لطيفي گنج مان … پُنھون پاڻُ پيارِ …

0
28
لطيفي گنج مان ... پُنھون پاڻُ پيارِ ...

 تڙپ، تاس  ۽ اُڃ  ھر روپ ۾ اعصابن مٿان قابض ٿئي ٿي. جيئن ننڊ، بک ۽  جنسي خواھشن مٿان ڪو قانون ڪونه ٿو جُڙي، تيئن ئي جنسي لطف حاصل ڪندڙ جي حسرتن جو ڪاٿو اڻپورو ئي رهي ٿو. لفظ تشنگي رڳو پاڻي جي اُڃاري لاءِ محدود  ڪونھي، ان ۾ ھر خواھش جي تڙپ رکندڙ جي ڀيٽ ممڪن ٿي سگهي ٿي، جنھن کي لطيف بخوبي بيان ڪري ھڪ اُڃاري روح جي تڙپ رکندڙ جو بيان ڪري ٿو، جيڪي ماڻهو سماجي واھپي ۾ حسرتن جي اوڙاھ ۾ تڙپڻ واري وارتائن جو شڪار ٿين ٿا يا اھڙي ڪيفيت ۾ رھن ٿا، جنھن جو سڌو تعلق اسان جي سماجي زندگي گذاريندڙ هڪ عورت ذات جي ڀوڳنائن سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جنھن جو مثال سسئي جي قصي سان منسوب  متڀيد جي وارتائن ۾ ملي ٿو، جيڪي وارتائون جيئن پوءِ تيئن انيائن جا نوان نوان رخ اختيار ڪندي بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي اوج طرف وڌنديون رھن ٿيون ۽ روزانو جي بنياد تي ڪيتريون ئي ڪوس واريون وارداتون پيش اچن ٿيون. الميو اھو به آھي ته لطيفي خيالن کي ڪُھندڙ ھٿ به “جيئي لطيف” جو ورجاءُ ڪندي ٻڌجن ٿا.

جڏھن ته عورت جي اھڙن نازڪ احساسن جي ترجماني لطيف ھيٺين طرح بيان ڪري ٿو:

مَحبَتَ جَنِ جي مَنَ ۾، تَنِ تِشنَگِي تارِ،

پِي پيالو اُڃَ جو، اُڃَ سِين  اُڃَ اُٿِيارِ،

پُنھون پاڻُ پيارِ، ته اُڃَ سِين اُڃَ اُجهائيان.

جن جي من اندر ۾ محبت سمايل ھجي ٿي يا جيڪي محبت جي ذائقي مان لطف اندوز ٿيا، سي تمام گهڻو سِڪايل ٿا رھن، ۽ جن جدائيءَ (وڇوڙي) جو پيالو پيتو، تن ويتر پنھنجي پياس جاڳائي ڇڏي (تڙپ وڌائي) اي پنھون! مونکي پاڻ ۾ (پنھنجي ڀاڪر ۾) سماءِ، جيئن (سيراب ٿيان) ته من ڪا تڙپ جهڪي ٿئي، (سڪ پوري ٿئي).

محبت، عشق ۽ پيار جو مظھر اڪثر جنس ٿئي ٿو، جنھن جو اظھار بلوغت جي عمر کان لاحد تائين مختلف روپن، نظارن جو مرڪز ٿئي ٿو، جنھن سببان ڪائنات جي ھر جيوَ جي واڌ ويجهه جو تسلسل، رشتا، تعلق، سونھن، مطلب ته پوري ڪائنات جا سڀ رنگ ھڪ لفظ “محبت” جو مظھر ٿين ٿا، جنھن جي ڪَٿَ لطيف بيان ڪري چوي ٿو ته، “تشنگي تار” بيحد اُڃارا، يعني جنھن کي ڪنھن به ھڪ لقاءَ يا ڪنھن حد ۾ ماپي نه سگهجي. جنھن اُڃ جي ڪٿ نٿي ڪري سگهجي. اھڙي خيال کي سمجهڻ  يا اپنائڻ وارا اُڃارا ئي رھن ٿا، تن جي پياس، تئونس جيئن پوءِ تيئن وڌندي رھندي. تڏھن ئي چيائين ته، “پُنھون پاڻُ پيار”. اي پنھون! منھنجي ان تاس جو انت، ان اُڃَ جو ڇيھو تون پاڻ ئي آھين يا منھنجي تڙپ جو نتيجو تون خود ئي آھين، مونکي پاڻ ۾ سماءِ، پنھنجي ڇاتي يا سيني سان لڳاءِ ته جيئن منھنجي اُڃ ۽ تڙپ کي ڪا ماٺ ملي پوي، ٿڌي ٿئي. ان ڪري جي تنھنجي ڪوسي ٻک ۾  منھنجي راحت ۽ منهنجو سڪون آھي، جيڪو تنھنجي ملڻ سان ئي ملي پوندو!

