لطيفي گنج مان … مارڳَ ۾ مُنڌَ مُئِي

0
14
لطيفي گنج مان ... مارڳَ ۾ مُنڌَ مُئِي

 اڄ کان چار سئو سال اڳ پنھنجي سماج ۾ بنيادي اوڻاين کي لطيف ڀلي ڀت وائکو ڪندي ملي ٿو، جنھن وارتائن جو مکيه سبب اڄ جي ساڳي عورت آھي، جيڪا اڳ کان وڌيڪ ڀوڳنائن جو شڪار بڻي آھي،  توڻي جي ھي ايڪيھين صدي نج سائنسي صدي چئي وڃي ٿي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو راڳ ھر پاسي آلاپيو پيو وڃي، جتي سڀ پراڻ پسند خيال ۽ عقيدا تھس نھس ٿيڻ جي اڳڪٿي شامل ھجي ٿي، پر جيئن ته پاڻ وٽ طبقاتي سماج اڄ به پنھنجي طاقت سان مورچا مضبوط ڪيون ويٺل ملي ٿو.

                 ڪلھ جي سسئي کي ايترو اختيار مليل ھو جي ھُوءَ ڏاڍ سان منھن اٽڪائي جستجو ڪندي منزل طرف ھلندي ڏونگرن کي چيلينج ڪندي پئي ملي، پر اڄ جي عورت سرعام قتل ٿيندي رھي ٿي ۽ قاتل بھادري جھڙن القابن ۽ انعامن سان نوازيندي ملي ٿو. مقصد ته لطيف جو پيغام سماجي سگهه نه بڻجي سگهيو پر ابتو عقيدي جي ور چڙھي ويو! تيئن سنڌ اندر ھر جاءِ تي لطيف ۽ لطيف جو پرچار به جيڪو ملي ٿو، سو ماسواءِ عقيدي جي، ٻيو ڪجهه ڪونھي.!

لطيف جي سسئي ھن سائنسي دنيا ۾ اڄ به اُڃ، بُک ساڻ کنيون رڻ پٽ ۽ ريگستان جهاڳيندي پنھنجي وَرَ کي صدين کان ڳولهيندي ملي ٿي، جتي باقي دنيا جي عورت زندگيءَ مان خوب لطف اندوز ٿيندي نظرجي ٿي.

گهورِئو ھِيءُ ڀَنڀورُ، مون سَڱُ ٻاروچَنِ سِين،

آھي آرِيجنِ جو، ديوانِيءَ کي دَورُ،

سندو ھوتَنِ ھورِ، مَرڪُ ٿِئو مَعذورِ کي.

مون ھي ڀنڀور (جھان) پنھل جي رشتي تان گهور ڪري ڇڏيو، مون چريءَ مٿان پرينءَ جي سڪ جا پور ھميشه غالب رھن ٿا. آئون ھر وقت ان فڪر ۾ رھان ٿي، جيڪو پڻ مون تي واجب ٿئي ٿو، (ڀنڀور جا سک مون پرينءَ جي حاصلات پٺيان گهور ڪيان ٿي).

ڳالھ آھي سماجي تعلق جي نباھَ جي، ازدواجي زندگيءَ جي اُلجهيل مامرن ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ حالتن سان مھاڏو اٽڪائڻ يا پنھنجا حق حاصل ڪرڻ واري جستجو ۽ حوصلي جي. وقت ۽ حالتون لطيفي دؤر کان ڳنڀير نظرجن ٿيون، جيڪڏھن ان دؤر ۾ پنج ڪيس ملندا ته اڄوڪي وقت ۾ پنج سئو کن جي لڳ ڀڳ شمار ڪري سگهجن ٿا، جيئن اڄوڪي دور ۾ اظھار جي آزادي، پيار پرڻا يا راضپي کي ڇڙواڳي چيو ٿو وڃي، يقينن لطيف جي دور ۾ به اھڙي روش واھپي ۾ ھوندي، جنھن ڪري اھڙا نفيس خيال پڌرا ڪرڻا پيس، مقصد ته پنھنجي خطي ۾ اوڻايون جيئن پوءِ تيئن سگهاريون ٿيندي ھاڻي اڻٽر سبب بڻجي ويون آھن، جن کي حوصلي جھڙي سگهاري ارادن سان ئي مات ڏئي سگهجي ٿي. جيئن مٿئين روپ ۾ سسئي طبقاتي سماج جي مخالفت ۾ سر جو سانگو لاھي جستجو جي علامت بڻجي وڃي ٿي، تيئن لطيف ھر ساڃاھ وند کي سسئي سمجهي پنھنجي خيالن مان سيراب ڪرڻ چاھي ٿو، جنھن جو مقصد سماجي اوڻاين کي سمجهڻ ۽ انھن جو خاتمو ھجي ٿو.

