ڀٽ شاھه (ن پ ا) حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي جو راڳي فقير ۽ تمر فقير جو گادي نشين فقير علي ڏنو تمراڻي 70 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. فقير علي ڏنو تمراڻي جي تدفين درگاھه ڀٽ شاھه جي صحن ۾ سندس والد لائق ڏنو فقير تمراڻي جي ڀرسان ڪئي وئي، سندس تعلق ڀٽ شاه ويجهو ڳوٺ فقير لائق ڏنو تمراڻي سان هو تمر فقير جي گادي جو 10 گادي نشين هيو هن کان اڳ سندس والد فقير لائق ڏنو مٿان تمر فقير جي گادي جي پڳ هئي جڏهن ته هن کان اڳ فقير لائق ڏنو، فقير ميهار،فقير لائق ڏنو، فقير عبدﷲ، اسماعيل فقير، تمر فقير ۽ ٻيا تمر فقير جي خاندان جا فقير پڻ وڏي اوطاق جا گادي نشين ٿي گذريا آهن فقير علي ڏنو تمراڻي 20 سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي راڳ سکي ورتو هيو سندس اصل نالو علي حسن هيو ۽ پاڻ فقير علي ڏنو جي نالي سان سڃاتو ويندو هيو پاڻ حياتي ۾ ٻه شاديون ڪيائين هڪ پنهنجي برادري جي رشتيدارن مان ۽ هڪ ڪراچي مان ڪئي هئي کيس پهرين گهر واري مان ٽي نياڻيون ۽ هڪ پٽ جو اولاد جڏهن ته ٻئي شادي مان ٻه نياڻيون ۽ ٻن پٽن جو اولاد آهي جڏهن ته مرحوم فقير علي ڏنو تمراڻي جي وفات بعد سندس پڳ سندس وڏي فرزند فقير طالب حسين کي ٻڌرائي ويندي فقير علي ڏنو تمراڻي جي وفات جي خبر تي ڀٽ شاهه ۽ آسپاس سوڳ واري صورتحال ڇائنجي وئي تدفين بعد درگاه ڀٽائي ڀرسان وڏي اوطاق تي سندس تڏو وڇايو ويو آهي جتي سندس پٽن فقير طالب حسين، عابد حسين، عمران علي، اياز علي ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.