لطيفي گنج مان … دران منجهه دوسُ ٿيو

0
14
لطيفي گنج مان ... دران منجهه دوسُ ٿيو

 سماجُ رھڻي ڪھڻي پٺيان جڙندڙ تعلقاتن جو هڪ مربوط نظام آهي، جنهن جي ذريعي اسان زندگي گذاريندا آهيون، يعني سماجي وھنوار جو اهڙو نظام جيڪو اسان جي اٿڻي ويھڻي، ماحول، عقيدن يا خيالن جي ترجماني ڪري جنھن کي دارمدار يا اصول بڻائي بيھڪ واري شڪل ڏجي، ان دائري کي سماج چئون ٿا. سماج اسان جي ڪردار جي تعمير ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ اسان نسل در نسل تعمير ۽ ترتيب کي حالتن موافق بدلائي  ۽ ايندڙ نواڻ کي قبول ڪري ارتقائي عمل کي اڳتي وڌايون ٿا، جيئن چيو ويندو آهي ته ماڻهو پنهنجي سماج جي پيداوار هوندو آهي، جا حقيقت ۾ به سڃاڻپ جو اھڃاڻ بڻجي پوندي آھي. جيئن لطيف ھلڻ واري لوڏ مان سڃاڻپ ڪرائي ٿو ته، “مون لوڏان ئي لَکيا، ته ھاڃو ڪندا ھي”.

                 مطلب ته سماجن جا پنھنجا عڪس ريتون ۽ رسمون پرک جو سبب بڻجن ٿيون. تاريخ ۾ سنڌ عظيم ۽ آسودي ھجڻ سبب سدائين حملا آورن جون اُرھ زورايون ڀوڳيون آهن، ۽ انھن صدين جي وارتائن سبب ديس واسين تي ڌارين يقينن پنھنجا اثر ڇڏيا ۽ ھڪ خوبصورت سماج بگاڙ جي ورِ چڙھي ويو. لطيفي اک ان بگاڙ جا سبب جتي ڪٿي بيان ڪيا آھن پر اسان جي سڀني شارحن ان رمز کي مذھبي مام قبر واري ڪُن ڏانھن وڃي ڇڪيو ۽ عقيدي ۾ داخل ڪرايو. مطلب ته جن قومن جا عالم جڏھن لطيف کي وطن جو ھڪ سپاھي سمجهڻ ۾ عار محسوس ڪن ۽ غلام ابن غلام هجڻ تي کلي عام فخر محسوس ڪن ته عام آدميءَ جي فڪر جو عالم ڇا ھوندو، جنھن جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

سڀيئي ساري سسئي، گهَرَ ڪُنڊُون تُون گُهورِ،

وڃي ڏورِ مَ  ڏُورِ، دَران  مَنجهه دوستُ  ٿيو.

سڌي سنئين قصي موافق ان بيت جو مقصد آهي ته، اي سسئي! پنھنجي ئي گهر جون ڪنڊون پاسا ويچاري ڏس، پري وڃي ڳولھائو نہ ٿيءُ، تنھنجو پرين تنھنجي ئي گهر ۾ موجود آھي. (مطلب ته سسئي مچلي، چلولي ھئي جا پنھون کي رڻن ۾ پئي ڳولھي).