ڪيچان اوري ڪِٿھِين وَڻُ نه ويساھِين

ڪَميڻي ڪيچِينِ لَئي پُرجِ پَراھِين

تاڻِجِ تيڏاھِين، وارجِ ڪا مَ وَرَڻَ جِي.

ڪيچ ڏانھن ويندڙ واٽ ۾ ڪٿي به وڻ ٽڻ جو نالو نشان ڪونهي، جتي ترسي ساھي کڻجي. اي بي زوري سست عورت! ڪيچين جي لاءِ وڏيون منزلون، پري تائين پنڌ ڪرڻا اٿئي، ۽ تون ھلندي رھُ ۽ دل ۾ پوئتي موٽڻ جو خيال ھرگز نه ڪج.

منزلون به اُھي ماڻين ٿا، جيڪي پويان جو اُڊڪو نٿا رکن، پنھنجي پوري ذميوارين ۽ حوش حواسن سان مقصد پويان جنبي وڃن ٿا، اڃ، بک، ڏک، تڪليفون تن جي ارادن کي پست نٿيون ڪري سگهن، جنھن جو مثال سسئيءَ سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جيڪا ڪمزور ۽ ھيڻي ھجڻ جي باوجود به ارڏائي ۽ حوصلي سان اڻ ڏٺل اڳاھين پنڌ جي جستجو ڪندي ملي ٿي، جيڪا پنھنجي ارادي ۾ سگهاري آھي ۽ موٽ کائي واپس ورڻ جو ڪو به تصور ڪونه ٿو اُڀري پر جيڪو سو اڳتي واري منزل جي اُڪير ۾ ملي ٿو، تيئن جيڪڏھن دنيا جي ڏکيائين مان پار پوڻ گهرو ٿا ته سسئيءَ واري روش اختيار ڪرڻي پوندي.

ڪيچَان اوري ڪيتَرِيُون، مَعذُورِيُون مُيون،

وَاٽُون ويَهہ ٿِيُون، ڪوھُه ڄَاڻَان ڪيهيءَ وِئَا.

ڪيچ (منزل) تائين پھچڻ کان اڳ ڪيتريون ئي ھيڻيون، ڪمزور واٽُن جي اُلجھن ۾ ڦاسي مري ويون ته قافلي وارا الائجي ڪھڙي دڳِ ويا؟

جياپي جو مونجهارو جيئڻ جو اختيار، ان سان لاڳاپيل سھولتڪاري، ڄاڻ يا جياپي جي خطرن کان آگاھي وارو بنيادي علم، جنھن پٺيان خبردار زندگي گذاري سگهجي، ھن ديس ۾ جياپي متعلق ڪوبه علم ڪونه ڏنو ويندو آھي ۽ نه اڄ تائين ڪا اھڙي درسگاھ جُڙي سگهي آھي، جتي نج جياپي متعلق پاڻ سنڀاري جيئڻ جا گس ڏسيا وڃن، جتي جواني ۽ ان سان سلھاڙيل خطرا، اھنج ثابت قدمي يا سنجوڳي مامرا يا ارتقائي واڌ ويجهه کان واقف ڪيو وڃي، پر افسوس جي اھڙي ڄاڻ نه ھجڻ سببان محبوب جي ميلاپ واري خوشيءَ وچان کنيل قدم تا عمر سورن جو سامان بڻجي وڃن ٿا يا انھن قدمن کي ھميشه لاءِ ڪپيو وڃي ٿو، جنھن کي غيرت جو تصور سمجهيو وڃي ٿو.

