لطيفي گنج مان … اُپُڙ ته اوڏي ٿئين ….

0
200
اُپُڙ ته اوڏي ٿئين ....

انسان پنھنجي وڃايل اڌ وجود جي ڳولھا لاءِ، جياپي ۾ جستجو، تڙپ واري اُڪير ۾ رھي ٿو. سقراط چواڻي ته محبت اصل ۾ پنھنجي ئي گم ٿيل حصي جو حصول آهي. اھا ڳالھ ڪيتري درست آھي، سو ٿيو الڳ موضوع، پر پاڻ وٽ جيڪي قصا يا ڪھاڻيون ڳاتيون وڃن ٿيون، جن پٺيان ڪوڙين حياتيون کپي ويون ۽ لڳاتار اھڙي وارتائن جو سلسلو ھلندو ھلي ٿو، جتي زندگي بي معنا ٿيو وڃي ٿي. جيئن خودڪشي دنيا جي ھر خطي ۾ ٿيندي ملي ٿي، جيئن پنھنجي سماج ۾ اڪثر خودڪشين جو سبب بک بدحالي آھي، جنھن جي اصلي پاسن کي ڏسڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿي، تيئن جياپو دان، يا قربان ڪرڻ عام مامرو ھرگز ڪونھي، اھڙن بنيادي مسئلن کان ڪافي سماج آجا ٿي چڪا، جن ۾ پنھنجو سماج اڃان ڦاٿل آهي. مقصد ته جياپي جون مکيه ضرورتون جنھن ۾ اَن اناج، پاڻي، ھوا، باھ، مٽي ته سڀڪو سمجهيو وڃي، پر انھن سڀني ضرورتن جي حاصل مقصد کي پاڻ نظرانداز ڪندا ٿا رھون، سو آھي “سنجوڳ”، جنھن جي ڪلھن تي ڪائنات جي طوالت بيٺل هوندي آهي، يعني واڌ ويجهه جيڪا ھر جيوت ۽ جاندار ۾ يڪسان سمايل هوندي آهي، جنھن کي سقراط وجود جو حصو چوي ٿو ۽ جنھن جي تصديق لطيف ھينئن ڪري ٿو:

ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ،  پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪِرا،

لانچي لَڪُ لطيف چئي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ،

رائو مِڙوئِي رَتُ سِين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،

جَتُ وَڃي ٿو جورِ، اُپُڙُ ته اوڏِي ٿِئين.

اي سسئي! پنھونءَ کي پنھنجي وجود جو حصو سمجهي تن ڪيچين پٺيان ھن ڪڪريلي پٿرن تان گذرڻ وارو ارادو پيدا ڪر، اُٿي چيلھ سان سندرو ٻڌي جبل جهاڳيندڙ بڻجي مقصد، پرينءَ خاطر (جبلن مان اٿندڙ رَئِي) ريتيءَ جي دزن سان مقابل ٿي پاڻُ ريٽي ڇڏ! جي تنھنجي مقصد يعني پرينءَ کي ڏاڍ جي زور تي اغوا ڪريو ٿا وڃن، اُٿي تکي وک کڻ، جي ھلڻ سان ئي تن کي ويجهي ٿيندينءَ.

تعلق، واسطو، رشتو جنھن سان به جوڙيو، مطلب ته مقصد توھان جو رشتو آھي، تيئن انيڪ خيال رشتا ئي ته هوندا آهن، تن جو دفاع ھر محاذ تي واجب ٿيو وڃي پر جي توھان جا خواب ڏاڍ جي بنياد تي کسيا وڃن ته پوءِ اٽل ٿي بيھڻ ئي اصول بڻجي ٿو ۽ ڏاڍ سان مڙس ٿي مھاڏو اٽڪائجي، پوءِ ڀلي جي پيرن ھيٺان زمين رت سان رڱجي ڇونه وڃي. ھوشياري وارا قدم کڻي تن سان مقابل ٿجي. اھڙي ھمت واري خيال سان ئي پنھنجي وڃايل وجود جي اڌ کي حاصل ڪري سگهندينءَ. مايوس ٿيل ماڻھو فراريت جو دڳ اپنائيندي خودڪشي ڪريو ڇڏين پر لطيف تن کي پيدا ٿيل حالتن سان ٽڪراءُ ۾ آڻي ٿو، جتان ڪڌين رسمن کي سماج مان بيدخل ڪري سگهجي ٿو.

