سماجي المين جو اڻ کٽ سلسلو، يقينن ھن ڌرتيءَ جي اوائلي مسئلن مان ئي ھڪ ھوندو، جيڪو لڳاتار ھن دنيا جي گولي تي سنڌ جي سرزمين تي بنا اوسر ڪندڙ ذھنن جي زندگين کي پالي ٿي، فطرت ۽ جبلت جو قانون پنھنجا دائرا ته ڪونه ٿو مٽائي، تيئن ھتان جي زندگي جديد خطن جي زندگين مان متاثر ٿيندي لٽو، ڪپڙو ۽ رھڻيون ڪھڻيون پالش ۾ ضرور آڻي ٿي، گڏوگڏ وھندڙ حالتن جي اثر ۾ سوڙھا ۽ تنگ ذھن محلن جي ڪشادي اڱڻن ۾ قيد کولي نما طئي ٿيل دائري ۾ گذاريندي پسي سگهجن ٿا. ھتان جو طاقتور طبقو طاقتور کي ئي ھن ڌرتيءَ تي رھڻ جو حقدار سمجهي ٿو، باقي ٻيو انسان ٻي جيوت جيان جبلتي پورائي خاطر کاڄ سمجهيو وڃي ٿو ۽ جياپو کوھ ۾ ٻڌل ان ڪينگرين وانگر فرمانبرداريءَ جيان ڦيرا کائيندڙ ھجي، جنھن کي زندگي چئجي ٿو، پوءِ ڀلي جي ڀڳل ڪينگري جيان کڙتيل ملڻ جو ڪوبه انديشو ڇونه ھجي، ساٿ سان گڏ نه ھلڻ جو انڪار به موت جي صورت اختيار ڪيو بيٺو ھوندو آھي ۽ ساٿ سان ھلڻ جي به ساڳي صورتحال ٿي سگهي ٿي. مطلب ته پسند ناپسند جو اختيار جياپي ڪندڙ جيوَ جي ھٿ وس کان مٿاھين غيبي قوتن وٽ محفوظ ھجي ٿو.
جيئن لطيف ھڪڙو مثال ڏيندي چوي ٿو:
مُون کي ڀَانئين ڀَاڄَ، ڏيرَ ڏورَاڻَا ھَلِئَا،
اَڳِيَان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نه پَڪَمِ کَاڄَ،
ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪي ڳَايَمِ ڳَاڄَ،
سَامُون ھَٿَان نه ٿِي، جيڪَا رَسمَ رَاڄَ،
آيَلِ آئُون اَڪَاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.
ڏيرن مونکي ڀاڄوڪڙ يا ڀڄايل سمجهي دُوري اختيار ڪئي (پنھون کڻي ويا) شايد ان ڪري جو مون انھن اڳيان خوب طعام پيش نه ڪيا يا ھڪ جيڏيون سرتيون گڏي انھن اڳيان رقص جي محفل منعقد نه ڪئي يا شايد مون ھٿان راڄ رسمي ادائگي نه ٿي سگهي، مونکي ھنن ري نڪاحي يا ناڪاره سمجهيو، اي جيجان! ٻاروچا مونسان گهڻي ڪري ويا (وڏي ڪري ويا)
جن کي ننگن تي جان ڏيڻ گهربي ھئي، سي رڻن ۾ رولي ويا، ھڪ عورت جي مان سمان کي پنھنجي انائن جي پيرن ۾ لتاڙي هليا ويا، پنھنجي پدري روايتن کي برقرار رکڻ لاءِ مون تي داغ لڳائي ويا بلڪه مون سان وڏي زيادتي ڪري ويا.
مطلب ته رسمن کي ادا ڪرڻ انا جو سبب ٿئي ٿو، جنھن پٺيان زندگيءَ جي ڪا قيمت ڪونه ٿي بڻجي، جڏھن ته سماجَ انساني جياپي جي ضرورتن جا قانون ھجن ٿا.
(ھن بيت جي آخري اڌَ سِٽَ “ٻولُ ٻروچي وِترو” کي ٻاروچي پرينءَ جي ڳالھ ھر حال ۾ درست آھي، جھڙي معنيٰ سان ڪئي وئي آھي، جيڪو خيال بيت سان ٺھڪي ئي ڪونه ٿو ته ڇا ڳالھ ٻاروچي جي درست آھي، يعني جيڪا واردات ڪري ويا، جيڪا جُٺِ يا ھاڃو ڪري ويا، سو درست يا بھتر ڪري ويا. نه پر اھڙو داغ ڏئي ويا مطلب ته مونسان گهڻي ڪري ويا)
وَڃو سَڀِ وَرِي، اَئِين جي وَرَنِ وَارِيُون،
ڦوڙَائي فِرَاقَ جِي، سُڄي ڳَالهِه ڳَرِي،
ٻُنڀَان جَنِ ٻَريِ، ڏُونگَرُ سي ڏورِينديون.