سَتِ سُورَنِ جي سَسُئِي، ڏري ۽ ڏَاري،

پييَائِي پُنُوھَه ڏي، نِرمَلُ نهَاري،

لَالَڻَ جِي لَطِيفُ چَئي، سُونهَنِ سُتِيَائي سَاري،

پِريتَڻو پَاري، مَارَڳَ ۾ مُنڌَ مُئِي.

سورن جي سٽيل سسئي منزل (پنڌ) کي چيرڦاڙ ڪندي ڏريندي اڳتي وڌندي ٿي رھي، جنھن وٽان زرخيز ٿي (جنھن ذائقي متوالي ڪئي) پنھنجي اُن پرين پنھونءَ ڏانھن  واجهائي ٿي، لطيف چواڻي تنھن محبوب جي ڳُڻن کي ورجائي پئي، سسئي محبت جو نڀاءُ ڪندي ڪندي نيٺ ويچاري دڳن ۾ مري کپي ويئي!

جنسي عمل، جنھن کي سماج ۾ بُري ۽ بَد لفظن سان ڀيٽا ڪئي ويندي رھي آھي، توڻي جو ڪائنات جي واڌ ويجهه جو مکيه سبب ھجي ٿي، جيڪا ھر جاندار جي جياپي جو سبب ھجي ٿي، تيئن انساني سماجي جوڙ زال مڙس جو جتان ٻنڌجڻ وجود ۾ آيو، جتان انساني خاندان جو تصور پروان چڙھيو ۽ جتان سسئي زال مڙسي جو سواد ورتو، تنھن ور جي پويان پاڻ پتوڙيو ۽ تاريخ رقم ڪري ڇڏيائين، تيئن سماجي متڀيد ۾ جوڙن کي ڌار ڪرڻ يا وڇوٽي پيدا ڪرڻ سفاڪ خيال ڄاتو وڃي ھا، نڪي تن پٺيان انا جا طوفان کڙا ڪري ڪنھن جي ارمانن جو قتل ڪري ڇڏڻ ٿئي ھا، جيئن سسئي پنھون جي جدا ٿيڻ جو ڪارڻ ذات برادري، نسل يا قوم ٿئي ٿي، تنھن انياءَ کان پاسو ڪرڻ ۽ حقيقتن کي مڃڻ سان ئي سماج سگهارو بڻجي ٿو.

وچور؛ لفظ سَٽِ يعني سٽيل، سورن جي سٽيل يا ماريل کي به اڪثر سَتِ يعني سَتِي سمجهيو ويو، تيئن ڏري ۽ ڏاري يعني پنڌ سان لاڳپيل لفظ پنڌُ ڏري وڌائين يا ڏاري وڌائين مطلب ته گهٽ وڌ کنيل وِکَ، قدم سان منزل ڏانھن ڌوڪڻ، ھلڻ کي روئي ۽ روئاري سان ڀيٽيو ويو، تيئن پييائي اصل مطلب وري به پيئڻ، سيراب ٿيڻ، سنجوگ ڪرڻ لطف اندوز ٿيڻ ٿيندو، جتان پوک کي پاڻي ملي، پوک سيراب ٿئي کي، پييائي يعني  پٽ تي پيل، زمين تي ڪريل ڄاتو ويو ۽ سُتيائي يعني ٿڌو ٿيل، يعني ماٺارجي ويل خيال کي يا ماٺار واري ڪيفيت ۾ ھجڻ جي باوجود به ھُوءَ پرينءَ جي خيال کان غافل نٿي رھي، تنھن خيال کي سَتي يا سَتيائي، يعني سچي، پاڪدامن يا سمھڻ واري حالت سان ڀيٽو ويو.

مقصد ته ھن جديد سائنسي دؤر ۾ پنھنجي سنڌ، سنڌي سماج ۽ سنڌي عورت ڪٿي بيٺل آھي، جيڪو اسان سڀني لاءِ سواليه نشان آھي؟!