طرابلس (م ڊ) لبيا ۾ داعش لاءِ ڪم ڪندڙ 23 ڄڻن کي موت جي سزا ۽ 14 کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب عدالتي حڪم نامي موجب ڄاڻايل سمورن جوابدارن سال 2015ع ۾ مختلف ماڻهن جي قتل ۾ ملوث مليا، لبيا جي هڪ عدالت جوابدارن کي ”اسلامڪ اسٽيٽ“ گروپ ۾ شامل ٿيڻ ۽ ان جي نالي تي ظلم ڪرڻ جو جوابدار قرار ڏيندي سزائون ٻڌايون. باغين جي هڪ گروهه 2015ع ۾ طرابلس جي هڪ هوٽل ۾ ترسيل پرڏيهين تي حملو ڪري قتل ڪرڻ کان پوءِ سندن منڍيون لاهي ڇڏيون هيون ۽ سيرت شهر تي قبضو به ڪيو  هو. ان کانپوءِ رياست جي خلاف بغاوت ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڪيس هلايو ويو. واضح رهي ته طرابلس جي ڄاڻايل هوٽل ۾ نه رڳو پرڏيهي ڪمپنيون موجود آهن انهيءَ شهر ۾ موجود پرڏيهي انهيءَ هوٽل ۾ رهندا آهن، ان کانسواءِ پرڏيهي سفارتڪارن ۽ سرڪاري اختيارين جي اچ وڃ به باقاعدگي سان ٿيندي آهي.