اسان جو لطيف زندگيءَ جي سختين کي نہ رڳو Own ڪرڻ سيکاري ٿو پر تن سان اٽڪاءُ ڪرڻ واري سگهہ بہ دان ڪري ٿو، مون جڏهن بہ لطيف جي بيتن تي غور ڪيو آهي، ائين محسوس ٿيو آهي تہ هن ڌرتي کان بہ مٿي اڏامجي، پولار ۾ کاھوڙن جيان آسماني رازن جو ڳولھائو ٿجي،
جتي بک ۽ اڃ جو ڪو به امڪان ئي نه اڀري ۽ جتي موت جي فڪرات خصيص ۽ بي معنا بڻجي وڃي ٿي، پر افسوس، جنھن سماج کي لطيف پنهنجي امر خيالن جي سگھ بخشي، تنھن سماج پنھنجن قريبي رشتن سان انياءَ جا اھڙا ته دڳَ گهڙي ورتا جو کاھوڙي خيال، کوج بجاءِ مٽيءَ ۾ دٻجي ويا ۽ وڇوٽين کي ترقي جو سبب سمجهي احساسن جو قتلام ڪيو ويو.
ضروري ناهي ته فاصلا رشتا وڃائيندڙ ٿي پون، هي رشتن ۾ قربت اوتيندڙ به ٿين ٿا، اھا ڳالھ الڳ چئبي، جو، پنھنجو سماج اڪثر ٻُڌَ پويان ئي ترھو ٻڌي “چُلھ تي سو دل تي” جھڙا جملا ورجاءَ ۾ آڻي حقيقتن کي لتاڙيندو ٿو رھي،
جتان انھن احساسن کي ڪونہ ساريو ويو تہ ” ڪي اوڏائي ڏور، تہ ڪي ڏور بہ اوڏا سپرين” سماجي اڻ برابري واري ماحول ۽ متڀيد دل جي وارتائن کي اھڙو ته وڪوڙي ڇڏيو آهي جو قريبي رشتا بہ ھوند ۽ اڻ ھوند واري مامري پٺيان هلڻ لڳا آهن، جتان لطيف سسئي جي سُرَ کي جوڙي ٻين انيڪ پاسن سان گڏو گڏ رشتن جو نڀاءُ بہ بخوبي بيان ڪري نہ رڳو رشتن جو قدر ٿو سيکاري پر ھڪ زال مڙس جي ڳانڍاپي کي امرتا پڻ بخشي ڇڏي ٿو ڇڏي،
جنھن پيار جي انھيءَ تاڃي پيٽي جي اڻت ۾ ڪمال جي ارپنا ھجي ٿي، جا سماجي ھلندڙ وارتائن ۾ ڪارو ڪاري ۽ طلاقن پويان لاتعداد ڀوڳنائون کنيون ٿي ھلي. لطيف ھڪ رشتي کي ثابت قدم ڏيکاري ھڪ ونيءَ کي وَرَ جي حاصلات جو اتساھ ڏئي جيون دان ڪرڻ کي بہ حقير ٿو سمجهي جيڪو سڌو سنئون سماجي مامرو ھجي ٿو.
ڇا لطيفي ڏاھپ جا گس سماجي سبق يا حالتن کان غافل رھيا آھن، جي اسان ڪنھن ٻئي منظر جي عڪاسي ڪري حقيقي حالتن کان بي خبر ٿيون؟ جواب ملندو ھرگز نہ! ترتيب وار 11 نمبر بيت جي حقيقت هي آهي :
ھيءَ گِسِي ھيءُ گَسُ، ھيءُ پَھَڻَ ھيءُ پيچرو،
ليڙَنِ جو لطيفُ چَئي، ڏُونگَرِ آھي ڏَسُ،
ويچارِيءَ وَڏو ڪِيو ،ويندِيَنِ پُٺيان وَسُ،
جَڳَ ۾ رَھِيَسِ جَسُ، سَڳَرِ ٿِي سَرِدارَ جي.
اٺن جا ليڏوڻا (اھڃاڻ) ڏسي دڳ جي پڪ ڪري تہ اتان ئي قافلي وارا پنهونءَ کي کنيون لنگهيا ھوندا، ان ئي رستي سان نشاندھيون ڪندي هوءَ اڳتي وڌندي رھي، لطيف چواڻي تہ اٺن جا نشان پھاڙن ۾ ووڙيندي تن پٺيان سسئي وڏا حيلا ڪيا، وسان ڪين گهٽايو، جنھن سبب جڳ ۾ کيس نيڪ نامي پئي ڳائجيس جو پرينءَ جي پوئواري ڪندي کپي(مري) وئي..
