بيروت/ غزه/ تهران/ تل ابيب/ واشنگٽن/ ڪوپن هيگ (م ڊ) لبناني مزاحمتي ويڙهاڪ تنظيم حزب الله اسرائيلي فوج جي لبنان ۾ داخل ٿيڻ جي پهرين ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، حزب الله جي حملن ۾ 14 اسرائيلي فوجي مارجي ويا، 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، 3 ٽينڪون پڻ تباهه ڪيون ويون. آيت الله خامنه اي جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ يورپي ملڪ وچ اوڀر مان ڀڄي وڃن، ايندڙ حملو وڏي تڪليف ڏيندڙ هوندو، آمريڪي ميڊيا دعوي ڪئي آهي ته اسرائيل ڪجهه ڏينهن ۾ ايران تي وڏو حملو ڪندو، اسرائيل گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي دهشتگردن جو حمايتي قرار ڏئي ڇڏيو، سندس ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي مڙهي وئي، عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج اربع جي صبح جو لبنان جي سرحد وٽ قائم علائقي اڊيسه مان لبنان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوران اسرائيلي فوج ۽ حزب الله گوريلن جي اسپيشل انفينٽري رضوان فورس وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي، يهودي فوج جو جاني نقصان ٿيو، هوڏانهن اسرائيلي صبح جو سوير بيروت تي گهٽ ۾ گهٽ 14 ڀيرا بمباري ڪئي، بمباري کان اڳ پنهنجي شهرين کي علائقن مان 500 ميٽر پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي، لبنان مان اسرائيل جي اترين علائقن ۾ صبح کان تقريبن 100 راڪيٽ هنيا ويا، اسرائيلي فوجي دعويٰ ڪئي آهي ته لبنان مان ايندڙ راڪيٽن سان ڪو به ماڻهو زخمي ناهي ٿيو. يورپي ملڪ ڊنمارڪ جي گادي واري هنڌ ڪوپن هيگن ۾ اسرائيلي سفارتخاني ويجهو 2 ڌماڪا ٿيا، فورسز ٽن ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته ايران طرفان ايندڙ حملو وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿيندو، آمريڪا ۽ يورپي ملڪ وچ اوڀر مان ڀڄي وڃن،.اسرائيل تي حملي کانپوءِ سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ اسرائيل کي وارننگ ڏني. آيت الله خامنه اي پنهنجي بيان ۾ چيو ته الله جي مدد سان صيهوني رياست تي جيڪو حملو ڪيو ويندو، اهو هاڻوڪي حملي کان وڌيڪ سخت ۽ تڪليف ڏيندڙ هوندو. ان کان اڳ سپريم ليڊر جي ايڪس جي آفيشل اڪائونٽ تان آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان ٺهيل ميزائلن جي تصوير پوسٽ ڪئي وئي ۽ ان تي ”نصر من الله و فتح قريب“ لکيل هو، جڏهن ته ايراني فوج جي سربراهه اسرائيل کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايران تي حملو ٿيو ته اسرائيل جي سموري انفرا اسٽرڪچر کي نشانو بڻائينداسين. آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل به ايران تي ميزائل حملي جو جواب ڏيڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.ايران گذريل ڏينهن اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا هئا ۽ ان حوالي سان ايران جي پاسداران انقلاب جي دعويٰ آهي ته 90 سيڪڙو ميزائلن هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو.هاڻ آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي اختيارين ٻڌايو آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ايران تي حملو ڪيو ويندو، ايران جي تيل جي ٺڪاڻن ۽ اسٽريٽيجڪ هنڌن کي نشانو بڻايو ويندو اسرائيل ايراني ميزائيل حملن جي مذمت نه ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي دهشتگردن جو حمايتي قرار ڏيندي سندس ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي، اسرائيلي پرڏيهي وزير اسرائيل ڪاٽز چيو آهي ته ايراني حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ ۾ ناڪامي سبب انتونيو گوتريس اسرائيل ۾ غير مقبول بڻجي ويو آهي، جيڪو به شخص ايراني حملي جي چٽي مذمت نه ٿو ڪري سگهي اهو اسرائيلي سرزمين تي قدم رکڻ جو مستحق نه آهي، اسرائيل انتونيو گوتريس کانسواءِ به پنهنجي شهرين جو دفاع ۽ وقار برقرار رکي سگهي ٿو..