ڀٽ شاھه(ن پ ا) درگاھه شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين مصطفي حسين شاھه لطيفي جي صدارت ھيٺ شاھه لطيف فائونڊيشن لطيفي جماعت سانگھڙ، راڳائي فقيرن ۽ شاھه لطيف فائونڊيشن جي رضاڪارن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ درگاھه لطيف سرڪار تي ٿيندڙ قديمي راڳ  سجاده نشين پاران ٿيندڙ رسمن درگاھه شريف تي زائرين جي سھولتن ۽ حفاظتي قدمن کان علاوه مختلف معاملن تي ڳالھيون ڪيون ويون، جنھن تي فوري عمل ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو، ان موقعي تي قائم مقام سجاده نشين مصطفي حسين شاھه لطيفي چيو ته لطيف سائين جي درگاھه ھر مڪتبه فڪر جي ماڻھن جي روحاني فيض سڪون ۽ دعائن التجائن مرادن جي قبوليت جو اھم مقام آھي، پر موسم ۽ حالات جي پيش نظر اسان کي درگاھه تي زائرين جي حفاظت خدمت ۽ وڌيڪ سھولتن لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، ان معاملي ۾ سنڌ حڪومت ۽ واسطيدارن کي درگاھه شريف تي مڪمل ڌيان ڏيڻ گھرجي، مصطفي حسين شاھ لطيفي چيو ته درگاھه شريف تي ٿيندڙ لطيفي راڳ، توڙي قديمي رسمن دوران تقدس کي برقرار رکڻ سميت قائدن قانونن ضابطن جو احترام ڪرڻ ھر ھڪ تي ضروري آھي، ۽ انھن قديم رسمن ۽ روايتن کي برقرار رکڻ گھرجي، جنھن رسمن ۾ زائرين وڏي تعداد ۾ حاضري ڀرين ٿا، ھن چيو ته شاھه لطيف فائونڊيشن ۽ لطيفي جماعت درگاھه شريف تي خدمت کان علاوه لطيفي پيغام کي ڦھلائڻ ۾ عملي ڪردار ادا ڪيو آھي، پر ان کي اڃان وڌيڪ وسيع ڪيو وڃي.گڏجاڻي کي خطاب ڪندي مصطفي حسين شاھه لطيفي چيو ته لطيف سرڪار جي شاعري انسانيت جي لاءِ ھدايت رھبري لاءِ ھڪ روشني جي واٽ آهي، ھتي روحاني فيض ملڻ سان گڏ امن اتحاد سھپ ۽ رواداري ۽ انسانيت جي اھميت ۽ خدمت ڪرڻ جو درس ملي ٿو، ھن اظهار ڪيو ته شاھ لطيف فائونڊيشن پاران درگاھه جي صحن  تي زائرين جي خدمت واسطي شاھ لطيف فائونڊيشن پاران دسترخوان حضرت امام حسن عليه السلام ۽ طبي امداد لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپ  قائم ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي فقير قادر بخش خاصخيلي، فھد خان وساڻ، زوار ولي محمد شاھ، قنبر فقير لنجواڻي، انور فقير زوار بخت حسين بوداڻي، دادلو فقير لسڪاڻي، لکا ڏنو شاھي، فقير غلام حسين عمراڻي، جان محمد فقير، رب ڏنو فقير، عبدالعزيز ناپر ۽ ٻيا موجود ھئا.