

تنهن سان منهنجو ڀلا ڪهڙو ناتو هتي،

تنهن کي چئو منهنجي ڌرتي تان نڪري وڃي”

هن بار بار وڏي جرئت سان اهي اعتراف به ڪيا ته مون کان خطائون ٿيون هونديون، غلطيون ٿيون هونديون، ڪمپرومائيز پڻ ڪيو هوندو ۽ تڏهن ئي ته پاڻ لکيائين،

“دکن کان به دل پنهنجو رشتو نه ٺاهيو

سکن ۾ به من کي سڪون ڪونه آيو

کِلياسين ته خلقت جي دردن ٿي روڪيو

رناسين ته دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو

نه خوش ٿي کلياسين، نه رنج ٿي رناسين

کلياسين رناسين اڌورا اڌورا

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا”

پر آڪاش اهو به بار بار چيو ته،

“خوابن تان هٿ نه کڻجو،

هي خواب ئي ته آهن هر درد ۾ دلاسو،

هي خواب ئي ته آهن پنهنجي اڪيلي پونجي

جنهن جي ڪري لڳي ٿي هي ڪائنات پنهنجي”