لطيفي گنج مان … سُورن کي سَگھَ بڻائيندڙ لطيف

0
61
لطيفي گنج مان ... سُورن کي سَگھَ بڻائيندڙ لطيف

  اهو اعتراف ڪرڻ ۾ ڪابہ گهٽتائي ڪانهي، ته پاڻ اڪثر هن گوناگون قسم جي حيات جي حقيقت کان نہ فقط اڻ ڄاڻ پر ڪوهين ڏور آھيون، اسان تيستائين حقيقت پسند نٿا ٿي سگهون جيستائين پنھنجي ڪم جا پاڻ ذميوار نٿا بڻجون. جڏھن تہ جياپي جي حقيقت، کوڙ سارن  عقيدن جي مخالف ھوندي آهي، جيئن اڪثر اسان چوندا آهيون تہ سڀني کي ڌڻي کارائي ٿو يا مٿيون مالڪ ڏيندو ، يا مطلب ته اسان جي اختيار ۾ ڪجهہ به ڪونھي وغيره وغيره.

                 ھاڻي اسان جيڪڏهن ٿا “ھا” ڪريون تہ اردگرد وارا سڀ ئي ھا ۾ ھا ملائيندا ۽ سڄو معاملو ئي ختم شد، پر جي اوھان  مان ڪو اٿي بيهي چوي تہ ائين ڪونھي، ھر شئي جي حاصلات جو ڪو نہ ڪو ذريعو ھجي ٿو، يعني ان عمل مان گذرڻ کان پوءِ ئي ڪنهن ممڪنات جو حصول ٿئي ٿو، تہ ويٺل سنگت مان تقريبن اڌ سنگت جي راءِ ھڪدم اوھان جي مخالف ٿي بيهندي، باقي بچيل سنگت مان ڪي وري جيت جڻن ۽ پکي پکڻن جي خوراڪ جا عجيب و غريب مثال پيش ڪندا تہ ڪي وري اوھان کي اتي جو اتي ڪافر منڪر جي فتوائن سان رنگي شيطان مثل بڻائڻ ۾ ڪا ڪثر ڪونہ ڇڏيندا. ان ۽ اهڙي ئي ماحول ۾ حقيقي زندگي گذارڻ جو گس مشڪل ٿيندو ويندو آهي.

اسان پنھنجو پاڻ سان پنهنجي ايبسوليوٽ اڻ ڄاڻائي سبب ڪيتري حد تائين ظلم ڪري وڃون ٿا، جڏھن تہ بک جي پورائي خاطر حقيقي مرحلن مان هر روز گذرون بہ پيا ٿا، ھڪ ڪلو اٽو بہ تڏھن حاصل ٿئي ٿو جڏھن ان جي مقرره قيمت ادا ڪريون ٿا، اتي اگر  اٽي جي حاصلات لاءِ ورد ڪرڻ ويهون ته سئو سيڪڙو بک ڪاٽڻي پوندي آهي، خير، عقيدي جي جنت بہ هتي ته ھن دنيا جي ڪرت سان ئي واڳيل آھي، تيئن حقيقي گهرجن پٺيان ڪانه ڪا  ادائگي اولين شرط ھجي ٿي، ڏک ۽ سک جياپي جو حصو ٿين ٿا، جيڪي ڪنھن بہ نفسياتي دائو پيچ کان مٿانھون ٿي عملي زندگي واري جستجو جو حصو آهن، جنھن جا سولا مثال لطيف ھر ھنڌ بيان ڪري ٿو.

جڏھن تہ لطيف جي گنج جي شروعات ٿئي ئي سسئي جي سر سان ٿي، تيئن پاڻ ترتيب وار لطيفي خيالن کي سماجي وارتائن سان ڀيٽيندا ٿا رھون، جيڪي سماجي متڀيد پٺيان ڀوڳنائون سسئي هڪ نازڪ عورت ٿي ڪري ڀوڳيون سي سڀ پنھنجي سماج ۾ جيئن جو تيئن جاري رھنديون اچن پيون. تڪليفون ڪرڻ جا ڪارڻ ۽ سسئي جي حالت زار کان واقف ڪرائڻ جو مقصد عام عوامي جاڳرتا ھجي ٿي پر پاڻ لطيفي لفظن يا خيالن جا چڱا پيري بہ ثابت ڪونہ ٿي سگهيا آھيون، صديون پراڻيون ريتون رسمون جن کي لطيف پنھنجي وقت ۾ نهڪاري ۽ نندي ٿو، سيئي وارتائون بجاءِ گهٽ ٿيڻ جي وڌي بلائون بڻجي وڃن ٿيون ۽ ڪُڌيون رسمون وبائن جي صورت ڳجهون بڻجي ھر گهر مان ڍونڍ تلاش ڪنديون رھن ٿيون.