اھڃاڻ يا نشان ذھن ۾ اڪريل ڪو خيال يا مقصد ماڻڻ جو اتساھ ٿين ٿا، تيئن پنھنجي وس آھر حاصلات جي طلب ۾ ڏونگر يعني ڏکيائون تڪليفون ضرور پيش اچن ٿيون پر نااميد نہ ٿجي، توڻي جو ان مقصد پٺيان حيات کپي، ڇونہ وڃي توڻي جو حيات جو انت تہ اڻٽر آھي پر پنھنجي مقصد سان سچائي ۽ جذبي سان چنبڙيل رھڻ سان ئي ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي، ٻي صورت ۾ توھان جي ڏسيل واٽ آئيندي جو سبق ٿيندي ۽ نسلن تائين ياد ڪئي ويندي،
يادگار موت! جيڪا مقصد پٺيان ھلندي اچي، ھتي پاڻ رشتن جي نڀاءَ جي اھميت بيان ڪريون ٿا، جڏھن تہ رشتي ۾ پنھون جا ڀائر بہ تہ سسئيءَ جا ڏير ھئا، جن جي سماجي بيھڪ علائقائي طور سسئي جي علائقي يعني سنڌ ڌرتيءَ کان مختلف ملي ٿي، جن وٽ انهن جي انا جي پٺيان ھڪ ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جو مقصد ھجي ٿو، جنھن ۾ ھو مڪمل ڪامياب وڃن ٿا،
هوڏانهن انهن جي پوئتان ھڪ ارادو سسئي بہ کڻي نڪري ٿي، جنھن پٺيان جياپي جو انت ٿئي ٿو، پر اتساھيندڙ پاسو سدائين ڳولھائو ٿيندڙ جي ڀاڱي طرف ٿئي ٿو، يعني ظلم کي برداشت نہ ڪرڻ خلاف جياپي جي جنگ، جبلن جي تپش، پنڌ، اڃ ۽ بک ۾ ھلندي پنهنجو پاڻ کپايو ٿي ڇڏي.
چوڻ جو مقصد اهو آهي تہ حياتي جا رستا ڏاڍا ڏکيا، پھاڙن جيان اٽل اڻٽر ۽ سخت ھجن ٿا، جتان عام لوڪ ڀوڳنائن جي ور چڙھي وڃي ٿو، لطيف چواڻي تہ انھن ڏکين حالتن جو سبب سماجي درنده نما معيشتي سگهارا ھٿ ۽ فرد ھجن ٿا،
جتان جياپي جي سگھ پاڻ پتوڙڻ کان سواءِ حاصل ڪونہ ٿي ڪري سگهجي، پر جن بہ برابري واري زندگي جي حقن ڪارڻ حقيقي طور تي جاکوڙيو ۽ متڀيد کان پاڪ سماج جي جستجو ۾ رھيا سي ھميشہ ڳايا ويندا. نيڪ نامي بہ تن جي ئي کاتي ۾ ايندي.
لطيف جي گنج جو بيت نمبر 12 ته پڙهي ڏسو:
دوستُ ڏِٺائِين دِلِ سِين ، وِرِچِي تان نہ وِھي،
لانچِيو لَڪُ لطيفُ چئي، پَھَڻنِ مَنجهِہ پِھي،
سَندي نِينھن نِھي، ڪِي سَرِفَراز سسئِي.
سسئي پنهنجي پرين، مقصد يا منزل کي ڌيان ۾ رکيو ۽ ڪڏهن به بيزار ٿي ڪونہ ويٺي، تان جو چيلھ ٻڌي پھڻن جي جهان ۾ گهڙي پئي انهيءَ نينھن ۽ ان جي جاڳرتا سسئي کي سدائين لاء سرخرو ڪري ڇڏيو.
