لطيفي گنج مان … سو پِرين پرانھون مَ چئو …

0
66
لطيفي گنج مان ... سو پِرين پرانھون مَ چئو ...

 ونءُ اُلٽو عام سين جي پيغام کان يعني جڳ جيان نہ ٿيءُ جيئن جڳ ڪري يا چوي ٿو، تن ڳالھين تي ڌيان نہ  ڏي، ان جو سبب تہ اڪثريت گمراھ ھجي ٿي يعني رسمن جي تابعداري ۾ جڪڙيل ٿئي ٿي، جيئن ڏاڍ پٺيان جوڙيل زندگي جو وھنوار اڪثر اڻپورين خواھشن جو سبب ٿئي ٿو، جيئن پنھنجي سماجي وھڪري ۾ پنھنجي مرضي واري حيات نٿي گذاري سگهجي، جڏھن تہ جياپي جي آزادي واري طلب لڳ ڀڳ سڀ ڪنھن وٽ ئي ھجي ٿي، تيئن اھڙي واٽ جي چونڊ ڪرڻ، جتي پنھنجي احساسن کي معنا ڏئي سگهجي ۽ پنھنجي چونڊيل زندگي اختيار ڪري سگهجي، جيڪا پڻ جياپي جي هڪ سهڻي حقيقت ھجي ٿي.

جيئن جيئن جَهلي جَڳُ، تِيئن تِيئن مُون تاڪِيدُ ٿِئي،

ڳَھلو ٿو ڳالِهيون ڪَري، وِرِسِيو ڀُڻي    وڳُ،

لوڪُ لتاڙي ننڊَ ۾،  پُٺِيءَ لالَڻَ لَڳُ،

آرِياڻِي اورَڳُ، ڀنڀوران ٻاھَرِ ٿِي.

جيئن جيئن جڳ وارا روڪ ڪن ٿا، تيئن تيئن مونکي ڄڻ تنبيھ ڪن ٿا، بي خبر ٿي ڳالهيون ڪندڙ ، ڀلي سنسار کي گروھن جي صورت ۾ گمراھ ڪندا ئي رھندا، پر تون غافل لوڪ جي ڳالهين کي اورانگهي پرينءَ پويان (ڳولھائو) ٿي نڪري پئو، پنھونء جي ڳولها ڀنڀور کان ٻاھر نڪرڻ ۾ اٿئي.

ھراسيل سماج، مقصد جي حاصلات ۾ اوڻايون ڏسي پاڻ تہ ڪجهہ ڪونہ ڪندا آھن پر اوکاين سان مھاڏو اٽڪائيندڙ ٻين کي بہ روڪي وجهندا آھن، جڏھن تہ مشڪلاتون ۽ ڪشٽ ئي حاصلاتن جو سبب ھجن ٿا، جيئن انساني فطرت بہ روڪڻ واري عمل ڏانھن وڌيڪ مائل ٿئي ٿي، منع ٿيل ڪم ڏانھن اتساھ وڌندو آھي ۽ جيسيتائين ان تجسس کي لقاءَ ۾ نٿو ڏسجي، تيسيتائين اڻ تڻ واري ڪيفيت ۾ رھجي ٿو يعني جيڪو خيال اڀري ٿو، تنھن پويان لوڪ جي پرواھ ڪين ڪجي يا لوڪ جي ڳالهين تي ڌيان ڪين ڏجي، جتان مقصد ماٺو ٿئي ٿو. ٻين جي راين ۽ مشورن کي اورانگهي نڪرڻ بہ حاصلات جي ابتدا ٿئي ٿي، تيئن وقت ۽ حالت واري پرک ڪرڻ سماجي وھندڙ رسمن جي اوڻاين جو مخالف ٿيڻ، حقيقت کي تسليم ڪري تنھن جي پوئواري ڪرڻ، متڀيد ۽ اڪثريتي ريتن رسمن جي نندا ڪرڻ بہ تہ ڪشٽ ۽ مسافت ئي تہ ھجي ٿي، تن کان انڪاري ٿيڻ بہ ڪشالن جيان ڏکيو ئي ھجي ٿو، ويٺي رھڻ واري سوچن کي رد ڪري زميني حالتن پويان ھلڻ جي ڪوشش ڪجي.

