لطيفي گنج مان … رِجائِيندِيَسِ رَتَ سِين

0
19
لطيفي گنج مان ... رِجائِيندِيَسِ رَتَ سِين

پِھرِين تُون پاڙيجِ، پاڙڻُ پوءِ پُنھونءَ تي

ٻولُ مَ وِساريجِ، ھُو جو ڪِيئِي ھوتَ سِين.

 “اي سسئي! پھرين تون پنھنجي ڪم کي مڪمل ته ڪر!  ان کان اڳ ۾ ئي تون پنھونءَ جي نڀاءَ ڪرڻ جو فڪر ٿي ڪرين؟ تون جيڪو پنھنجي محبوب سان واعدا يا وچن ڪيا ھئا، سي انجام ،اقرار ته تون ئي پورا ناھن ڪيا، سو اھو ڪڏھن به نه وسار ته تنھنجون ضرورتون ٻين تي حرف رکڻ سان پوريون ٿينديون.”

                 مٿي بيان ڪيل بيت جو ھڪ پسمنظر، ڪاش ڪائي غيبي قوت اچي ۽ منجهيل سڀ مامرا حل ٿي وڃن، ڪو اھڙو معجزو ٿي وڃي، جيڪو سڀ بلائون ڳيھي وڃي، ڪنھن اھڙي پير بزرگ جي محفل نصيب ٿئي، جنھن جو پاسو لڳڻ کان پوءِ تقدير بدلجي وڃي يا ڪنھن اھڙي ڪرامتي بابا جو ڪو نسخو تعويذ ھٿ لڳي وڃي جي نصيب ئي سنورجي وڃن، ڏک، غم تڪليفون ۽ پيڙائون سڀ دور ٿي وڃن، پنھنجي ديس جي اشرف المخلوقات پنھنجي جياپي جا دڳ ايئن ئي گهڙيندي سوچيندي ڪيئي سج اڀاري ڇڏيا ۽ نتيجا خودڪشي يا جهيڙن جهڳڙن جي صورت ۾ انيڪ جانيون ڳڙڪائي ويا، يا اڳ کان وڌ جاري ساري آھن، جنھن سبب نسلي انا جڳھ والاري ويھي رھي آھي، نه ئي زندگي ملي نه ئي وصال يار. ايئن ئي آسرن پٺيان زندگي نصيبن جي حوالي ڪري صدين جي المياتي تاريخي ۾ بت بڻجي وياسون نه عبادت لائق ٿياسون نه ئي ڪنھن تاريخ جي ورق جو ورجاءُ ۽ نه ئي وري تماشي ۾ وڄندڙ ڪو تاڙي جو آواز بڻجي سگهياسون.

هڪ خيال اهو ته جيڪڏھن جياپو چاھيو ٿا ته پوءِ، پنھنجي ڪاڻ جيئو، پاڻ پنھنجي جياپي کي روشن ڪيو، پنھنجي خواھشن جي پاڻ ئي تڪميل ڪيو، پنھنجو ڏڍ بڻجو، پنھنجي خيالن ۽ خوابن کي حقيقي روپ ۾ آڻيو، تن لاءِ جستجو ڪيو، جاکوڙيو حوصلو پيدا ڪيو، ھمٿ ۽ محنت سان پاڻ ڀرا ٿي پنھنجون منزلون، حدف پورا ڪيو، سرخرو ٿيو خوشيون ماڻيون دنيا خوبصورت آھي، خوبصورت ٿيو ۽ خوبصورتين مان لطف اندوز ٿيو، وقت جو قدر ڪيو جوش ۽ جذبي سان پنھنجي ڪمن جا پاڻ نڀائيندڙ بڻجي وڃو، مطلب ته انسان سڀ ڪجهه پاڻ لاءِ پنھنجي خواھشن لاءِ ئي ڪري ٿو، جيڪو نج ۽ چٽو موقف آھي، تيئن پنھنجون ضرورتون ٻين سان ڳنڍي ھلڻ ۾ ڪين رکجن يا ايئن کڻي چئجي ته ٻين جي ڪلھن سان منسوب ڪين ڪجن، آسرا اميدون ٻين سان وابسطا نه ڪجن، اھڙي طرح سان ئي باخبر جياپو ۽ ذميوار فرد ۽ ٻيو گهڻو ٿي سگهجي ٿو. جنھن سوچن پٺيان سگهارو ۽ سھڻو سماج جوڙي سگهجي ٿو، نه ڪي پھرين خيال جيان زندگي ڪروڌ ۽ عقيدائي حوالي ڪري ڇڏجي.