ڏُھُلا  مُون ڏينھن ٿِيا ،  پَييُمِ  ڄامَ  ڄَيون،

ڪَندي  پنڌُ  پَھاڙَ  ۾  ، ٿِيَڙُمِ  روحُ  رَيُون ،

لُڇِيو ٿِيان لطيفُ چَئي ،ڪارَڻِ دوستَ دَيُون،

ڀانئِيان لَڪَ لَيُون ،جي سُورَ پِرِيان جا ساڻُ مُون.

جستجو ۽ جاکوڙ جي مقصد ۾ سڀ عيش عشرتون ڇڏڻيون پئجي وڃن ٿيون ۽ حقيقي وارتائن سان سلھاڙجي ھلڻو پوي ٿو، جنھن سفر ۾ ڪي سھولتون ميسر ڪونھن جنھن سبب جي ڪري ھڪ نازڪ عورت سماجي متڀيد جي ور چڙھي، پھاڙن جا اڙانگا دڳ ووڙي ٿي ۽ رستن ۾ ايندڙ دشوارين کي سنگي ۽ سنگتي ڀانئي منزلن جا ڪشالا ڪاٽي ٿي،هن وٽ   وقت ۽ حالتن پٺيان ھلڻ بنا ٻيو ڪو بہ چارو ڪونہ هو، جنهن ساٿيءَ پٺيان تڪليفون ڪري تنهن سان ميل جي اميد رکيون اڳتي وڌي ٿي ۽ ساٿ  کان پٺتي رھجي وڃڻ جي سبب سلسلي ۾ ايندڙ بيت ۾ لطيف هيئن وضاحت ڪري ٿو.

ڀنڀورَ جي سُکنِ، مونکي ساٿان کاريو،

ھاڻي ساڻُ ڏُکنِ ، تان ڪي ڏُنگرُ ڏوريان.

يعني سکن مونکي بگاڙي ڇڏيو آهي، جنھن سببان ساٿين کان رھجي ويس مطلب تہ سک انسان جي بگاڙ جو سبب ٿين ٿا. جيڪي سماجي وھڪري مان ڌڪي ٻاھر ڪن ٿا جيڪي تاحيات سور بڻجي پون ٿا، ٻي ڳالھ تہ سماج سان گڏجي ھلڻ  ھر فرد جي سونھن ٿئي ٿي، جيئن سسئي کي مثال طور تي سماجي رشتي سان لڳاءَ جو اهڃاڻ ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو.

وارن ۾ ڄَيون پوڻ کي اسان سوچ جي علامت سمجهون ٿا، جتان جي پھاڙن ۾ اڪيلي پنڌن سان ئي روح ريون ٿئي ٿو، خوف خطرن واري زندگي جنم وٺي ٿي پر جنھن دوست وٽ زندگي جو سڪون رکيل آھي تنھن بنا جياپو ڪھڙي ڪم جو؟ لطيف تمام نازڪيت سان جيون جا سڀ رخ سمجهائي ٿو، گويا نسلن کي بچاءَ جا دڳ ڏئي ھڪ سگهارو معاشرو جوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ترتيب وار ايندڙ بيت مٿين بيتن جو تسلسل ۾ آڻين ٿا تہ جياپي جي ڏکيائن جو ڪارڻ منھنجا سک بڻيا، اُھي سک جن مونکي ابي امان جي دادلي بڻايو جن مونکي ڪرت ۽ تڪليف ۾ پوڻ نہ ڏنو جيڪو منھنجي بگاڙ جو سبب ٿيو جيئن سک بگاڙ جو سبب ئي بڻجن ٿا، تيئن سکن وارو ننڍڙن ڏکن ۾ بہ الجهيو وڃي، تيئن جيون جا نازڪ مرحلا  ڳنڀير بڻجيو وڃن، سکن جا طالبو ضرور ٿيو پر ساٿ سان جڙيل رھو يعني ڏکن جا انڪاري بہ ڪين ٿيو، ان جي امڪان کي رد نہ ڪريو، جي سکن پٺيان علامت ڏک بہ ھجن ٿا، جيڪي ڀوڳنائن جو سبب ٿين ٿا يا جيئن حاصل ٿيل شيءِ جي اھميت وڃائڻ کان پوء ٿئي ٿي، تيئن حاصل ٿيل شيءِ  کي قدر جي نگاھ سان ڏسجي، تيئن ساٿُ وقت جي شناسائي، وقت سان ھلڻ، وقت جو قدر ۽ اھميت ڄاڻڻ  بہ ٿئي ٿو:

وَرُ لَڪَنِ جي لوڏ، گهوريا سُکَ ڀنڀورَ جا،

اَمڙِ جي تُون آڇيين، سي ڪمِ نہ اچنِ ڪوڏَ،

ھِينئين مُنھِجي ھوڏَ ،ٻَڌي  ٻاروچَنِ  سِين.

مطلب ته مونکي پھاڙن جا ڌڪا ٿاٻا بھتر ٿا لڳن،مون ڀنڀور جون عياشيون ۽ سک پرين تان قربان ڪيا، ۽ اي جيجان! تون جيڪي ساٺَ سنوڻ يا خوشي، سرھائيءَ جون حرفتون پئي ڪرين، يعني ريجهائڻ ٿي چاھين،  سي سڀ منھنجي ڪم جون ڪين اٿئي، جو مان اندر ۾ ئي ٻاروچن سان ضد  ڪري چڪي آھيان تہ مقصد کي حاصل ڪري ئي رھنديس، پنھنجي مقصد ۾ ضرور ڪامياب ٿينديس، مون من ۾ سٽاءُ سِٽي ڇڏيو آھي، اي جيجان! تنھن ڪري تنھنجي سمجهاڻي مون تي ڪوئي اثر ڪونہ ڪندي،!  وقت ۽ حالتن کي سمجهندڙ فرد ئي بغاوت جو مرتڪب ٿئي ٿو.

يعني دعا ، ڌاڳا ڦيڻا، مِنَتون، ھڪ ثابت انسان جو مشغلو ڪين ھجن،! تيئن ٻين جي آسري وقت ڪين وڃائجي ۽ حالتن پٽاندر ڌڪا ٿاٻا يا مشقت وقت وڃائڻ کان ڪيئي ڀيرا بھتر ھجي ٿي جيڪا وس آھر ڪري ڏجي، نڪي دعا ڌاڳن جي پويان وقت وڃائڻ گهرجي يا ٻين جي آسري وقت ضايع ڪجي، ۽ ھر ڪم  ۾ شدت، ھوڏ اختيار ڪرڻ سان ئي نتيجا ملن ٿا.

پنھنجي سماج ۾ وھندڙ خيالن کي جاچيندي لطيف جي ان بيت مان تاريخي ڏس ملي ٿو تہ سنڌي سماج اجايا سجايا وسوسا ۽ عقيدا ڪم آڻيندو رھيو آھي تيئن لطيف سسئيءَ بڻجي وقت جي پيرن ۽ درگاھن کي للڪار ڪري ٿو، ساڳئي ئي طريقي سان عام کي سبق ڏي ٿو تہ وقت سان مھاڏو اٽڪايو ۽ وقت سان ھلڻ کي اھميت ڏيو، ڪنھن جي آسري يا عقيدي پٺيان جواني يا حياتي نہ وڃايو، تيئن وقتائتو پاڻ ملھائڻ ئي نتيجن جو سبب ٿي سگهي ٿو، نہ ڪي ڪنھن دعا يا ڦيڻن پويان ڪي نتيجا ھجن ٿا، پنھنجي مقصد جي حاصلات پويان ھٺيلا ۽ جوشيلا ٿي نڪري پئو ۽ سماج جو اتساھ بڻجي وڃو.!