پَسِي ڏُونگَرَ ڏاھِ ! جِمَ  ھلَڻَ ۾ ھيڻِي  وَھين،

لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاھِ،

پُڇِي پُورجِ، سَسُئِي! بَلوچاڻِي باھِ،

اِنَ وَڙائِتي وَرَ جِي، آسَرَ ھڏِ مَ لاھِ،

جو اَڳِيَنَئُون اوڏو آھِ، سو پِرين پَرانهون مَ چئو.

سسئي! تون جبلن جي تپش (سختي) ڏسي، متان پنڌ ۾ ڍري ٿئين! پر تون چيلهہ ٻڌي ڪيچين پٺيان ڪاهيندي وڃ، اي سسئي! (بلوچستان جي پھاڙي) علائقئن جي خطرن کان واقفيت رکي اڳتي وڌندي ھل، انهيءَ ڳُڻائتي (وڙائتي) مقصد يعني ڀتار مان نااميد نہ ٿِجِ، جيڪو تنھنجي اڳيان ويجهو ويندڙ اٿئي! تنھن کي پري ڪين ڀانئج،

منزل، مقصد ماڻڻ ۾ رڪاوٽون اينديون آھن، تيئن انھن کان خائف ٿي منھن نہ موڙج، جوش جذبي ۾ ماٺار نہ ڪج، وھڪ ۾ ڍرو ڪين ٿج،  ارادي ۾ سستي نہ ڪج، پر ارادو مضبوط ھجڻ گهرجي ۽ خبرداري واري ھلت سان اڳتي وڌندو رھجي ۽ مقصد ماڻڻ واري اميد من مان نہ لاھجي تہ منزل اوس اوھان اڳيان آھي ۽ توھان ان پٺيان ٿوري وٿي تي موجود آھيو، ھر ڪرت جو نتيجو محنت واري وِٿي سان ئي حاصل ٿيندڙ ھجي ٿو صرف ان مقصد لاءِ پرجوش جذبن واري خيال سان مقصد پويان ھلڻ جي ڪجي، جنھن اڳيان حاصلات موجود ھجي ٿي.

وچور اهو ٿيندو ته جيئن گنج جي لکت  اکر “ک” مان ک، ڳ، ڱ، گهہ، ۽ گ نڪرن ٿان تيئن ڳ کي ک سمجهيو ويو ۽ اڳينئُون کي اکينئُون ڄاتو ويو، جيڪو لقاءُ ظاھري ڏسڻ واري وارتا سان ٿئي ٿو، تيئن قصي جي پوئواري ڪندڙ کي اتساھ ڏنو وڃي ٿو تہ، جيڪو تو اڳيان وڃي ٿو جنھن پٺيان تون پانڌي آھين، تنھن کي پري نہ سمجهه. بس ٿوري وٿيءَ سان اڳيان ويندڙ کي پري نہ ڀانءِ، اجها ڪي اجها تن کي پھچي پوندينءَ. تيئن لفظن جي معنا بہ چٽي ڪونہ ڪئي وئي آهي، مثلن بلوچاڻي باھ يعني پنھونءَ جي عشق جي آڳ کان واقف ٿي اڳتي وڌندي ھل، ڪئي وئي آهي، جڏھن تہ بيت ۾ اشارتن علائقائي خطرن کان خبرداري رکي (حالتن پٽاندر) اڳتي ھلڻ جي ڪجي، ھوش ۽ حواسن واري جياپي سان گڏ احساسن جي تڪميل پڻ ڪجي.