جيڪڏهن اوھان منزل، مقصد يا حقيقي جياپي کي ڄاڻڻ ٿا چاھيو، يا جيئڻ جي مقصد کي سمجهڻ ٿا چاھيو تہ ٿڪجڻ وارو خيال من مان ڪڍي ڇڏيو ۽ سندرا ٻڌي ڏکيائين کي مقابل ٿيو، جنھن ڪرت پڄاڻان ئي ماڻھون سرخرو ٿئي ٿو، ڪامياب ٿئي ٿو، يعني مقصد جي حاصلات جا متلاشي، سڌون ڪونہ ڪندا آهن پر عملي ڪرت سان ڪامياب ٿيندا آهن، تن کي ئي هن دنيا ۾ مٿانھون مقام حاصل ٿئي ٿو، ۽ سيئي سدائين ڳاتا وڃن ٿا.
(ياد ڪيا وڃن ٿا). جياپي جي حقيقت ۽ سچائي جنھن بہ ڄاتي سو ٿڪجي پوڻ عذر يا بيزاري واري حياتي نٿو گذاري سگهي، اهو وھندڙ حالتن يعني چيلھ ٻڌي اٽل فيصلن واري حالتن ۾ سختين سان منھن ڏيڻ ڄاڻي ٿو ۽ هو عشق واري اتساھ جيان حالتن سان نڀاءُ ڪري وٺي ٿو، جيڪا شئي هن جي سڃاڻپ بڻجيو وڃي ٿي.
جيئن ته سنڌي قوم قديم زماني کان نسلي ڪرت سان سڃاتي وڃي ٿي، لطيف به تن جي نشاندھي ڪرت واري نسبت سان ڪرائي اتساھي ٿو ۽ پنھنجي حيات جي روزمره واري روٽين کي ڪرت سان عشق واري لاڳاپي ۾ رکرائي ٿو،
جيڪو سنڌ جي ڌرتي سان سونھين ٿو، پر افسوس جو وقت جي وھڪري پنھنجي قومي سڃاڻپ کي خانداني ورثن ۾ ورهائي ۽ حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنھن سبب اڄ سنڌي قوم پاڻ کي ناڪاره، سست ۽ ڪانئر چوندي ھٻڪ بہ محسوس ڪونہ ٿي ڪري ۽ لطيفي پيروڪار چورائيندي گويا لطيف جي خيالن کي پٺي ڏيو بيھي ٿي، ڪرت سان سڃاپندڙ ذاتيون جيئن ڪنڀر، ڪوري، ڪاسائي، مڱڻھار، ملاح، مھاڻو، ماڇي، قاضي، لوھار وغيره جن پٺيان ڪرت ظاھر ٿئي ٿي، تيئن سسئي جي سڃاڻپ جوڳڻ، برھڻ، ورھڻ نشانبر ٿئي ٿي، مطلب تہ پنھنجي ڪرت سان عشق اھڙو ڪيو جي ان ڪم پٺيان سڃاڻپ بڻجي وڃو.
هن ليک جو وچور اهو آهي ته لطيف جون اڻ ڳڻيون خوبيون ھجڻ جي ناتي ھڪ اھا بہ خوبي آھي تہ هُو اجايو هڪ لفظ به ڪتب ڪونہ ٿو آڻي، مطلب تہ ھڪ ئي سٽ يا بيت ۾ ساڳئي لفظ جو ورجاءُ ڪونہ ٿو ڪري، جي ڪٿي اھڙا لفظ ڪتب آندا اٿائين تہ معنيٰ ۽ مطلب الڳ الڳ ملندا، تيئن مٿئين بيت جي ٻي سٽ جي شروعات لانچيو لَڪُ سان ڪري ٿو ۽ پوئين اڌ سٽ ۾ پھڻن منجهہ پِھي، اڪثر شارحن پھرين لفظ لڪ کي بہ پھاڙ ڄاتو ۽ لکيو ۽ انهن پوئين لفظ پھڻ کي بہ ساڳي ئي معني واري اک سان ڏٺو،
جڏھن تہ لفظ ” لانچي لَڪُ” جو مطلب سفر ۾ چيلھ يا ڪمر ڪش ٿي يعني سندرو ٻڌي پھڻن ۾ داخل ٿيڻ آهي، اتساھ، ھمت ۽ مھاڏو اٽڪائڻ وارو خيال، ڏکيائن مان پار پئي مقصد ماڻڻ واري ڪيفيت ڏنل آهي، جنھن لفظ کي جبل جانچي پھاڙن ۾ داخل ٿيڻ ڪيو ويو،لطيف جي تقريبن شارحن ساڳئي ئي خيال کي پنهنجي رسالن ۾ لکيو آھي، سواءِ هڪ جي ۽ اهو سائين ٻانھون خان شيخ آهي.