سماج ۾ جنھن لفظ کي عبادت جو درجو ھجڻ گهرجي، بدقسمتي سان پنھنجو سماج تنھن کي گار جيان سمجهي ٿو، جيڪو ڪائناتي مظھر جو محور آھي، پر پاڻ وٽ سماجي رويا جياپي جي ھر لذت کان عاري ٿيندا پيا وڃن، جتي ڪنھن ٻي جيوَ جي تڙپ غيرت واري جذبي جو سبب بڻجي پوي ٿي ۽ انائن جا طوفان اُٿي پون ٿا، جيڪو اردگرد جا ڪک پن به ساڙيو ڇڏي. جتي ڏاڍ جو راڄ ۽ متڀيد پٺيان جيئڻ کي زندگي چيو وڃي، تنھن سماج ۾ سڏڪن ۽ سسڪين کان سواءِ ٻيو ڪجهه پلئہ به ڇا ٿو پوي!

لطيف ٻين  جي احساسن کي سمجهڻ سان گڏوگڏ ھر جيوَ جي جياپي کي مان ڏيڻ واري ڪيفيت سمجهائي ٿو،

مَحبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرُ پيالو جَنِ،

پيئڻِ پرچاءُ ناھِ ڪو، ڪنھن جنھن ڏاھَ ڏَڀَنِ،

جنھن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تنھن سُڃا سُڃَ  وَڃَنِ،

تيلانھَن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ  ۾.

جنھن به پنھنجو خيال محبت سان جوڙي رکيو، سي ڪن به ٻين مامرن ۾ ڪين ٿا پون، ڄڻ ڪنھن وڏي خبرداريءَ واري (فڪر) جي باھِ ۾ سڙن ٿا، جنھن جي ڪا حد ئي ڪانھي. تنھن ڪري ھو اڪيلائي وارو خيال پسند ڪن ٿا، تنھن ڪري توڻي جي ھو پاڻي جي وھڪرن ۾ به ڇو نه ھجن، تنھن ھوندي به پياسا رھن ٿا.

حقيقت جياپي جي اصلي سببن، ضرورتن کان واقف ٿيڻ واري ڄاڻ يعني جنھن سماج ۾ خواھشن جو قتل عام ڪيو وڃي، اُتي حساس طبيعت رکندڙ جو جياپو اڃارو ئي رھندو. جتي پسند ۽ ناپسند يا اظھار جي آزادي جو نتيجو ڀيانڪ موت جو سبب ٿئي يا ان پٺيان ذات پات ۽ نسلي ويڙھ جنم وٺي ۽ ھر ڏسا سُڃَ نظري جتي قرب محبت عيوض ڪروڌ جو ئي واسو ھجي، لطيف تنھن ديس جي ڪيفيت ۽ اتان جي واھپي جي عڪاسي ڪندي “سُڃا سُڃ وڃن” يعني سڪايل تڙپ ۾ رھجيو وڃن ٿا، حسرتون اڃايل ئي رھجيو وڃن، آسون ۽ اميدون ڀورا ڀورا ٿي وڃن. ان ديس ۾ جيئڻ کان مرڻ کي ترجيح ڏني وڃي، تنھن سماجي وھڪري ۾ خبرداري واري ھوراکورا ۾ ئي جيون کپايو وڃي. اُتي محبت ۽ قرابت به بي معنا نه ٿيندي ته ٻيو ڇا!  لطيف زندگي جي وھڪري تي گھري نظر رکندي سماجي اٿل پٿل ڪرائي جياپي جي حقيقتن سان شناسا ڪرائي ٿو. حقيقت سان سلھاڙيل زندگي گذارڻ سان ئي وقت ۽ جدت جي سچاين کي قبولي ھلڻ سيکاري ٿو.

/ڏسو صفحو 7 بقايا 01

انساني خواھشن جو ته ڪاٿو ممڪن ئي ڪونھي، ان ڪري جي جيئن پوءِ تيئن خواھشن جو جنم پٺيان جنمڻ گهڻي کان اڃان گهڻي ھجڻ جي طمع ڍَوَ کا پوءِ بک جو تسلسل.. تيئن ھن مھاساگر ۾ انسان پاڻ کي اڃارو ئي تصور ڪندو رھندو، تنھن ڪري جياپي جي مکيا ضرورتن جي حاصلات سماجي جوڙجڪ واري تبديلي ضروري ڀانئجي ٿي، جتي قانون سڀ لاءِ يڪسان ھجڻ ۾ ٿئي ٿي. متڀيد، ذات پات واري اونچ نيچ، نسلن واري اھميت ڏاڍي ۽ ھيڻي جي بنياد تي قانون جو جڙڻ، اظھار جي آزادي وغيره سڀ لاءِ برابر ھجڻ ۾ ئي سماجي توازن برقرار ڪري سگهي ٿو. پدري ۽ مادري سماج وارو تصور انساني خيال سان ئي ممڪنات ۾ آڻي سگهجي ٿو. تيئن لطيفي خيالن کي اپنائڻ سان حقيقي زندگي گذارڻ جا سڀئي گس سولا ڪندا وينداسون ته يقينن ھڪ باشعور سگهارو سماج جوڙي سگهجي ٿو.