جڏھن ته لطيف سسئيءَ جي روپ ۾ اسان سڀني کي اھو چوڻ چاھين ٿا ته پنھنجي ڪمن کان غافل نه ٿيو پر پنھنجو ڪم بخوبي ڪندا رھو ۽ اھڙي توقعا ڪيئن ٿا ڪيو ته ھُن يعني ٻئي شخص مان ڪيئن ٿا اميد رکو ته اُن پنھنجو ڪم اڃان تائين ناھي ڪيو!  ھي لطيف جي بيت جو تت يعني خلاصو آھي جيڪو لطيف سسئي جي صورت ۾ اسان کي سمجهائيندي چوي ٿو.

جيئن ته اسان پنھنجي ڪمين ڪوتاھين تي نظر رکڻ بنا ھميشه ٻين تي الزام ڏيندي حياتي گذاريندا آھيون، ۽ خاص ان فرد تي جيڪو اسان مان پنھنجي ڏڍ تي ترقي ڪري وڃي ٿو يا پنھنجا مامرا حل ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو، ان مقابل پنھنجي اھليت نه ڪري سگهڻ سبب ھِيس ۾ پئجيو وڃون ۽ تنگ ذھن ٿي وڃون، مطلب ته پنھنجي ذميوارين کان غافل ٿيڻ سبب جيڪا روش عام پسجي ٿي، جنھن جو نتيجو ھميشه ٻيو فرد ھجي ٿو پر لطيف اسان کي پنھنجو محاسبو ڪرڻ سيکاري ٿو.

اچو ته لطيفي گنج جي ترتيب ۾ ايندڙ ٻئي بيت کي ڄاڻون ته  ڇا ٿا چون:

تو سين ٻولَ ٻَهوُن، سَهسين سَاڄَنُ جي ڪَري،

ڪَندِينءَ توءِ ڪَهُون، جي نَالو ڳِيَڙءِ نِينهَن جو.

اي سسئي! ڀلي کڻي تنھنجي محبوب توسان سوين  قول اقرار ڇو نه ڪيا ھجن. (آسمان تان چنڊ ستارا لاھي اچڻ جھڙا وچن به ڇو نه ڪيا ھجن) پر جيئن ته نِينھَن جي تقاضا سفر ۾ ڪشٽ ۽ ڪشالا ڪاٽڻ ۾ اٿئي. (متان اھڙن آسرن ۾ زندگي وڃائي ويھين) لطيف چوي ٿو ته ڀلي جي ڪو پرين پيارو، دوست يار، جاني، جگر اوھان جي زندگي جي آسائشن جو ذميوار بڻجي به ڇونه وڃي ۽ توھان کي سڀ سک ھٿ تريءَ تي ميسر ڪري ڏيڻ جا وچن به ڇونه ڪري، ته پوءِ تنھنجو ڪھڙو ڪردار يا اھا تنھنجي ڪھڙي زندگي جنھن ۾ توھان جي محنت، جستجو شامل نه ھجي پر جي ھجي به ته آخر ڪيستائين؟ جواني يا جوڀن تائين سونھن ۽ سوڀيا تائين، جڏھن ته ھي زندگي نينھن مثل آھي جتي ڪنھن جي سھاري پويان پاڻُ وڃائڻ ٿيندو. تيئن تون ھن جي سڀئي لذتن کي پاڻ حاصل ڪر، پنھنجي ڏڍ ۽ طاقت ذريعي پنھنجي ھمت ۽ حوصلي سان پنھنجي محنت ۽ ڪشٽ سان پاڻ ڀرو ٿي جياپو ڪج، مطلب ته ھي نينھن، عشق ۽ محبتن جون پيڙائون اٿئي جن جو مقصد ڪشالن بنا مڪمل ناھي ٿيندو تيئن آسرن واري زندگي وارو تصور ختم ڪرڻو پوندو زندگي جو جوھر پاڻ ڀرو ٿيڻ ۾ اٿئي.

سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمَھِين سَسُئي

ڪَندِينءَ ڪُھُ ڪيڻانِ، جُہ سي اُنِ اورانگهِيا.