صوفياڻي خيال سان منسوب خيال هي آهي ته، پنھنجي ئي من ۾ خالق حقيقيءَ جي ڳولھا ڪر، جنھن جو تنھنجي اندر ۾ ديرو آھي. پري، ڏورانھين پنڌن تي وڃي پنھنجي پرين جي اجايو ڳولھا نه ڪر، ان ڪري جو ھو تنھنجي اندر ۾ موجود رھي ٿو. (جڏھن ته لطيف پاڻ کاھوڙي ڪردار رھيو آھي ۽ سدائين سفر ۽ مشاھدا، مسافتون ڪيون اٿائين ۽ ويھڻ کي عيب ڄاتائين. شاهه جو سمورو رسالو ھلڻ ۽ ھڪلڻ واري جستجو جو گواھ آھي ۽ عام کي اندر مان حاصل ڪرڻ وارا سبق سونپي منھن مونن ۾ رکي گذران ڪرڻ جا درس ڏي ٿو، جڏھن ته لطيفي دور ۽ ان کان اڳ ۾ هتي جا ديس واسي سدائين وحشين ھٿان تاراج ٿين ٿا (۽ لطيف وري صوفي بڻجي اندر ۾ پرينءَ جي ڳولھا ڪرائي ٿو)زميني حقيقتن موجب، منهنجو خيال آهي ته، اڪثر مامرن، عداوتن ۽ ڪمزورين جو اڀرڻ گهرن کان شروع ٿئي ٿو ۽ گهر ڳوٺ علائقو يا ديس طور تي ڪم آڻين ٿا، تيئن پاڻ سان ٿيل مامرن، حملن ۽ ڪاھن کي پنھنجي اوسي پاسي ڏسو. پنھنجي ارد گرد واري حالتن جي پرک ڪريو ته آخر توھان ئي اھڙين وارداتن جو ڪارڻ ڇو ٿا بڻجو؟ ڪٿي قاضي قادن يا مير جعفر وغيره توھان جي صفن ۾ موجود ته ڪونھن. جيڪي ايڏن ھاڃن جو سبب بڻجن ٿا؟ تنھن ڪري خبردار ٿيو يعني پنھنجي گهر جي سنڀال ڪريو، ٻاھريون نقصان ڏيندڙ تيسيتائين توھان کي نقصان نٿو پھچائي سگهي، جيسيتائين پنھنجو علائقي واسي ڪنھن جو سھولتڪار نٿو ٿئي، تيئن توھان پاڻ پنھنجي نفعي ۽ نقصان جا ذميوار بڻجي وڃو ۽ پنھنجي ئي گهر، علائقي، ديس يا وطن ۾ پيدا ٿيل ڪمزورين تي نظر رکو.

دَران مَنجهه دوسُ ٿيو، موٽي پُڇُ پاھِين،

عَبثُ اَڳاھِين، وَڃِيو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.

تنھنجي ئي گهر اندر جا وارتا ٿي، تنھن جي پوئتي موٽي وڃي ڄاڻ وٺ، اجايو اڳتي وڃين ڀوتار کي ڇو ٿي سڏيندي وتين! (دوس= دوش/اپراڌ، ڏوھ، خطا)

جيڪو مامرو، مسئلو، ڏوھ يا ناانصافي جتان شروع ٿئي ٿي، تنھن جا سبب ڳولھجن، يعني ڪھڙي ڪارڻ اھڙي وارتا ٿي، گهر ھجي ڳوٺ يا شھر توڻي جي ديس ۾ ٿيندڙ واردات جا ڪارڻ ڳولھجن يعني ڪوتاھين جا سبب ڦولجن ۽ تن  ڪوتاھين جو خاتمو ڪجي يعني پاڻ ڀرو سماج جوڙڻ جنھن ۾ ڪنھن وڏيري ڀوتار کي مدد لاءِ نه ٻاڪارجي يا ڪنھن اڳيان اجايو وڃي فريادي نه ٿجي، بلڪه پاڻ ئي پنھنجي ملڪيتن جا رکوالا بڻجي باخبر جياپو جيئجي.

مقصد ته اسان سماجي سونھن وڃائي چڪا آھيون. اسان جو جياپو ڏاڍي ۽ طاقتور جي سھاري سان جڙي ويو آھي، خود ڪفيل يا پاڻ ڀرو سماج ھڪ خيال جيان پنھنجو ورجاءُ ڪندي ملي ٿو، ٿوري گهڻي مامري يا مصيبت يا ضرورت ۾ “وڃيو ڪُوڪين ڪانڌ کي” ۽ ھر پھچ ڪندڙ بي پھچ جو استحصال به تڏھن ئي ڪري ٿو، جڏھن اسان جي ماڻھن مان پنھنجا ذريعا ٻين جي آسري سان جوڙي رکن ٿا ۽ متڀيد کي ھٿي ملي ٿي، جتان احساس موڪلاڻي وڃي ٿو. لطيف اھڙي خيالن کي سماجي سگهارو بڻائڻ گهري ٿو، جنھن کي اسان عقيدي سان ڳنڍي رکيو اچون.

