تل ابيب / غزه (م ڊ) اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب تي لبنان مان ميزائلن سان حملو ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب اتر اسرائيل ۾ حزب الله جي راڪيٽ حملي ۾ هڪ عورت مارجي وئي، 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻئي طرف اسرائيلي جهازن بيروت تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ان کان علاوه اسرائيلي فوج غزه ۾ پناهگيرن جي اسڪولن تي به حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 76 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ٻئي طرف اسرائيل ۾ رهندڙ ماڻهن غزه جي شهرين لاءِ موڪليل عالمي امداد کي ڦرڻ شروع ڪري ڇڏيو، گڏيل قومن جون 109 کاڌي پيتي جي سامان سان ڀريل ٽرڪون ڦري ويون.