 اي سسئي! تون انھن جا واعدا وچن ٻڌي پوءِ متان سمَھي پوين، غفلت ۾ پئجي وڃي، ڀلا تون انھن کي ڇا ڪري سگهندينءَ جيڪڏھن ھنن اھي ڪيل قول نه پاڙيا يا اُھي وچن ھنن پورا نه ڪيا؟

خبردار متان دلاسن، آسرن ۾ پئجي وڃي ۽ مطمعين ٿي ڪري سمھي پوين، ۽ جيڪڏھن آسرا ڏيندڙ تنھنجي اميدن تي پورا نه لھن ۽ جڏھن تنھنجون اميدون ڀورا ڀورا ٿي وڃن ته پو تون انھن واعدي خلافن کي ڇا ٿي ڪري سگهين؟ ويتر ڏکن ۽ پيڙائن ۾ اضافو ڪري وجهندينءَ ويتر فڪر، ڳڻتي وڌي ويندءِ ۽ وري ڪو ٻيو سھارو ڳولھڻو پوندوءِ ۽ ايئن زندگي جي سفر کي سھارن پٺيان ڪيترو ڀوڳيندينءِ ؟ تيئن بھتر جياپي جو اصول اھو اٿئي تہ “جيسين جيئين تان جلُ” پنھنجي ڏَڍَ ۽ زور جي سھاري جيءُ، جيڪو جياپي جو بھترين اصول پڻ اٿئي،

نِمَاڻِيءَ جي نِجُهري رُوئَڻُ ۽ رَاڙو،

ڪُٺَلِ سَندي قَلبَ ۾، قُربَ جو ڪَاڙھو،

ھوتَنِ لَئي ھَاڙھو، رِجَائِيندِيَسِ رَتَ سين.

ڇا رڳو مون غريبِ جي گهر ۾ ئي نصيبن جو روئڻ ۽ رڙڻ آھي. يا ڇا رڳو مون ئي قرب جي ڪٺل لاءِ جدائيءَ جي باھ ۾ جلڻ آھي؟ (۽ سماجي بغاوت بڻجي حوصلو ڌاري نڪري ٿي) ته اڄ مان سڄي ھاڙهي جبل کي (سموري سماجي اوڻاين کي) پنھنجي رت سان (انقلاب) جو ريج ڏيئي ڇڏينديس!

روڄ، راڙو، الميو، ڏک، درد، بک، تڪليف يا اھڙيون انيڪ وارتائون ڇا رڳو غريب ۽ مسڪينن جو ئي نصيب آھي يا پيار محبت ۾ ڪارو ڪاري يا موت جھڙيون ڀيانڪ صورتون به رڳو مسڪينن لاءِ ئي مقرر آھن يا اھڙيون ھزارين بي واجبيون جن کي نصيب مقدر يا تقدير چئي ھيٺ منھن ڪري قبول ڪرڻ ،رڳو بي يارو مددگار طبقي جو حصو آھن ڇا؟ لطيف جي سسئي سوچي چوي ٿي ھرگز نه ھي قدرت جي نظام جو اصول يا نيچر ناھين پر ھي طبقاتي نظام جو ڏاڍ تي بيٺل سماج آھي جتي طاقت وارو نصيب مقدر ۽ تقدير تي روئڻ ڪونه ٿو ڪري جتي طاقتور جي گهر جي ڪا عورت ڪاري ڪري ڪونه ٿي ماري وڃي ۽ جتي طاقتور جي فرد کي مڪمل حيات جو لذتون ميسر ھجن ٿيون ۽ مسڪين پنھنجي بک به مقدر جي کاتي ۾  رکي جيئي ٿو ۽ لطيف سسئي کي سراپا احتجاج بڻائي پنھنجي رت ۽ ست سان جاڳرتا جو گس وٺائي ڏاڏ جي ڏونگرن سان مقابل ڪرڻ جي سگهه ڏئي کيس جي لڱن کي لوھُ بڻائي روح کي رتيون ڪرڻ جو حوصلو ڏي ٿو. دراصل لطيف سماجي مھندار آھي وطن جي اوڻاين کي ختم ڪرڻ ۽ طبقاتي سماج خلاف ھر رخ سان اتساھي اوڻاين جو خاتمو چاھي ٿو.