وچور: اڪثر شارحن پاران بيت جي مقصد ۽ ان جي اتساھيندڙ پھلو تي نظر ڪانه وڌي وئي آهي.

 اڪثر پھرين لفظ کي ڪن ڀاڃاڻي يعني پٿر ڀڃيندڙ، ڀورا ڀورا ڪندڙ ڪئي وئي آهي ته ڪن ساڳي صورت لکي پر معنا موافق نه ھجڻ ڪري خيال جو پورائو ڪونه ٿو ٿئي. لفظن جي معنا ھيٺ ڏئي سمجهايو ويو آھي، تيئن ھڪ ئي سٽ ۾ لَڪُ ۽ ڏونگر کي ساڳي معنا سان پيش ڪيو ويو، جنھن جي وضاحت سمجهاڻي توڻي لفظن جي معنا ۾ پيش ٿيل آھي.

“ڀاياڻي” مطلب ڀائيوار، شريڪ، حصيدار. ھتي معنا ٿيندي ڀاتياڻي،(پنھونءَ جي شريڪ حيات، گهر ڀاتياڻي بڻجي نڪرڻ جي ڪر). ڀورِ يعني ذرا پرزا، پر ھتي معنا ڪم ايندي ڳاراڻو، جوکم کڻڻ. “لانچي” مطلب ٻڌي، مضبوط. “لَڪُ” مطلب ڪمر چيلھ، سندرو چيلھ ڪرڻ. “جور” مطلب زور، زبردست، ڏاڍ، ظلم .

دُکائِيندي دُونھڙا، مُنڌَ سِيڻانِي وَڃُ،

پِرِيتڻونِ مَ ڀَڃُ، ساٿُ چَڙَھندو لَڪِيين.

 اي سسئي! مچ مچائيندي پاڻُ جاڳائيندي انھن ساڻ ئي (انھن پٺيان) ھلندي ھل. انھن سان رکيل پيار جو ناتو، واسطونہ ٽوڙ، (پريت کي توڙ تائين نڀائڻ جي تاڪيد) جي ڪٿي نہ ڪٿي ھنن سان ٽڪرين جي اوچائي ۾ تنھنجو ميلاپ ٿي پوندو،

آس، اميد کي اجهامڻ نہ ڏجي، مقصد واري اڃ ماٺي ٿيڻ نہ ڏجي، ھرحال ۾ ان جي اوسيئڙي ۾ رھجي، يعني مقصد واري دونھين من ۾ دُکندي رھي. تنھن حاصلات جي ڪرت لڳاتار ڪرڻ سان ئي نتيجا حاصل ٿين ٿا.

دونھون دکائڻ پرچار ڪرڻ اھڙي مقصد جي واکاڻ ڪرڻ، جن ۾ رشتن جو ٻنڌجڻ ٿئي ٿو. جنھن رشتي پٺيان ٻہ جسم ھڪ ٿيو وڃن، يعني سماجي “زال مڙس”- انساني معاشري جو عظيم تر رشتو. تيئن لطيف تنبيھ ڪندي چون ٿا ته ھي پريم جو ناتو حالتن جي ٽڪراءَ سبب ٽوڙڻ ڪين ڪجي، بلڪه ڳنڍڻ جي ڪجي. تيئن ڏکائيون ھميشه رھڻيون ناھن،

اھي غمن جا غبار نيٺ دور ٿي ويندا، تنھن ڪري تن حالتن سان مقابل ٿجي، ھن  جوڙيل ناتي جي حاصلات ئي جياپو اٿئي، تنھن جي انڪاري نہ ٿيءُ. ڏکيا مرحلا طئي ڪرڻا پون ٿا تڏھن ئي اھڙن رشتن جو نڀاءُ ممڪن ٿئي ٿو.

اڄوڪي حالتن پٽاندر پنھنجو سماج طلاق ڪارو ڪاري يا ملڪيتي بنيادن سبب ڪروڌي بڻجندو وڃي ٿو، تيئن جياپي جو مکيا ٻنڌڻ شادي واري مامرن ۾ اظھار جي آزادي ضرور رکو، جنھن پٺيان مضبوط سماج جوڙي سگهجي ٿو. جي ايئن نہ ڪندا تہ اهي حالتون ڪڏھن بہ ضابطي ۾ نٿيون رکي سگهجن، جن پٺيان جياپي جي مرضي شامل نہ ھجي.