بيروت / غزه (م ڊ) لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله اسرائيل تي 120 راڪيٽ فائر ڪري ڏنا، هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو. اسرائيلي فورسز جواب ۾ لبنان تي وحشياڻي بمباري ڪري ڏني، 60 ماڻهو شهيد ۽ 163 زخمي ٿي پيا، صيهوني فوج جي حملي ۾ گڏيل قومن جي امن مشن فورس ۽ لبناني فوج جا اهلڪار به زخمي ٿيا. مختلف وقتن تي اسرائيلي فوج ۽ حزب الله ۾ وقفي وقفي سان ڇڪتاڻ هلندي رهي. اسرائيل پنهنجي هڪ فوجي جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. ٻئي طرف اسرائيلي فورسز غزه جي شاطي پناهگير ڪيمپ تي حملو ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ غزه ۾ اسرائيلي ظلم سبب وڌيڪ 62 ماڻهو مارجي ويا، حماس سڄي دنيا کي فلسطينين جي نسل ڪشي خلاف 3 ڏينهن احتجاج جي اپيل ڪري ڇڏي.