اي وَرَنِ واريون سرتيون! اوھان سڀئي موٽي وڃو، ھن دردن جي بيان ڪرڻ وارو داستان ڊگهو ۽ پيچيدا آھي، ھي گهر کي لڳل باھ جيان آھي (گهريلو مامرو آھي) تيئن ھن ڏونگرن جون سختيون سيئي ڪنديون، جن سان اهڙي وارتا لاڳاپيل ھوندي.
اصولي تقاضا اھا آھي ته پاڻ سان لاڳاپيل ھر عمل جو ذميوار انسان خود ھجڻ گهرجي، لطيف سماجي واھپي کي جاندار نموني پيش ڪري ٿو ته، “ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي” گهر جو جهيڙو، گهريلو مامرو يا اندروني معاملو، ڳُجهه يا رازداريءَ ۾ جيڪڏھن ڪو سھڪار نٿو طلبي ته آزاد آھي، وڃو سڀ وري، مطلب ته سھڪار جي ضرورت ڪونھي، اوھان جا ڀوتار پنھنجن گهرن ۾ موجود آھن، تيئن توھان منھنجي مامري ۾ سختيون برداشت ڇو ڪيو؟ جيئن ته ھِي منھنجو نج ۽ ذاتي مامرو آھي، منھنجي ۽ پنھونءَ جي وچ ۾ سنجوڳ جو مامرو آھي، جنھن ۾ توھان دخل نه ڏيو ۽ موٽي وڃو .
ايئن ئي پاڻ ڀرا سماج جُڙندا آھن، جيئن لطيف سمجهائي ٿو:
وَڃو سَڀِ موٽِي، اَئِين جي وَرَنِ وَارِيُون،
ڪَانه ھَلَندِي ڪيچَ ڏي، مُونکي ڪَرِيو مَ کوٽِي،
ڪَڍِيَم ڪَا ڇوٽي، وِڌُمِ جوڳُ جَتَنِ لَئي.
مون جيڪو لنگ ڪڍيو آھي، نروار ٿي آھيان ۽ جيڪو مون موت جي مُنھن ۾ وڃڻ لاءِ حوصلو پيدا ڪيو آھي، منھنجي ارادي ۾ کوٽ نه بڻجو ۽ مونکي پرينءَ اڳيان مھڻي ھاب ڪين ڪيو، اوھان مان مونسان ڪابه ڪونه ھلندي، اوھين سڀ پنھنجي وَرَنِ ڏانھن موٽي وڃو. ھي منھنجي ۽ جتن وچ ۾ جوڳ جو سبب آھي، جنھن لاءِ ڪَرُ کڻي مونکي ئي پويان وڃڻو آھي.
ارادي مان حوصلو، جُرئت، طاقت حاصل ڪيو، پاڻ پنھنجي سر تي، پنھنجي ڏَڍَ تي حاصلاتون ڪيون سھڪار ملڻ يا قبول ڪرڻ به کوٽ جو سبب ٿئي ٿو. متان پرين اھو گمان ڪري ته سھڪار سان مون تائين رسائي ڪئي اٿائين، تيئن منھنجي جياپي تي اھڙو داغ لڳڻ مونکي پسند ناھي، جيئن:
ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي ھاتِڪَ ھَٿُ مَ لاءِ
صباحَ تو چُونداءِ، اسان تو اُڪاريو
تو جو ٻولُ ٻَروچَ، ويهِي ڪِئو وَڻِڪَارِ ۾
سوئِي پَارِجِ ھوتَ، وِلِھِيءَ مُون مَعذُورِ سين
اي محبوب باغن جي ڇانوَن ۾ جيڪي تو مونسان قول اقرار ڪيا ھئا، ھاڻي مون ھيڪلي ۽ ڪمزور سان اچي سي پاڙِ. (نڀاءِ)
عشق جي ابتدا ڀلي جي جون جھڙي تپندڙ ٻنپھرن ۾ ڇونه ڪجي، جتي ڪانوَ جي اکِ به نڪرندي ھجي پر عاشقن کي ھميشه بڙ جي گهاٽي وڻ جيان ڀاسندي آھي، تيئن ھتي وڻڪار مان مراد ھرگز لسٻيلي ۾ موجود علائقي وڻڪار سان نٿي ڀيٽي سگهجي ۽ نه ئي سسئي جي قصي ۾ ڪا اھڙي روايت موجود آهي، جنهن جي نتيجي ۾ کڻي قبول به ڪجي، تيئن بيان ڪيل مٿئين خيال سان درست بڻجي ٿي.ھن بيت ۾ ٻولُ، وچنُ يا واعدي پاڙڻ جو اشارو مکيه خيال آھي، تڪڙا واعدا يا پنھنجي گهرج خاطر انسان جيڪي جذبات ۾ اچي وچن ڪري ٿو وڃي ۽ وقت سر اُنھن جو نڀاءُ نٿو ڪري سگهي، تيئن ھتي رڳو پيار جي معاملي سان وابسته خيال ڪونھي پر زندگي جي سموري وھنوار سان لاڳاپيل ڌيان طلب ڳالھ آھي، جيڪو خيال نجي توڙي سماجي زندگي جي ساک ٿئي ٿو.