صدين کان سست ۽ غلام بڻايل سماج ۾ اسان جو لطيف سسئي جي ڪردار کي ڪيڏو نه باھمت ۽ پرعزم بڻائي ڏيھ وارن کي ڀرپور اتساھ ڏئي رهيو آهي. لطيف جاڳرتا جا اڻٿڪ سبقَ سونپيندي ۽ جمود ٽوڙيندي ارتقائي وھڪري سان ھلڻ جا ھمت ڀريا ڏس ڏيندي ملي ٿو، جيئن (سنڌ) سسئي جي روپ ۾ پنھنجي ڪيل سستين ۽ ڇڙواڳين جا اعتراف ڪري جياپي جي نئين دڳ طرف ھلرائي ٿو، تيئن غلطي جو ازالو چئجي يا وڇوڙي پٺيان ذميواري جو مظاھرو، سماجي رسمن جو نباھ به ٿي سگهي ٿو ۽ ان کي عشق جي اساٽ به چئي سگهجي ٿو، جڏھن تہ سسئيءَ سان بنيادي مسئلو سنجوڳ ۽ ان پڄاڻان فراق بہ ٿي سگهي ٿو، جنھن سبب هوءَ پھاڙن جا چڪر ڪاٽيندي به ٿڪجي نٿي، جڏھن تہ پنھنجو سماج ان سنجوڳي مامري کي خارجي انداز ۾ ڏسي ٿو توڻي جو جياپي ۾ ماني جي ڳڀي جي اھميت جيان سنجوڳي مامرو بہ اوتري ئي حيثيت رکي ٿو،
“تِرَ جي گُٿي سئو چوٽون کائي” واري چوڻي مان وقت جي قدر واري ڄاڻ ملي ٿي، خبردار جياپي گذارڻ جا انمول نقطا ۽ پنهنجو پاڻ سان لاڳاپيل حالتن جي مطابقت ۾ بخوبي ساڃاھ پڻ ملي ٿي، جيڪا ساڃاھ سسئي جو حوصلو بڻجي پوي ٿي، واضع ڪندو ھلجي تہ لطيف جي سسئي ھر حوصلي وارو فرد آھي، ھر اُھو ماڻھو جنھن جو جياپو مقصد سان ڳنڍيل آھي، يا جيڪو حالتن سان ٽڪراءُ ۾ اچي سماجي اھنجن کي سولا دڳ ارپڻ ڪري ٿو، يا وري ان سان مخاطب آھي جيڪو حقيقي جياپو چاھي ٿو يا جيڪو پيڙائن کي ڏڍ ۾ تبديل ڪرڻ واري سوچ رکي ٿو.
سِجَ اُلَٿي سسئي، رَتَ وَرَنو روءِ،
نہ پَھِي نہ پانڌِي ڪو، جنھن ڪَرَ پُڇي لوءِ،
مُوڙھِي وَڃي توءِ ، موٽَڻَ جي ڪانَہ ڪَري.
سسئي کي جبلن جي سفر ۾ ھلندي سج لھي ويو ۽ پنھنجي غفلت (ننڊ) جو پڇتاءُ ڪري ٿي، جتي کيس ڪو پانڌي ۽ نہ وري ڪو قاصد نظر اچي ٿو، جنھن کان پرينءَ جي ماڳ بابت پڇا ڳاڇا ڪري، جيتوڻيڪ ھوءَ پنڌ جي پيچرن کان واقف ڪونھي، پر پوءِ بہ پوئتي موٽڻ جي ھرگز نٿي سوچي.
اُجهِي مُنڌَ اَويرَ ،اَٺَئِي پَھَرَ آٽَ ۾،
وَيَسِ ويرَيَپو ڪَري، ڏُونگَرِ ڇَڏي ڏيرَ،
لَڙي سِجَ لَطِيفُ چَئي، پَٻِ نِھاري پيرَ،
ڪَھِي جا ڪُويرَ، سا ھادِي ميڙِئين ھوتَ کي.
سسئي اَويلي وقت پنڌ پيئي ۽ پاڻ کي رولي وڌائين ، ڏينھن توڻي رات جا اٺ ئي پھر پريشان پيئي رُمي، ڏيرن ھن سان بدخواھي ڪئي جن جبلن ۾ رولائي ڇڏيس، لطيف چواڻي تہ ھوءَ سج لھڻ کان پوءِ بہ پٻ جبل ۾ پنھونءَ جا پيرا پيئي ڳولهي، اي مالڪ سائين! سسئي جيڪا ڪُمھلي پنڌِ پئي آھي، تنھنجو ھوت پنھل سان ميلاپ سولو ڪريج.