پَرَ گهَران پاسو ڪَري، پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ،

سو تان توھِين ساڻُ، جنھِن لئي جَفائُون ڪَرِين.

پَرَگهَران= پرائي گهر کان، ڌارين، ٻاھرين کان پاڻ کان علاوه.

ٻين تي (الزام) رکڻ واري روش ترڪ ڪري پنھنجي ڪم (پرين) جي ذري ذري واري معلومات خود ڪندڙ بڻجي وڃو، جيڪو توھان سان لاڳاپيل جياپي جو اصلي مقصد آھي. جنھن ڪارڻ توھان کي ڪشالا ڪرڻا آھن.

ٻين تي الزام رکڻ يا ٻين کي قصور وار چوڻ ۽ پاڻ کي مشڪلن مان ٻاھر ڪرڻ ۽ ذميواري ٻين تي ڇڏڻ واري زندگي مان ٻاھر نڪرو، اھڙي روش ترڪ ڪريو، بلڪه پاڻ پنھنجي ڪمن جا ذميوار ٿيو. ايئن ئي جياپي جا سڀ دڳ پاڻ سان سلھاڙي ڇڏيو ۽ تنھن جياپي جي مقصد ۾ تڪليفون ڪاٽيندڙ بڻجي پئو، جتان خبرداري وارو سگهارو جياپو جي سگهجي ٿو،

سوئِي کَڻيو ساڻُ، سوئِي ڏورِيين سسئي،

ڪڏھن ڪَنِين نه ڪِئو، ڄُلَڻَ مَنجهان ڄاڻُ،

پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ، ته تُون تِئائِين لَھِين.

اي سسئي! اھو ئي ٻڌايل رستو جنھن دڳ سان گڏ ڳولھائون ڪرڻ نڪتي آھين، رڳو ھلڻ مان ڪڏھن به ڪنھن حاصلات ڪانه ڪئي اٿئي! (تيئن پنھنجي ڪم کان پاڻ خبردار ٿيءُ) پنھنجي پرينءَ جون پڇائون ڪرڻ جي ذميوار پاڻ کي سمجهه، جيڪو پڻ تنھنجو ئي ڪم آھي، توسان لاڳاپيل آھي. اھڙي روش اختيار ڪرڻ مان ئي نتيجو پڙ پوي ٿو، (نڪي ڏسيل يا ٻڌايل واٽ پٺيان پانڌي بڻجي پوڻ ). جياپي ۾ نواڻ يا نوان دڳ، خيال، نئين سوچ وقت ۽ حالتن مطابق جوڙي ھلڻ گهرجي، پنھنجي راھ گهڙڻ زميني حقيقتن پٺيان پاڻ ڀرو ٿي خيال جوڙڻ، نڪي پراڻ پسندي جي پوئواري ۾ زندگي گذاري ڇڏجي، جڏھن ته پراڻ پسندي وارن خيالن وٽ وقتائتا نتيجا ھرگز ڪونه ٿا ٿين. وقت جي تقاضائن سان پنھنجا مامرا طئي ڪرڻ مان ئي لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو. مطلب ته حالتن پٽاندر جياپو ڪرڻ کي اوليت ڏيو. ٻڌ سڌ پٺيان جيڪي ٻڌو يا جيئن لوڪ ڪري ٿو، تيئن پنھنجي ۽ نسلن جي زندگي تباھ نه ڪريو پر پنھنجي ھوش ۽ حواسن سان مقصد جوڙي جيئڻ ڪيو.