لطيفي گنج مان … سٽَ سُورَن جي سسئي….

0
49
لطيفي گنج مان ... سٽَ سُورَن جي سسئي....

  منھنجو هي لکجندڙ ڪالم سلسلو جيڪو “سسئي” جي چوڌاري ڦيرا پائيندو رهيو آهي. سسئي جيڪا سراپا سماجي انقلاب تي ٺهيل جستجو ۽ جاکوڙ جو نالو ٿي چڪي آھي، جتان اسان کي پاڻ ڀرو ۽ ھمٿ ڀريي جياپي جو پيغام ملي ٿو، جنهن رستي سان ھن قوم مٿان ٿاڦيل متڀيد جا سڀ قانون ٽوڙي سگهجن ٿا ۽ اھڙو آزاد معاشرو جوڙي سگهجي ٿو، جتي حقيقي زندگي جو راڄ سڀ ڪنھن لاءِ برابريءَ وارو ھجي. لطيف اسان کي اھنجن ۽ ڏکن کي پنھنجو ڪرڻ جو سبق سمجهائي ٿو، جيڪو باشعور جياپو جيئڻ جا سڀ گس سولا ڪري ڏيکاري ٿو. پاڻ لطيف کي سدائين هڪ سماجي مھندار طور ڄاڻون ٿا ۽ جيڪي لفظن جا مونجهارا سامھون ايندا ٿا رھن، تن لفظن کي سسئي جي رائج ٿيل قصي سان ڀيٽيندي جياپي جو اتساھ وٺندا هلون ٿا. جيئن پنھنجي راءِ کي حتمي  ڪونه ٿا ڄاڻون، تيئن سنگت اگر پنھنجي خيالن سان رھمنائي ڪندي ته اها رهنمائي مون لاءِ فخر جو هڪ سبب بڻجندي.

کاڻِي کيڙِڻِ ھيٺِ، ويٺي روءِ رَتَ ڦُڙا،

ڪا مُون ٿيندِي ڏيٺِ، ٻِيھَرَ ٻاروچَنِ سِين.

جستجو، ڳولهائو، ووڙ ڪندي ڪندي سسئيءَ  پاڻ ساڙي ڇڏيو آهي ۽ رت جا ڳوڙھا روئي ٿي، پڇتائي ٿي ته وري ٻيهر ڪڏھن منھنجي پنهنجي پرينءَ سان ملاقات ٿيندي به الائي جي نه !

وڃائجي ويل وقت پڇتاوَ يا ڳاراڻي جو سبب بڻجي ٿو، ڇو جو اهو وري واپس ته ڪونه ٿو وري پر جستجو، جاکوڙ ۽ پاڻ پتوڙڻ سان نتيجا سولا ضرور ٿين ٿا، پر پڇتاوَ واري پيڙا بقايا زندگيءَ کي خبردار ڪري ٿي ڇڏي ۽ غلطين جي سڌاري جو سبب بڻجي ٿي. غير ذميواري ۾ رھڻ کان بچائي ٿي، خبردار قسم جي زندگي ۽ ھوش حواسن سان جياپو ڪرڻ جو ڏس ڏئي ٿي. وچور اهو ٿيو ته لفظ “کيرِن”، جنھن جي معنا جابلو علائقي جا وڻ چون ٿا، اهڙو وڻ جنهن ۾ ڇانوَ ڪانه ٿي ٿئي، تن وڻن ھيٺ سسئيءَ ويھڪون ڪيون ۽ جتان پاڻُ ساڙي وڌائين يا عشق جي اساٽ کيس صفا ساڙي ڇڏيو، پر ان لفظ کي کيڙ، کيڙڻ، زمين کيڙڻ، ھر ڏيڻ، جاکوڙڻ، جستجو ڪرڻ، ووڙڻ، ڳولھائو ٿيڻ وٺڻ کپي، جيئن زمين کيڙجي يعني سسئيءَ جبلن ۾ ٻاڙيءَ ٻاڙيءَ ڳولھائون ڪيون، ڪشٽ، ڪشالا ۽ تکي اُس جا پنڌ ڪندي ڪندي پاڻ کي ساڙي ڇڏيو.

وَسِي وَسِي مِينھُن، جيئن لٽي وييَسِ گيھَ،

توءِ پِرِيان جي ڏيھَ، پيئي پُڇي خبرُون.

ڳوڙھا ھاريندي، منزلون ڪندي توڻي جو سسئي ٿڪجي نِسَتي ٿي پئي، تڏھن به پرين جي پار ڏانھن رستا جاچيندي اڳتي وڌندي پئي ھلي.