پنھنجي گهريلو زندگي سان واڳيل رشتا تہ گهڻي تعداد ۾ ٿين ٿا، پر جن رشتن ۾ اڪثر عداوتن جو عنصر عام جام پسجي ٿو سو تعلق آھي “ڏيرُ” جنھن کي سسئي جي وارتا ۾ لطيف مُکُ ڪردار سڏي ٿو، جنھن کي اسان اُھڃاڻي طور گهر جو ڀيدي ڄاڻون ٿا، جنھن جي رازداري سبب انيڪ اھڃاڻي بيتن جو ڇيد سولو ڪري سگهجي ٿو،حملا آور ھجن يا ديس جا بدخواه، ڪارو ڪاري جا مامرا ھجن يا عورت جي آزادي يا اظھار- مطلب تہ گهڻ پاسائون مخالف ڪردار نظر ايندو، خاص ڪري پنھنجي ٻھراڙي جي زندگي ۾ عورت مخالف روپ مختلف اذيتن جو سبب بڻجي ٿو، جيئن ذڪر ڪيل بيت ۾ سسئي جي سڀني ڀوڳنائن جو مرڪزي ڪردار ڏير ئي بڻجي ٿو، مطلب تہ سماجي واھپي عورت ذات لاءِ مڙس جي ڪردار کان وڌيڪ خطرناڪ ڪردار ڏير ثابت ٿيو آھي، جنھن جا سبب يقينن جھل جي ماحول کي ھٿي ڏين ٿا.
لُڇي ڪِينَ ڪُڇي ، آٽِي مُنڌَ اَندوھَ ۾،
پَرِ ۾ پيرُ پُڇي، لالَڻَ جو لَطِيف چَئي.
سسئي فڪر ۾ پيئي لڇي ۽ ڦٿڪي، پر واتان ڪين پيئي ڪڇي، ھوءَ اندر ئي اندر ۾ پيئي ڳري ۽ تڙپي، لطيف چواڻي تہ ھوءَ ڳجهہ ڳوھ ۾ پنھونءَ جي پيرن جي نشانن کي پئي جانچيدي وتي،
اظھار جي بندش بہ پنھنجي سماج جي مکيہ اوڻائي آھي، جنھن جو اثر جڏھن نفسياتي حدون بہ اورانگهي وڃي ٿو تہ نتيجتن خودڪشيون ،نسلي متڀيد، تاحيات دوائون يا خوني راند کي ھٿي ڏئي ٿو، گهريلو ويڙھ، رشتن ۾ جنگ، انائن جي پاسداري ، ڪاوڙ ،ڪروڌ ۽ لاقانونيت جو سبب بڻجي وڃي ٿو، جيئن پنھنجي سنڌ ديس جي 21 صدي جي بيھڪ انساني اوسر جي شروعاتي دؤر جي عڪاسي ڪندي ملي ٿي، جتي زندگي جي معني کسڻ، کائڻ ھيڻي ڏاڍي واري طبقاتي ڇڙواڳي جي چؤواٽي تي بيٺل غلاماڻي روشن جي نرسري ڀاسندي ھجي.
ڏِينھان ڏاريءَ ويسُ،راتين روئي رَتَ ڦڙا،
لَنڊِينِ جي لَبيس ، ھَلِجِ ھوتَ پُنھونءَ ڏي،
سسئي کي حاصلاتن پٺيان ڏينھن جو ٻھروپي واري روش اختيار ڪري ٿي ،جڏھن تہ رات جو (پنھنجي غفلت تي ) پڇتاوَ وِچان ڳوڙها ڳاڙھي ٿي،جڏھن تہ اي سسئي! توکي سدا سھاڳڻ وارو روپ ڌاري پرين ڏانھن ھلڻ گهرجي.
اسان جو سماج ايترو بگاڙ جي ور چڙھي چڪو آھي جي اڪثر طبقو پنھنجي روش ۾ ٻھروپي روش اختيار ڪري ھلي ٿو ،ھونءَ بہ طبقاتي سماج اھڙو رويعو ان ڪري بہ اپنائي ٿو جي ھو پنھنجو بچاءُ اھڙي روشن کي سمجهي ٿو، ھتي سسئي جي ٻھروپي ھجڻ نہ سمجهجي ان ڪري لطيف جي سسئي ھن سماج جي ھر فرد پاڻ کي سمجهي جيڪو بہ لطيف پڙھي يا لکي ڳائي يا ٻڌائي ٿو، مطلب تہ پنھنجي سچ کي ڳولھڻ لاءِ ڪوڙ جو سھارو ڇو ٿو ورتو وڃي؟ سسئي کي روپ ڇو ٿو بدلائڻو پوي،اھڇاڻي خيال ڇوٿا چيا وڃن وغيره، نتيجو اھو ٿو ظاھر ٿئي تہ اسان وٽ ھر ڳالھ کي سولي طريقي سان سمجهڻ جا قائل ناھيون، جنھن سبب اسان پنھنجي حرفتي انداز سان ذاتي مفادن کي اھميت ڏيون ٿا ۽ سڌي طريقي اختيار ڪرڻ واري روش کي جوکم سمجهون ٿا، تيئن نسل در نسل ھڪ ئي وقت ٻہ روپ رکندي ھاڻي ان کي عيب نٿا سمجهون، تيئن لطيف اسان کي سڌي روش يعني سچ تي پر اميد ٿي ھلڻ لاءِ اتساھي ٿو.