مقصد، منزل جي تڙپ، پرينءَ جي ڳولھا وقتي رڪاوٽون يا وقت جو ضايع ڪرڻ نه سمجهجي، لڳاتار واري ڪرت نتيجن جو سبب ٿئي ٿي. طعنا، ٽوڪون، طنز، مھڻا، ميارون مختلف حربا ھل ھنگاما سڀ منزل، مقصد جون رڪاوٽون هونديون آهن پر تن پٺيان پنھنجو وقت ضايع ڪين ڪجي. سڀ چٿرون قبول ڪجن پر مقصد آڏو رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏجن. وقت ۽ حالتون ڏسي لوڪ پٺيان ڪن ڌرڻ گويا مقصد تان ھٿ کڻڻ ئي آهي، تيئن ھوريان ڏاڍيان ڪرت سان واڳيل ئي رھجي، جو ان سان مقصد جون گهرجون سلھاڙيل هونديون آهن. تاخير جو سبب مايوسي يا نااميدي، روڄ راڙو نه ھجي. بلڪه اميد ۽ شوق سان ارادا سگهارا ڪري سگهجن  ٿا. مطلب ته ھر حال ۾ مقصد جي پوئواري ۾ جيون گهارجي، پوءِ ڀلي جي زندگيءَ کي انت اچي وڃي.  وچور: بيت کي سمجهڻ ۽ ان مان ظاھري لقاءَ کي معنا ڏيڻ لاءِ يقينن ترتيب ڏنل قصي سان بيھڻ گهرجي، جڏھن ته بيت ۾ لفظ ‘کيھ’ يعني دز مٽي جي اڏامندڙ رئي، غبار يا ڌُنڌُ  ٿيندو، تيئن سڄي سٽ جي معنا ٿيندي ته، مينھن پوڻ شرط مٽي يا دز رستا ڍڪي ڇڏيا، جتان چٽائي ٿيڻ گهرجي. مينھن پوڻ سان مٽي جي طوفان رستا ڍڪي ڇڏيا، جڏھن تہ اھو لفظ گِيھَ يعني پنڌ جي ڊيگهه، پنڌ جي ڇڪ ڇڪان، پنڌ واري ڪشمڪش سسئي کي لٽي وڌو يعني ٿڪائي وڌو، چڪناچور ڪري ڇڏيو، نستو ڪري وڌو، تنھن جي باوجود به ھوءَ پرين جي پوئواري کان غافل ڪانه ٿي.

اَولِ آخرِ آھِ ، ھلَڻُ مُنھنجو ھوتَ ڏي،

پورِهيو سَندو پورِهِيتين، والي ڪِيمَ وِڃاءِ،

سو مُون ٿورو لاءِ، جيئري مِلان جَتَ کي.

يعني اڳي پوءِ منھنجو ھلڻ ھوت پنھون ڏانھن آھي. اي ڌڻي! جيڪي ڪشٽ وارو پورھيو ڪن، تن جا ڪشالا، پنڌَ صابِ ڪر، پر اھو مون تي خاص احسان ڪر ته جيئن جيئري ئي محبوب سان  ملي سگهان. جيڪو اڳي يا پوءِ ڪرڻو آھي، سو ڪري ڏجي. تيئن توڪل ڌڻي جي آسري ڪري نڪري پئجي، پنھنجي ھوش حواسن سان گڏ ڪم جي تڪميل جو اونو ساڻ ڪري، ڪشالا محنت ڪرڻ سان ئي عظمت ٿئي ٿي. تيئن مقصد جي حاصلات جياپي جو سبب ۽ ڏڍُ ڪرڻ گهرجي، تيئن لطيف  ڪرشمو يا ڪو معجزو ڪونه ٿو طلب ڪرائي پر محنت جو اجورو ان ڪشٽ ۽ ڪشالي جي ڪمائي صاب پوڻ واري التجا ٿو سمجهائي يعني شرط وري به محنت سان سمجهائي ٿو:

سَٽِ سُورَنِ جي سسئي، ڏَري ۽ ڏاري،

پييائي پُنھونءَ ڏي، نِرملُ نِھاري،

لالَڻ جي لطيفُ چئي، سُونھن سُتيائي ساري،

پِرِيتَڻو  پاري، مارَڳَ ۾ مُنڌ مُئي.

سورن جي سٽيل سسئي منزل (پنڌ) کي ڏاريندي اڳتي ٿي وڌي، (جنھن وٽان) زرخيز ٿي (جنھن ذائقي متوالي ڪئي) تنھن پرين پنھونءَ ڏانھن واجهائي ٿي پئي. لطيف چواڻي تنھن محبوب کان مليل ذائقي، لطف کي ورجائي پئي. سسئي ان محبت ڀري تعلق جو نڀاءُ ڪندي ڪندي نيٺ ويچاري دڳن ۾ مري ويئي.

وچور: ڏري ۽ ڏاري يعني پنڌ سان لاڳپيل لفظ کي روئي ۽ روئاري سان ڀيٽيو ويو، تيئن ئي پييائي يعني جتان سُرڪي پيتائين، سيراب ٿي، جيئن پوک کي پاڻي سان سيراب ڪجي، زمين پاڻيءَ سان سيراب ٿئي يا لڳاتار کي پييائي يعني  پٽ تي پيل، زمين تي ڪريل ڄاتو ويو ۽ سُتيائي = سُتي پوڻ، چُوس پوڻ، علت پوڻ  واري خيال کي، سَتي يا سَتيائي، يا سُتل يعني سچي، پاڪدامن يا سمھڻ واري حالت سان ڀيٽو ويو.